تازيون خبرون

چئن صلاحڪارن جي استفيٰ ۽ گڊ گورنرس جو سوال …!!!!: غلا مصطفيٰ جمالي

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سجاد علي شاهه  مولابخش چانڊيو.سنيٽرسعيد غني ۽ اصغر جوڻيجو کي پنهنجي عهدي تان هٽائي ڇڏيو آهي نه رڳو کين پنهنجي عهدي تان هٽايو ويو آهي پر کين اها تاڪيد ڪئي وئي آهي ته هوُ عدالت ۾ ٻن ڏينهن اندر هڪ رپورٽ پيش ڪن جنهن اندر اهو ڄاڻايل هجي ته سندن پگهاريون ڪيتريون ۽ اختيارات ڪهڙا هئا،سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ٻه رڪني بئنچ مرتضيٰ وهاب کان قانوني حيثيت ۾ ڪيس واپس وٺڻ جي سلسلي ۾ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي پر جنهن وقت عدالت اندر ڪيس جي ٻڌڻي هلي ۽  عدالت اندر جيڪو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو ان ۾ مرتضيٰ وهاب کان قانوني صلاحڪار جو عهدو واپس ورتو ويو.جڏهن ته عدالت جو اهو ئي چوڻ هو ته ٽئي مشير مختلف سرڪاري کاتا سنڀالي رهيا آهن.جنهن ڪري کين عهدي تان هٽايو وڃي،جڏهن ته عدالت جو اهو به چوڻ هوُ ته هڪ صلاحڪار سنڌ صوبي جي هڪ وزارت هلائي رهيو آهي جنهن جي پگهار 12لک 80هزار آهي ۽ اهو سمورو پئسو اسانجي عوام جو پسئو آهي، پر حڪومت پنهنجي من پسند ماڻهن کي وزارتون ڏنيون آهن ان ڪري اهي ٽئي وزارتون پڻ واپس ورتيون وڃن جڏهن ته عدالت ٻه مهينا پهرين اهو لکيو به هو ته ڪوبه صلاحڪار سنڌ صوبي جو ڪوبه کاتو استعمال نه ٿو ڪري سگهي ان ڪري صلاحڪارن جيتري به پگهار سرڪار طور تي کئني آهي اها به سمورو واپس ورتي وڃي، ان ڪري سوچڻ جهڙي ڳالهه اها آهي ته سنڌ صوبي جي چيف جسٽس جو بيان پنهنجي جاءِ تي هڪ بهترين عمل آهي جنهن کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي،پر اتي سنڌ صوبي اندر گڊگورنرس جو به هڪ هڪ وڏو سوال آهي.؟ ته ڇا سنڌ صوبي اندر گڊ گورنرس آهي.؟ جڏهن ته پ پ طرفان هيمِشه صوبي جي ترقي جي دعوي ڪئي ويندي آهي، جيڪا صرف ۽ صرف چوڻ جي بيناد تي هوندي آهي باقي سنڌ اندر پ پ جيڪا ترقي عوام کي ڏني آهي اها سڀني جي سامهون آهي،پ پ هن وقت وفاق خلاف بيان ڏئي رهي آهي ته وفاق صوبي پنجاب اندر ڪرپشن جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن،پر ڏسڻو اهو آهي ته جتي پنجاب صوبي اندر ڪرپشن آهي اتي سنڌ صوبو انهي ڪرپشن کان ڪيترو آجو آهي ڇا.مڃون ٿا ته پنجاب صوبي ۾ به ڪرپشن آهي ۽ اتي جا وزير به ڪرپشن ڪن ٿا، ۽ عوام جو پسئو پنهنجي عياشين ۽ ٻين ڪمن تي خرچ ڪن ٿا، جن جو به احتساب ضروري آهي. پر اسان سنڌ صوبي ۾ رهون ٿا اسانکي سنڌ صوبي جي ڪرپشن جو رڪارڊ گهرجي. ۽ سنڌ جي وزيرن مشيرن جو احستاب گهرجي، ته انهن عوام جو پسئو ڪئين ۽ ڪٿي خرچ ڪيو،اسانجو وفاق ۾ ڇا وڃي،ڪنهن  وقت مولابخش چانڊِيو،سنيٽر سعيد غني، روزاني ڪنهن به ڪنهن چيئنل تي ويهي ڪري وفاق خلاف پيا لڳائيندا هئا پر اڄ خد انهي احتساب اندر ڦاسي پيا آهن،انڪري اهو انهن لاءِ ضروري هو ته جتي انهن وفاق تي ويهي ڪري ڇهه ڇنڊيا اتي تورڙو پنهنجي دامن ۾ جانجي ڏسن هان ته مان سمجهان ٿو ته اڇا ڪارا ڇڻي پون ها.ان وقت مولا بخش چانڊيو سميت جيڪي ماڻهو عهدي تان هٽايا ويا آهن مان سمجهان ٿو ته جيڪڏهن اهو حڪم چيف جسٽس جو نه هجي ها ته اهي ڪڏهن به پنهنجي عهدي تان نه هٽايا وڃن ها.ڇو ته کين اهو عهدا عوام جي خدمت لاءِ ٿورئي ڏنا ويا هئا ته هي عهدا وٺو ۽ وڃِي عوام جي خدمت ڪيو، اهي عهدا ته انهن کي صرف ۽ صرف ونڊ ورڇ لاءِ ڏنا ويا هئا،ڇو ته جيڪڏهن عوام جي خدمت لاءِ ڏنا وڃن ته ها سنڌ صوبي جو چيف جسٽس هرگز اهڙي عهدي کي هٽائڻ جو حڪم نه ڏي ها. جيڪو عهدي عوام جي خدمت لاءِ هو،پر اهو عهدو صرف ۽ صرف غريب مسڪين عوام کي وڌيڪ آزار ۾ وجهڻ لاءِ هو،جڏهن ته رڳو سنڌ صوبي جي گادي واري شهر ڪراچي تي نظر وجهون جنهن لاءِ اريبن رپيا جا فنڊ ايندا آهن ته ڪراچي جي حالت سڌرڻ بجاءِ ويتر خلاب ٿيندي پئي وڃي،

هن وقت ڪراچي جي صاف سٿرو ڪرڻ لاءِ چين مان مشينون گهرايون ويون آهن پر ڪم ڪٿي به ڏسڻ ۾ نه پيو اچي ڪراچي جي شهر اندر هر طرف ڪچري جا ڍير لڳا پيا آهن،جڏهن ته ٻئي پاسي ڪراچي جي ميئر جو رڙيون لڳيون پيون آهن ته وٺس صرف ۽ صرف عهدو آهي ته اختيارات وٺس ناهن،انڪري بهتر اهو ٿيندو ته وزيراعلي سنڌ ڪراچي جي ميئر جو رڙيون ٻڌي ڪري سندس رڙين جو ازالو ڪري،ڪراچي شهر جي سڌارڻ لاءِ جيڪي اختيارات هڪ ميئر وٽ هجن اهي کين ڏيڻ گهرجن ته بهتر ٿيندو،ڪراچي پاڪستان جو وڏي ۾ وڏو ۽ هڪ بهترين ۽ خوبصورت شهر آهي ۽ ان شهر جو اهو حق آهي ته کيس بهتر ۽ خوبصورت بڻائي ڪري صاف سٿرو ڪيو وڃي،جڏهن ته ڪراچي جي ڀيٽ ۾ پاڪستان جي شهر لاهور تي نظر وجهنداسين تي فرق صاف نظر ايندو ڇو ته لاهور اندر تمام گهڻي صفائي آهي ۽ هڪ تاثر اهو به آهي ته پنجاب اندر گڊگورنرس آهي،پر سنڌ صوبو انهي جي ڀيٽ اندر نه گڊگورنرس آهي ۽ نه ئي سنڌ صوبي جو اعليٰ اختياريون ڪو ڪم ڪري سگهن پيون،سائين قائم علي شاهه جي دور اهو ته اهو عام چيو ويندو هو ته عمري گذري وئي آهي عهدو سنڀاليندي سنڀاليندي پر سنڌ نه سنڀالي سگهيو آهي، پر هاڻ ته اهو جهونو سائين به ته هليو ويو آهي، سندس جاءِ تي هڪ نوجوان ۽ ڄاڻو وزيراعليٰ اچي چڪو آهي ته سندس ڪارڪردگي مان سنڌ کي ڪهڙو فائدو ٿيو آهي، اهو به هڪ سوال آهي جنهن جو سنڌ حڪومت وٽ به ڪو جواب ناهي.هن وقت نئون وزيراعلي سنڌ پوري ڪراچي جا دورا ڪري رهيو آهي ۽ بنا ڪنهن پروٽوڪول جي به گاڏي مان لهي ڪري عوام ۾ رلي ملي وڃي ٿو پر مان سمجهان ٿو ته رڳو دورا ڪري ۽ عوام سان ملڻ سان ته مسئلا حل نه ٿيندا انهن لاءِ ڪارڪرگي گهرجي عمل گهرجي سنجيدگي هجڻ گهرجي.ڪراچي لاءِ اربين رپيا خرچ ڪيا پيا وڃن پر ڏسڻ ۾ ڪٿي به نه پيو اچي ته اهي پئسا ڪٿي خرچ ڪيا پيا وڃن انڪري عهدي ۾ تبديلي سان جيڪڏهن صوبي جي ترقي ۾ تبديلي اچي ته پوءِ انکي حقيقي تبديلي جو نالو ڏئي سگهجي ٿو.پر جيڪڏهن ائين ناهي ۽ تبدلي رڳو عهدن جي آهي ته پوءِ روئڻ آهي پٽڻ آهي ٻيو ڪجهه به نه.، .

 

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *