تازيون خبرون

ڀارت جون جاسوسي ڪارروائيون ۽ ڪلڀوشن يادوڪيس : ليکڪ: صدام شاهه

جاسوسي فوجي تاريخ ۾ هميشھ جنگ جو هڪ لازمي ۽ غير اخلاقي حصو رهيو آهي، جڏهن ته ان جو طريقيڪار سڪيورٽي جنگ ۽ سياست جي متحرڪ نوعيت سان گڏوگڏ پکڙجي رهيو آهي. دنيا انسانيت جي لاءِ اٿندڙ آوازن سان ڀريل آهي،ان ۾ جاسوسي جو نظام جيڪو عام ماڻهن جو قتل عام جي پٺڀرائي ڪري ٿو ته اهو گهڻو تڪراري ۽ ضدي لڳندو آهي.

جڏهن ته پاڪستان ڀارت جي خلاف اسٽرٽيجڪ مزاحمت  طور تي ڪامياب ايٽمي تجربا ڪري طاقت جو توازن برقرار رکڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ته ڀارت جي لاءِ پنهنجي برتري برقرار رکڻ جو واحد رستو هي بچيو آهي ته هو عسڪري طاقت جي علاوه تمام شعبن ۾ پنهنجي مخالف جي اسٽرٽيجڪ استحڪام جو مقابلو ڪرڻ لاءِ عدم استحڪام جي حوصلا افزائي سان هڪ هائبرڊ جنگ جاري رکي ۽ روايتي جنگ يا پيش بندي جوهري حملن جي بغير دشمن کي شڪست ڏيڻ جي ڪوشش ڪري.

غير ملڪي حمايت يافته غير رياستي ۽ رياستي عنصرن جي نتيجي ۾ هزارين پاڪستاني شهرين ۽ فوجين جون جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن. جنهن ۾ ڪيترائي سياستدان ۽ حڪمران پڻ شامل آهن، ڪراچي جيڪو  سڀ کان وڌيڪ آبادي وارو شهر ۽ قومي اقتصادي مرڪز آهي، بدترين ڇڪتاڻ جو شڪار آهي، جڏهن ته بلوچستان جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ سياسي بي اعتباري جي ڪري صرف ماڻهن ۾ احساس محرومي پيدا ٿي آهي ۽ انهن ۾ ڪاوڙ جي لهر جو سبب به بڻيو ۽ ان سان گڏوگڏ کليل غير محفوظ سرحد آهي. جيڪا ان جي مفيد جاگرافيائي حيثيت جي ڪري ان کي پراڪسڪي زمين جي طور تي استعمال ڪئي وڃي ٿي. جيڪڏهن  پاڪستان جو هر شهري ان صورتحال کان اڻڄاڻ رهيو آهي. پر ڪراچي ۽ بلوچستان هڪ ٻئي سان شڪايتون ۽ نمايان نسلي، فرقيواراڻين ۽ سياسي ڇڪتاڻ جي وجهه سان سڀ کان وڌيڪ ڪمزور حدف رهيا آهن.

دهشتگردي جا سياسي مقصد مختلف ٿي سگهن ٿا پر ان جو مقصد عوام کي دهشت زده ڪرڻ آهي. مسلسل بم ڌماڪن سان ماڻهن ۾ سلامتي ادارن جي نااهلي جي باري ۾ وڌيڪ خدشن کي واضع طور تي هٿي ملي ٿي ۽ ان سان گڏوگڏ رياستي نظمي خاميون جي وجهه سان پيل عدم اطمينان جي کوٽ جي سبب ڪري بي يقيني جي شدت ۾ تيزي سان اضافو ٿيندو آهي. ان جي باوجود هن وقت تائين مختلف آپريشن ۾ زبردست ڪاميابيون مليون آهن. پراڃا تائين خطري کي ختم ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل نه ٿي سگهي آهي جڏهن ته پاڪستان ان نوعيت جو واحد ڪيس ناهي.

پاڪستان جي طرفان هڪ سزا يافته هندوستاني بحريه جي حاضر سروس آفيسر جي انساني بنياد تي پنهنجي گهرواري ۽ امڙ سان ڪرايل ملاقات هندستاني ذريعن موجب ڳڻتي جوڳي ڪيفيت پيدا ڪرڻ ۽ ان جي پروپيگنڊا جو مقابلو ڪرڻ جو هڪ موقعو هيو ته پاڪستاني ميڊيا طرفان ان جو جواب ڏنو ويو آهي، جيڪو عسڪري ۽ سفارتي محاذ تي هڪ ٻئي کي گهٽ ڪرڻ جو اعتراف معلوم ٿيندو آهي.

پاڪستان ۽ هندوستان جي وچ ۾ جاري ٻٽي ڪارپوريٽ ميڊيا جي جنگ جنهن ۾ سياستدانن جي بيان بازي سان گڏ سياسي مفادن جو به ٽهڪڙو آهي. پرتازن ويڊيو بيانن ۾ جنهن طرح سزا يافته ايجنٽ ڀارت ۽ پاڪستان جي حڪومت جو شڪرگذار ادا ڪندي ان ملاقات جي باري ۾ ڳالهه ٻول ڪئي اهو ڪهاڻي جو هڪ الڳ رخ بيان ڪري ٿو. جيڪو پاڪستان جي موقف جي واضع حمايت ڪري ٿو پر پاڙيسري ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن ۾ خرابي به ظاهر ڪري ٿو، جيڪا ڳالهه يا بيڪ چينل سفارتڪاري جي لاٰءِ اشارو ٿي سگهي ٿو.

2013ع ۾ پاڪ چين اقتصادي راهداري جي شروعات ٿي ۽ ان سال ئي يادو کي هڪ ڳجهي مشن لاءِ چونڊيو ويو، ان کي چابهار جي ايراني سامونڊي شهر ۾ مقرر ڪيوويو. جتي هو اصل پاسپورٽ تي جعلي مسلم نالي سان رهي رهيو هو ۽ گذريل هڪ ڏهاڪي کان پنهنجو نام نهاد ڪاروبار هلائي رهيو هو جهڙي ريت اسلام آباد مان هڪ جاري ڪيل ويڊيو بيان ۾ هن اعتراف ڪيو.. جنهن کي عوامي سطح تي نشر ڪيوويو. جڏهن ته ڀارت چابهار بندرگاهه ۾ 20 ارب ڊالر سرماياڪاري ڪئي آهي. هن سال ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي تقرير ۾ زباني طور تي بلوچستان ۾ بغاوت جي حمايت ڪئي ۽ هن ئي سال ڀارت سيپيڪ بابت خدشن جو اظهار ڪيو . هي تمام واقعا هڪ ٻئي سان جڙيل آهن، جن جو گهرو تجزيو ڪري سگهجي ٿو ۽ ممڪن طور تي اميد ڪئي ويندي هئي ته سي پيڪ جي اهڙي اهم قدم مان پهرين ان کي مدنظر رکيووڃي.

جتي جمهوري اقتدار ۾انساني حقن تي ٻڌل آزاداڻو ٽرائل ۽ ٻيا فائدا شامل هجن، جتي ميڊيا جي به آزادي هجي جنهن تي عوامي هنڌن تي حفاظتي ادارن طرفان ڪا پابندي لاڳو نه هجي ۽ پوءِ ان تي ٿيندڙ ڀارتي تنقيد بنا جواز آهي . ايتري حد تائين جو پاڪستان طرفان يادو جي خاندان لاءِ قومي ڀارتي ۽ عالمي ميڊيا جي موجودگي ۾ پريس ڪانفرنس جي تجويز آڇي وئي جنهن کي هندستاني هاءِ ڪميشن طرفان نامنظور ڪيوويو يقينن اهو دنيا جي سڀ کان وڏي جمهوريت جي جمهوري قدم تي سوال پيدا ڪري ٿو. ايران مان جادو جي اغوا جي ڀارتي/ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 01

دعويٰ ٻن دوست ملڪن وچ ۾ لاڳاپن کي نشانو بڻائڻ جي ڪوشش لڳي رهيو هو جهڙي ريت ايراني سفارتخاني اظهار ڪيو ۽ جڏهن ايراني صدر روحاني اسلام آباد جو دورو ڪيو ۽ ان کانپوءِ ايران به ان معاملي جي جاچ ڪئي ۽ پاڪستان جي درخواست تي ان کي سهڪار ڏنو جنهن سان پاڪستان کي شاهديون آڻڻ ۾ مدد ملي. ٻئي ڳالهه ته جيڪڏهن اهو اغوا ٿئي ها ته ايران طرفان سخت ردعمل جي اميد ڪئي وئي پر ائين نه ٿيو.  ائين لڳي ٿو ته پاڪستان خلاف سرجيڪل اسٽرائيڪ جي ڪوڙي ڀارتي دعويٰ کي هتي پاڪستان طرفان ايران جي خلاف منسوب ڪرڻ جي ڪوشش هئي جيڪو نه مالديپ آهي ۽ نه ئي نيپال يا افغانستان ان لاءِ جڏهن ڀارت کي پنهنجي بيان جي اثر جو اندازو ٿيو ته ان کي جيش العدل سان جوڙي ڇڏيو. نئي دهلي جي الزام موجب ان تنظيم اغوا ٿيل ڀارتي شهري کي پاڪستان کي وڪرو ڪري ڏنو.

پاڪستان طرفان ملاقات جي آڇ انساني همدردي جي بنياد تي هئي يا نه ، پر اها ڳالهه قابل بحث آهي ته پر هي ڪيس  کٽڻ ٻنهي ملڪن لاءِ هڪجهڙي اهميت رکي ٿو. پاڪستان کي دنيا ۾ اها ڳالهه ثابت ڪرڻ لاءِ قانوني طور تي جواب ڏيڻ گهرجي ته ڀارت ان جي خودمختياري ۽ سرزمين تي منظم دهشتگردي جي سرگرمين جي وسيع سلسلي ۾ ملوث آهي. ٻئي پاسي ڀارت پاڪستان ۾ واضع طور تي اسپانسپرڊ دهشتگردي جي ڪارروائين خلاف تنقيد ڪنهن به قسم جي آوازن کي روڪڻ جي لاءِ پاڙيسري ملڪن کي متوجهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.

هندستان طرفان اهو ڪيس عالمي انصاف جي عدالت ۾ داخل ڪيو ويو. ان جي ابتڙ ڀارت ٻين جاسوسن جي معاملن کان مسلسل انڪار ڪندو رهيو آهي. پر ڪلڀوشن جي معاملي ۾ هندستان اهو اعتراف ڪيو ته هو ڀارتي بحريا فوج جو اڳوڻو آفيسر آهي جڏهن ته سندس چوڻ آهي ته ان جو ايران ۾ قانوني ڪاروبار آهي. ميڊيڪل رپورٽ موجب هڪ صحت مند عسڪري پروفيشنل طرفان ان ملاقات بعد جاري ڪيل اعترافي ويڊيو ڪا معمولي ڳالهه ناهي ۽ ڀارتي حڪومت وٽ دنيا کي ان معاملي جي شفافيت ثابت ڪرڻ جي لاءِ ٻيو ڪو به رستو نه هيو ته هو گڏيل قومن جي عدالتي اداري ۾ پنهنجي قانوني بازي کيڏي پر ان کي ڪلڀوشن ڪيس ۾ شڪست کائڻ گهڻو مهانگو پئجي سگهي ٿو. عالمي انصاف جي عدالت ۾ وڃڻ بعد ڀارت پاڻ هڪ اهڙي مسئلي ۾ ڦاسي ويو آهي جنهن مان کيس ڪنهن به قيمت ۾ ٻاهر اچڻ گهرجي. جڏهن ته پاڪستان لاءِ هي هندستاني ڳجهين پاليسين کي قانوني طور تي شڪست ڏيڻ جو هڪ موقعو آهي جيڪو پاڪستان جي اندر دهشتگردي  کي واڌارو ڏيڻ جي ڀارتي ڪوششن کي گهٽ ۾ گهٽ ڪجهه سالن تائين ڏکيو بڻائي ڇڏيندو. سڀ  کان اهم ڳالهه اها آهي ته پاڪستاني شهرين کي ڪنهن به حد تائين انهن جي رياستي ادارن تي اعتماد ۽ سڪيورٽي تي اطمينان جو سبب بڻجندو.

جهڙي ريت پاڪستان جي پرڏيهي  وزارت پريس ڪانفرنس ۾ تصديق ڪئي آهي ته اها سندس خاندان سان آخري ملاقات نه هئي ۽ قونصل خاني واري پهچ جيڪا اڃا تائين ناهي ڏني وئي ان جي ڏيڻ جو به امڪان ناهي ۽ نه ئي هو قانوني طور تي ان ڳالهه لاءِ پابند آهن جهڙي ريت پاڪستان طرفان عالمي انصاف جي عدالت ۾ چيو ويو. پر اهڙو ان صورت ۾ ممڪن آهي جڏهن هندستان ڪيس جي جاچ ۾ تعاون جي  لاءِ اتفاق ڪري جنهن تي انهن ڪيس جي ٻڌڻي ۾ اتفاق نه ڪيو. جڏهن ته ڪجهه شرطن تي رحمدلي جو حل به موجود آهي . ان سان اهو اشارو ملي ٿو ته پاڪستان ۽ ڀارت وٽ اڃا تائين ٻيا اختيار موجود آهن پر اهم اختيار اهو بچي ٿو ته ٻئي ملڪ انصاف جي عالمي عدالت ۾ قانوني طور تي اهو ڪيس وڙهن ۽ اهو پاڪستان جي حق ۾ وڃي سگهي ٿو. جيڪڏهن هو اطمينان بخش دليلن سان گڏ ٺوس ثبوت فراهم ڪري جيڪي پاڪستان کي لازمي ڪرڻ گهرجن.

اهو معاملو هڪ رياست جي اندر ڳجهين ڪارروائين  ۾ ملوث هڪ شخص کي ڦاهي ڏيڻ جوناهي جهڙي ريت اعتراف ڪيو ويو آهي ته اهو ثابت ڪرڻ جي باري ۾ آهن ته ڀارت نه صرف پاڪستان ۾ مالي طور تي منظم دهشتگردن حملن جي حمايت ڪرڻ بلڪه ان لاءِ بنيادي افرادي وسيلا پڻ فراهم ڪري ٿو.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *