تازيون خبرون

ڀٽائيءَ جي آڳند جو تقدس اسان کي عزيز آهي: رکيل مورائي

مونکي ياد ٿو اچي ته شعوري عمر ۾ اچڻ کان وٺي هڪ خواهش دل ۾ رهندي هُئي ته سنڌ جي سداحيات بزرگ مخدوم محمد زمان لنواريءَ واري جي درگاهه جي زيارت ڪريان، ورهيه گذري ويا، ڪراچيءَ ۾ رهڻ کانپوءِ پنهنجي دوست ۽ شاعر علي حسن چانڊئي سان گڏ سندس ڳوٺ وڃڻ لاءِ ۽ سندس والد محترم جي وفات جي تعزيت ڪرڻ لاءِ تيار ٿيو هوس،کيس چيو هيم ته مخدوم صاحب جي زيارت ڪرڻ جي خواهش پڻ اٿم ۽ ائين جڏهن اُتي پهتا هئاسين ته هڪ حيرت ڏياريندڙ جهان هُئو. سنڌ جي هڪ وڏي عالم جي ۽ شاعر جي درگاهه جي  زيارت ته پري کان نصيب ٿي پر ماحول اکين ۾ پاڻي آڻڻ جهڙو هئو. هڪ خاص حد کان اڳتي پوليس جو پهرو هُئو. جنهن ڪري اسين وڃي نه سگهياسين. هڪ امن جو اوتارو ائين ٿي ويندو، عجب جهڙي ڳالهه هُئي.

ساڳئي عجب جهڙي ڳالهه ويجھڙ ۾ سنڌ جي پيغمبر شاعر ڀٽائيءَ جي درگاهه جي آڳند ۾ پڻ ڏسڻ ۽ ٻڌڻ ۾ آئي آهي،تڪڙي آس اها آهي ته جيڪي ڪجهه ٿي رهيو آهي، اهو ائين نه ٿئي.  ۽ ان کانپوءِ اهم ڳالهه اها آهي ته ڀٽائي اهڙو شخص آهي، جنهن سان سنڌي ماڻهن جو تعلق توڻي جو سندس خانداني بزرگيءَ سبب به آهي، پر هُو دنيا  لاءِ هڪ امن ۽ آشتيءَ جو پيغام ڏيندڙ شاعر آهي.  پنهنجي ماڻهن لاءِ سنڌي تهذيب، تمدن ثقافت ۽ وطن جي ماڻهن لاءِ سڀ ثقافتي ۽ اخلاقي قدر پڻ هن جي پيغام ۾ آهن. جن قدرن جي تلاش، اڄ سنڌ کان ٻاهر جا عالم، اديب ۽ شاعر ڪري رهيا آهن، اهي سڀ قدر اسين هٿن مان ڇڏي رهيا آهيون ڇا؟

اڄ جڏهن ڀٽائيءَ جي اها اوطاق جنهن مان وحت جي وائيءَ جو آواز ايندو هُئو، جنهن اوطاق ۾ جڏهن ڀٽائي جي پياري، تمر جو اولاد، سُر سامونڊي آلاپيندا آهن،  ته رڳو رباب ٿي پونديو آهن، جڏهن سورٺ جھونگاريندا آهن ته، جھونا ڳڙهه جُھرندي محسوس ٿيندو آهي، جھروڪ ۽ جهانءِ پوندي آهي، ٻانهيون ۽ ٻايون ٻاڪارڻ شروع ڪنديون آهن ۽ جڏهن دنبوري تي ڌڪ هڻي ڪاموڏ شروع ڪندا آهن ته ڪينجھر ڀٽائيءَ جي آڳر ۾ لهي ايندي آهي، ماحول هندوري جيان لڏڻ لڳندو آهي.

هُو ڪلياڻ جي پهرين سٽ کان شروع ڪندا آهن ته

اول الله عليم، اعليٰ عالم جو ڌڻي

۽ جڏهن ڪيڏاري تي پهچي غم مان واڪو ڪندا آهن ته

رڻ گجيو راڙو ٿيو،

ته آڪاس اونداهو ٿي ويندو آهي، پرههَ ڦٽيءَ آسمان سان رٽ ٽمڻ لڳندو آهي ۽ ڪربلا جو واقعو اکين اڳيان تري ايندو آهي.

ان اوطاق تي جڏهن پوليس جو پهرو هجي تڏهن پڪ ٿئي ته اهو ڀٽائيءَ جو آڳر/اوطاق نه آهي. يا اهو ڀٽائي نه آهي. يا ڀٽائيءَ جي اها سنڌ نه آهي، جنهن لاءِ پاڻ چيو هئائين ته:

سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سُڪار

سندس دعا  کانپوءِ جڏهن سنڌ جي سُڪار ڏي ٿو ڏسجي ته اهو سندس آڳر ۾ ئي نه رهيو آهي، سهپ جو سُڪار، رواداريءَ جو سُڪار، محبت جو سُڪار، جڏهن سندس آڱڻ مان ئي گم ٿي وڃي ته پوءِ اسان کي سندس، سندس، پونيئرن ۽ سنڌ بابت وري، نئين سِر سوچڻو پوندو.

ڀٽائي سنڌ جو قومي رهبر به آهي ته روحاني رهبر پڻ!  اڄ جي ڪڏهن  ان جي آڳند تي سياست جو نانگ سُري آيو آهي ته اهو اسان کي ڪڏهن به قبول نه پوندو، ڇاڪاڻ ته اهو پنهنجي زهر سان سڄي آڳند کي زهريلو بڻائيندو، جنهن کان ڀٽائيءَ سنڌ کي بچايو آهي. هو اسانجو ثقافتي امام آهي، هُو سنڌ جي اها سڃاڻپ آهي، جيڪا ورهين کان سياست جي دز ۾ سنڌ وڃائي ويٺي آهي، ان سنڌ کي ۽ ڀٽائيءَ جي آڳند کي ڪنهن به اهڙي دز کان بچائڻ جا اسان خواهش مند آهيون.

نهايت عاجزيءَ سان چوڻو ۽ لکڻو ٿو پوي ته، ڀٽائي سائين جي سجاده نشينن جون پنهنجو رنجشون  ۽ باريڪيون پنهنجي جڳهه تي پر ڀٽائيءَ جي آڳند ۾ اهي رنجشون ۽ خانداني روشون نه اچڻ گهرجن. پڪ سان سنڌ وٽ هڪُ ئي اهڙو آڳند ته بچيو آهي، جتي سڀ سنڌي، پنهنجا هزار الڳ ويچار رکندي به گڏ هوندا آهيون ۽ گڏجي ويهي کيس ٻڌندا آهيون، اسان اکيون ٻوٽي پنهنجي سموري وجود کي ڪَنَ ڪري ويهندا آهيون ۽ ڀٽائي اسان کي ڏاڍي پيار منجھان چوندو آهي،

ويٺي جنين وٽ، ڏکندو ڏور  ٿئي،

تون تنين سين ڪٽ، اوڏا اڏي پکڙا، اسان جي ويڇن ۽ وڇوٽين کي ڏسي کيس ڏاڍو ڏک ٿيندو آهي ۽ هُو آواز تي زور ڏيئي چوندو آهي.

وڳر ڪيو وتن، پرت نه ڇنن پاڻ ۾

پسو پکيئڙن، ماڻهئا ميٺ گهڻو.

۽ اڄ جڏهن سندس ئي آڳند مان، ان پريت ڇنڻ جو آواز اڀري اچي ته پوءِ هنن سنڌي سٻاجھڙن جو ڇا ٿيندو، جن هُن کي پنهنجو روحاني رهبر ۽ قومي رهبر مڃيو آهي. ٿيڻ ته ائين گهرجي ته ڀٽائيءَ سائينءَ جو مرتبو رکندي، انهن سڀن سان محبت جو ۽ پيار جو رشتو ڳنڍيو اچجي، اهو رشتو جيڪو ڀٽائيءَ پاڻ جوڙيو هئو، پاڻ ڳنڍيو هُئو، تڏهن ته چيو هُئائين ته:

گولا جي گولن جا، تن جو ٿي ءُ غلام

ته تانگا تنهنجو نام، لکجي لاهوتين سين

ڀٽائيءَ جو آڳند اسان سڀني لاءِ مقدس آهي، ان ڪري ان تي پوليس جا پيرا ٺيڪ نٿا لڳن.  جنهن آڳند تي اسان پنهنجا نيڻ نڇاور ڪندا آهيون، وار وڇائيندا آهيون ان آڳند تي اڄ پوليس جو پهرو ۽ پوليس جا پيرا ڏسي، اسان جو وساهه  ٽٽڻ لڳو آهي.

ان ڪري احترام مان هن آڳند  جي وارثن کي گذارش آهي ته ان آڳند جي تقدس کي برقرار رکيو وڃي، جيڪڏهن ان آڳند جو تقدس نه رهيو ته ان کانپوءِ باقي جيڪو به ڪجهه بچي ٿو  ان جو به ڪو احترام نه رهندو، ڇاڪاڻ اڄ جو قبول ڪيل احترام فقط ۽ فقط ان آڳند  جي معرفت آهي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *