تازيون خبرون

ٿرکي ڀائنيون ٿوڪ…..!! : ڊاڪٽر عظميٰ جوکيو

ٿر جيڪو سنڌ جو خوبصورت ۽ قدرتي نعمتن کان مالا مال علائقو آهي هي سنڌ جو واحد ضلعو آهي جنهن جا ڪيترائي منصوبه سي پيڪ ۾ شامل آهن، انهن منصوبن ۾ گوڙاڻو ڊيم وارو منصوبو به شامل آهي، گوڙاڻي ڊيم واري ايريا ۾ 532 ايڪڙ زمين سروي واري آهي جڏهن ته 968 ايڪڙ زمين سرڪاري آهي، گوڙاڻي ڊيم ۾ ٿر ڪول بلاڪ 2 مان ڪوئلي جي کوٽائي دوران نڪرندڙ زهريلي پاڻي جو ڇوڙ ڪيو ويندو، جڏهن ته باقي 12 بلاڪن جو پاڻي ڪٿي ڇوڙ ڪيو ويندو ان لاءِ مختلف ڪمپنيون ۽ ٿر فائونڊيشن پلان ٺاهن پيون، ٿر جي ترقياتي منصوبن لاءِ حڪومت سنڌ پاران ٿر فائونڊيشن نالي ڪاميٽي قائم ڪئي وئي آهي ان ڪاميٽي ۾ صرف هڪ مقامي  ميمبر ايم پي اي ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي کنيو ويو آهي جو ٿر جو نه بلڪه حڪومت جو نمائيندو آهي، ٿر جي معاملن ۽ منصوبن ۾ انهن ماڻهن کي ترجيح بنيادن تي کنيو ويو آهي جن کي ٿر جي مسئلن ۽ ٿر بابت ڪابه ڄاڻ ناهي، اهو ڪو پهريون ڀيرو ناهي ٿيو جو ٿر جي مسئلن تي اتان جي مقامي ماڻهن کي نظر انداز نه ڪيو ويو هجي، ٿر جي مسئلن تي هميشه حڪومت غير مقامي ماڻهن کي فرنٽ لائين طور کڻندي آهي، جيئن سنڌ جي قومي ايشوز تي قومي ميڊيا جي ٽي وي ٽاڪ شوز ۾ پنجاب ۽ ڪراچي جي غير سنڌين، غير مقامي ۽ انهن مسئلن کان اڻ ڄاڻ سياستدانن، اديبن ۽ دانشورن کي گهرائي انهن کان نه صرف بحث ڪرايا ويندا آهن بلڪه انهن کان انهن مسئلن جي حل بابت تجويزون پڻ ورتيون وينديون آهن، ٿر جنهن جي ترقي تي پاڪستان ۽ ٿر کان ٻاهر ويٺل سنڌ جي ماڻهن کي خوشي ته ضرور آهي پر اتان جا مقامي ٿري پنهنجي ترقي تي خوش ٿيڻ بدران پنهنجي بربادي ۽ تباهي مٿان ماتم ڪرڻ تي مجبور آهن، گوڙاڻي ڊيم جي متاثرين جي بک هڙتال کي جڏهن ٻه مهينا مڪمل ٿيا ٺيڪ ان ڏينهن اسان سنڌ نيشنل تحرڪ ۽ ناري تحريڪ جي مرڪزي وفد سان گڏ اسلام ڪوٽ پريس ڪلب آڏو قائم بک هڙتالي ڪئمپ تي همدردي خاطر پهتاسين، ٻن مهينن کان ڊيم متاثر سخت سردي ۾ پنهنجي معصوم نياڻين ۽ عورتن سان گڏ انصاف جي اوسيئڙي ۾ ويٺل هئا، سندس مطالبا هئا ته ڊيم جو هنڌ تبديل ڪيو وڃي ڇو جو ڪوئلي جي کوٽائي دوران نڪرندڙ زهريلي پاڻي سان اسان جي 12 قديمي ڳوٺن جي 15000 کان وڌيڪ آبادي متاثر ٿندي، چوپائي مال جون چراگاهون ۽ سوين ايڪڙ زمين سان گڏ مال متا، جنگلي جيوت ۽ جنگلات تباه ٿي ويندا هنن جو چوڻ هو ته جنهن جڳهه تي ڊيم ٺاهيو پيو وڃي ان جڳهه کي به ماحولياتي ۽ سماجي اڀياس جي اداري مقامي ماڻهن لاءِ نقصانده قرار ڏنو هو پر سنڌ اينگرو ڪول مائننگ ڪمپني ۽ ٿر فائونڊيشن پاران زبردستي ان هنڌ تي ڊيم ٺاهيو پيو وڃي ڇو جو ان هنڌ تي گهٽ لاڳت تي ڊيم تعمير ٿي رهيو آهي صرف مفادن خاطر سوين ٿري خاندانن جي بلي چاڙهي ڊيم تعمير ڪيو پيو وڃي، جيئن جيئن گوڙاڻو ڊيم جي مخالفت ۾ اضافو ٿيندو پيو وڃي تيئن تيئن احتجاج ڪندڙ ليڊرن، قلمڪارن، صحافين، اينڪر پرسن، سياستدانن، قومپرستن ۽ سول سوسائيٽي جي اڳواڻن جا قد ڪاٺ ۽ اگهه وڌنڌا پيا وڃن ۽ کين خريد ڪرڻ جو سلسلو تيزي سان شروع ٿي ويو آهي، جيتري ڊيم جي مخالفت ۾ ڪنهن اخبار ۾ وڏي خبر يا ٽي وي تي وڏي اسٽوري نشر ٿئي ٿي اوترا وڏا پئيسه، جيترا وڏا مظاهرا انهن کي خاموش ڪرڻ لاءِ اوتري ئي وڏي رقم لڳي ٿي، هاڻي ته ڊيم جي حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ اينڪر پرسن، اخبار جي ايڊيٽرن، نيوز ايڊيٽرن اديبن ۽ مڃيل دانشورن کي ٿر اندر ڪم ڪندڙ ڪمپنين وارا پنهنجي خرچ ۽ وڏي پيڪيج تي وٺي وڃي انهن جون شاندار دعوتون ڪري انهن جون عياشيون پوريون ڪري انهن کان حمايتون وٺي رهيا آهن، اهڙو ئي هڪ پروگرام آچر 18 ڊسمبر تي مٺي جي جيم خانه ڪلب ۾ ڪوٺايل سول سوسائيٽي سان رٿيل ملٽي اسٽيڪ هولڊر جي نالي سان گڏجاڻي جي صورت ۾ ڪيو ويو جنهن ۾ حيدرآباد ۽ ڪراچي کان ناليوارن صحافين اديبن ۽ دانشورن کي گهرايو ويو جڏهن ته مٺي جي سليڪٽيڊ صحافين کان علاوه اسلام ڪوٽ يا مٺي ضلعي جي ٻين مقامي صحافين يا سول سوسائيٽي جي نمائيندن کي گهرائڻ مناسب نه سمجهيو ويو ڇو جو انهن کي ٿر جي ترقي ۽ تباهي بابت وڌيڪ خبر آهي، مٺي پريس ڪلب جي دوري کان پوءِ اتان جي مقامي صحافين وڏي مايوسي جي عالم ۽ عاجزاڻي انداز ۾ ٻڌايو ته جڏهن به مٺي اندر اهم قومي مسئلن تي ڪا به تحريڪ هلندي آهي ۽ ان تحريڪ کي ڏينهن رات محنت ڪري هتان جا مقامي ماڻهو ۽ صحافي ڪاميابي تائين پهچائيندا آهن ته پوءِ ٿر ڪم ڪندڙ ڪمپنين جا ڪرتا درتا توڙي حڪومتي وزير ڪراچي، اسلام آباد، لاهور ۽ حيدرآباد سميت سڄي ملڪ مان صحافين کي آڻي انهن جون شاندار دعوتون رکي انهن کان ٿر جي ڪجه علائقن جا دورا ڪرائي پوءِ من پسند لائيو پروگرام نشر ڪرائي ان ايشوز کي ڪئيش ڪرائي ختم ڪندا آهن ۽ قومي ميڊيا تي عام ماڻهن کي ائين نظر ايندو آهي ته ٿر ۾ ترقي جو دور شروع ٿي ويو آهي ۽ سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي، ٿر جو عوام ترقي مان خوش آهي، گوڙاڻي ڊيم بابت 18 ڊسمبر تي مٺي جيم خانه ۾ ٿيل سنڌ اينگرو ڪول مائننگ ڪمپني ۽ ٿر فائونڊيشن واري پروگرام جنهن ۾ اينگرو جي سي اي او شمس الدين شيخ بريفنگ ڏني ۽ ان جي بريفنگ کي ڪجهه سنڌي اخبارن لفظ به لفظ ٻئي ڏينهن واري اخبارن ۾  وڏي ڪوريج ڏني ۽ ڪجهه اخبارن جي ايڊيٽرن ته ان بريفنگ کان پوءِ پنهنجي مقامي نمائيندن کي به سختي سان چيو ته ڊيم واري معاملي تي ڪمپني وارن جي موقف کي اهميت ڏني آهي، اهو سڄو ڪمال ڪمپني طرفان ٻاهران آيل مهمانن کي ملندڙ هڪ ٿهلي ۾ پيڪ ٿيل ڊائري، لنگي، ايپل موبائيل فون ۽ لفافي جو آهي جيڪو سنڌي روايتن ۽ رسمن موجب ڪراچي ۽ حيدرآباد کان ٿر آيل مهمانن کي ڏنو ويو هو، سلام هجي مٺي جي ان صحافين کي جن اهو چئي تحفا نه ورتا ته اسان مقامي يعني ٿر جا رهواسي آهيون هي تحفا ٻاهران آيل مهمانن کي ئي ملڻ گهرجن، بقول اينگرو جي سي اي او شمس الدين شيخ جي ته ٿر ڪول ايريا جي سيڪيورٽي لاءِ فوج پهچي چڪي آهي ڇو جو هي منصوبو سي پيڪ ۾ شامل آهي جيڪڏهن مان چاهيان ته گوڙاڻي ڊيم واري معاملي تي بليڪ ميل ڪندڙ ڳوٺاڻن آڏو فوج بيهاري سگهان ٿو، اينگرو جي سي اي او شمس الدين شيخ جو اهڙو بيان ڌمڪي آهي هن وڌيڪ چيو ته اسان مقامي ماڻهن کي نوڪريون ڏنيون آهي سر تغاري مزدوري آهي ان کي نوڪري نه چيو وڃي، سر تغاري واري مزدوري ڏيئي ٿرين تي مهربانين جي دعويٰ نه ڪئي وڃي ٿر جي وسيلن تي ٿري عوام جي مالڪي سندن قانوني حق آهي، دنيا ۾ جتي به ترقي جا منصونا شروع ڪيا ويندا آهن ان منصوبن جي شروع ٿيڻ کان اڳ مقامي ماڻهن کي اعتماد ۾ ورتو ويندو آهي پر ٿر ۾ هر منصوبو ٿر کان بي خبر ماڻهن جي رضامندي سان ٺاهيو پيو وڃي ۽ جيڪڏهن ٿر جو عوام ان منصوبي سان اتان جي مقامي ماڻهن کي ٿيندڙ نقصان بابت دانهن ڪري ٿو ته ان کي ترقي جو دشمن قرار ڏئي زبردستي خاموش ڪرايو پيو وڃي، باقي ظاهري طور تي ڊيم جي مخالفت ۾ آل پارٽيز ڪانفرنسون ڪوٺائي، لانگ مارچون ڪري يا متاثرين جي احتجاجن جون اڳواڻيون ڪري پنهنجو پنهنجو حساب ورتو پيو وڃي بس ڳالهه صرف ايتري آهي ته گوڙاڻي ڊيم متاثر ٿر جي عوام کي ٿر، سنڌ ۽ ملڪ جي مفاد ۽ ترقي ۾ پنهنجون قربانيون ڏيڻيون پونديون،

Druzmajokhio@gmail.com

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *