تازيون خبرون

پي آءِ اي جي نااهلي ۽ ضايع ٿيل اُملهه حياتيون: صاحب خان ڀٽي

گذريل ڪيتري ئي عرصي کان ملڪ ۾ قومي ادارن کي خانگائڻ جو سلسلو جاري آهي، ڪجهه ادارن کي ته جمهوريت جي دعويدارن وڪرو ڪري ڇڏيو آهي، مطلب ته پرائيوٽ ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڪجهه اهڙا ادارا به آهن، جن کي هن وقت به خانگائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي پئي وڃي، پي ٽي سي ايل کان ويندي پي آءِ اي تائين سمورن ادارن کي ان بنياد تي خانگايو ويو ته انهن ادارن ۾ بهتري ايندي ۽ ماڻهن کي بهتر سهولتون فراهم ڪيون وينديون پر افسوس جو نه ته انهن ادارن  ۾ هن وقت تائين ڪا بهتري اچي سگهي آهي  ۽ انهن ادارن کي خانگائڻ بعد ڪا سار سنڀال لڌي وئي آهي جنهن سبب ماڻهو اڄ به پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن. ڪجهه وقت اڳ حڪومت پي آءِ اي کي خانگائڻ جو فيصلو ڪيو هو ته ان وقت پائيليٽ ۽ عملي سخت احتجاج ڪيو هو ۽ حڪومت انهن سان ڳالهيون به ڪيون  هيون ۽ خاطري ڪرائي هئي ته انهن کي نوڪرين مان  برطرف نه ڪيو ويندو، حڪومت عوام کي به اها خاطري ڪرائي هئي ته پي آءِ اي کي خانگائڻ  سان مسافرن کي بهتر سهولتون فراهم ڪيون وينديون پر افسوس جو سڀ ڪجهه ان جي ابتڙ ٿي رهيو آهي.

هن وقت تائين پي آءِ اي جي جهازن کي اپ گريڊ نه ڪيو ويو آهي ۽ نه ئي انهن ڪا بهتر سهولتون مهيا ڪيون ويون آهن، ڪڏهن ڪڏهن ته پي آءِ اي جي جهازن جا ٽائر اڏام کان اڳ ئي ڦاٽي پون ٿا،  اهڙا واقعا ڪيترائي ڀيرا پيش به اچي چڪا آهن، هونءَ ته پي اءِ اي جي سروس ته سڀني جي سامهون آهي پر ان باوجود حڪومت اها دعويٰ ڪندي رهي آهي ته هنن پي آءِ اي ۾ تمام گهڻي بهتري آندي آهي پر جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته پي اءِ اي جو به اهو ساڳيو حشر آهي، جيڪو هن ملڪ جي ريلوي جي نظام جو آهي، جئين هن ملڪ ۾ اڄ تائين ريلوي جو نظام بهتر نه ٿي سگهيو آهي ۽ انٽرنيشنل ايئر لائن ۾ به ڪا بهتري نه آندي آهي، رڳو ٻنهي ادارن طرفان ڀاڙا وڌائڻ تي زور هوندو آهي، جئين ٽرينون پنهنجي مقرر وقت تي روانيون نه ٿينديون آهن، اهڙي ريت پي آءِ اي جا جهاز به پنهنجي وقت تي اڏام نه ڀريندا آهن ۽ ڀوڳڻو صرف عوام کي ئي پوندو آهي، جيڪڏهن ادارا پنهنجي ذميوارن کي درست نموني نڀائن ها ته هن ملڪ ۾ اهي مسئلا پيدا  ئي نه ٿين ها. جيتوڻيڪ هن وقت ملڪ ۾ ڪيترائي ادارا خانگايا ويا آهن پر انهن بهتري زيرو جي برابر آهي، ان جو سڀ کان وڏو سبب اهو  ئي آهي ته حڪومت ادارن کي نقصان ۾ ڏيکاري خانگائيندي آهي ۽ خانگائڻ بعد انهن ادارن ڏانهن ڪو به ڌيان نه ڏنو ويندو آهي، اهو صرف ان ڪري ٿي رهيو آهي ته سمورا ادارا سياست جي ورچڙهندا پيا وڃن  ۽ ان جو نقصان سياستدانن کي نه پر هن ملڪ کي ٿي رهيو آهي ۽ معيشيت به تباهه ٿي رهيو آهي،

ڪڏهن هن ملڪ ۾ ٽرينن جي ٽڪرائجڻ جا حادثا پيش اچي رهيا آهن ته ڪڏهن وري جهاز تباهه ٿي رهيا آهن پر  حڪومت صرف افسوس ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه ڪري رهي آهي، ريلوي جي وفاقي وزير جي  به اها دعويءِ آهي ته هنءَ ريلوي نظام کي بهتر بڻائي ڇڏيو آهي، جيڪڏهن ريلوي نظام تي نظر ڦيرائينداسين ته ريل گاڏين جون پٽڙيون هنڌان هنڌان اکڙيل نظر اينديون ۽ ڪيتريون هن ملڪ ۾ اهڙيو ريلوي اسٽيشنون به آهن جتي هاڻ ريل گاڏين جي اچ اڃ بند ٿي وئي آهي، بهرحال ريلوي نظام بهتر ٿئي يا نه ٿئي پر سول ايوشن کي گهرجي ته پي آءِ اي جي جهازن جي مرمت ڏانهن ڌيان ڏي ۽ انهن ۾ جديد ٽيڪنالوجي آڻڻ لاءِ قدم کڻي ته  جئين هن اداري کي تباهي کان بچائي سگهجي ڇاڪاڻ ته پي آءِ اي ملڪ جو اهڙو ادارو آهي، جيڪو  هن ملڪ کي تمام گهڻو فائدو پهچائندو آهي جيڪڏهن اهڙي وڏي اداري کي به بي ڌياني جي نظر چاڙهيو ويو ته ان سان هن ملڪ کي تمام گهڻو نقصان ٿيندو، گذريل ڏينهن چترال کان اسلام آباد ويندڙ پي آءِ اي جو جهاز ڪري تباهه ٿي ويو هو، جنهن ۾ 47 مسافر سوار هئا، ٻڌايو پيو وڃي ته جهاز حويليان ويجهو جابلو عائقي ۾ ڪري تباهه ٿيو هو، جنهن ۾ ڪيترائي مسافر فوت ٿي ويا هئا،

پي آءِ اي جهاز پي ڪي 661 جي پائيلٽ پنهنجي پنهنجي آخري پيغام ۾ چيو هو ته سندس جهاز ۾ فني خرابي ٿي پئي هئي، جڏهن ته سرڪاري ٽي وي چنل به  اها خبر نشر ڪئي هئي ته جهاز جي اڏام جي ڪجهه دير کانپوءِ عملي جو ڪنٽرول روم سان رابطو ڪٽجي ويو هو، جنهن رابطو ڪٽجي ويو هو ان وقت جهاز حويليان وٽ پهتو، بهرحال جهاز حادثي جي خبر تي باهه جيان هن ملڪ ۾ پکڙجي وئي ۽ اهو ٻڌايو ويو ته ناليواري نعت خوان جنيد  ۽ سندس گهرواري سميت ڪيترائي ماڻهو حادثي جو شڪار ٿيا آهن، جيڪو  هڪ افسوس ناڪ حادثو آهي، بهرحال هي ڪو پهريون حادثو نه آهي ڪجهه عرصو اڳ هڪ خانگي ايئرلائن جو جهاز به هن ملڪ اندر ئي ڪري تباهه ٿيو هو  ۽ انهن مسافرن کي صرف معاوضو  ڏنو ويو هو ۽ ان حادثي جي جاچ به ڪئي هئي پر اڄ تائين هن ملڪ ۾ سول ايوي ايشن ايئر لائن جي نظام کي بهتر بڻائڻ لاءِ  ڪي اثرائتا قدم نه کنيا آهن ۽ نه اهڙا قدم کڏندي نظر اچي رهيا آهن، گذريل ڏينهن ته پي آءِ  اي جو جهاز ڪري تباهه ٿيو هو پر ان کان اڳ جيڪي خانگي جهاز ڪري تباهه ٿيا هئا ان  وقت ئي جيڪڏهن حڪومت ڪي  خاص قدم کڻي  ها ۽ اڄ اهڙا افسوسناڪ حادثا پيش نه اچن ها، حڪومت کي گهرجي ته جلد کان جلد پي آءِ اي جي سمورن جهازن کي اپ گريڊ ڪرڻ سان گڏ مسافرن کي بهتر سهولتون فرام ڪرڻ لاءِ قدم کڻي ته جئين ايندڙ وقت ۾ ڪو اهڙو افسوس ناڪ حادثو پيش نه اچي سگهي، سول ايوي ايشن عملدار به خانگي ايئرلائن کي به ان ڳالهه جو پابند بڻائن ته جلد کان جلد جهازن کي بهتر سهولتون مهيا ڪن ۽ اڏام کان اڳ جهازجي مڪمل جاچ پڙتال ڪئي وڃي ته جئين مسافرن جون قيمتون جانيون بچي سگهن ۽ انهن ادارن جي عملي جي نااهلي سبب ڪو به جاني نقصان نه ٿئي، حڪومت به پي آءِ اي سميت سمورين خانگي ايئر لائنن کي به پابند بڻائن ته هو وقت موجب پنهنجيون فلائيٽس روانيون ڪن ته مسافر پريشانين کان بچي سگهن.

****

 

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *