تازيون خبرون

پهرين جولاءِ: ون يونٽ جي ٽُٽڻ جو ڏينهن؛مولائي ملاح

پهرين جولاءِ، سنڌ جي سرير ۾ آمريت جي پيل طوق، ون يونٽ جي ٽُٽڻ ۽ سنڌ جي سڄڻن پاران ان تحريڪ جي ڪاميابيءَ لاءِ جدوجهد ڪندڙ انهن عظيم ڪردارن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ جو ڏينهن آهي، جن پنهنجي جوت جلائي آمريت کي مات ڏني. اڄ کان پنج سال اڳ جڏهن آئون عبداللطيف ملاح جو پروفائل ڪري رهيو هيس ته ان دوران مون کانئس سياسي زندگيءَ جي پهرين جيل ياترا بابت سوال ڪيو، هن چيو ته: ”ون يونٽ تحريڪ دوران 30 ڏهاڙا سکر سينٽرل جيل ۾ رهيس، اهڙو اتساهه مون کي سسئي پليجو جي امڙ، ادي نسيم اختر بلوچ جي ان اخباري بيان ڏنو جنهن ون يونٽ خلاف بک هڙتال تي ويهي چيوته: ”اسانجون ٻانهون رڳو چوڙيون ئي نه پر، هاڻ هٿ ڪڙيون به پائي سگھن ٿيون.“ هيءَ سنڌ جي اها بهادر نياڻي آهي جنهن ون يونٽ خلاف جيل ڪاٽيو آهي. (جيل جي يادگيرين تي ”قيدياڻي جي ڊائري“ ڪتاب به لکيو اٿس) ائين پوءِ خيال آيم ته ڇو نه انهن بهادر نياڻين جا پروفائل ڪري سندن اتساهيندڙ مزاحمتي جدوجھد کان سنڌ جي نئين نسل کي روشناس ڪرائجي. هي ڪردار سنڌ جي مزاحمتي تاريخ جو اثاثو آهن. اسانکي پنهنجي قومي سرمائي کي سانڍڻ گھرجي. انهن سڀني سوالن پويان ڦٽي نڪتل سوالن کانپوءِ سوچيم ته پهرين ون يونٽ خلاف جدوجهد ڪندڙن سنڌ جي سورمن کي ٻن اکرن جي ڀيٽا پيش ڪرڻ وارو فرض پورو ڪجي.

سنڌ، سنڌي قوم جي حقن کي لتاڙڻ هن ديس جي حڪمرانن جي پراڻي ريت رهي آهي. سنڌ تي حملن جي تاريخ پراڻي آ، قابل ۽ قنڌار کانپوءِ هن ديس جي حاڪمن به انهيءَ روايت کي برقرار رکيو آهي. هنن ڌارين ۽ ڌاڙيلن جي واٽ تي هلندي پهرين 1954ع ۾ سنڌي قوم جي وجود تي ’ون يونٽ‘ جو قهري، پهريون وار ڪيو جنهن ۾ سنڌي قوم جو وجود ختم ڪرڻ لاءِ سنڌ جو نالو دنيا جي گولي تان مٽائڻ لاءِ ون يونٽ واري ڳاڙهي لڪير ڦيري ڇڏي. سنڌ جي نالي اڳيان ”سابقه“ لفظ لڳايو ويو. آمر حڪمرانن جو اهو رڳو سابقه لفظ نه هيو پر، سنڌ جي ڪُکِ ۾ ڇرو هنيل هو. جيڪو سنڌ ۽ سنڌ جي سڄڻن جي سيني ۾ سنگين جيان محسوس ٿي رهيو هو. جنهن سنڌي قوم کي مڙي مٺ ڪيو. جن جي گڏيل جدوجھد جو نتيجو اهو نڪتو جو سنڌ جي ڪنڌ ۾ وڌل ون يونٽ جو طوق اڄوڪي ڏهاڙي پهرين جولاءِ 1969ع تي ٽُٽو. اهو طوق آمريت جو غرور هيو جنهن کي سنڌي قوم جي بهادر سپاهين پنهنجي جدوجھد سان ٽوڙي ڦٽو ڪيو.

ون يونٽ مڙهجڻ کانپوءِ سنڌ جي نالي اڳيان ”سابقه“ لفظ لکجڻ ۽ پڙهجڻ وارو درد سنڌ جي حلالي پٽن کان سهيو نه ٿيو، جنهن خلاف سنڌ جا پورهيت، هاري ناري ۽ شاگرد، وڪيل ۽ اديب، سماجي ۽ سياسي ڪارڪن اٿي کڙا ٿيا. جن قوم کي سجاڳ ڪرڻ لاءِ پاڻ ملهايو، انهن ڏهاڙن ۾ سنڌ جي آواز شيخ اياز رڙ ڪندي چيو ته:

ڪاتيءَ هيٺان ڪنڌ پوءِ به نعرا نينهن جا،

سنڌڙيءَ جو سڳنڌ، مرنداسين پوءِ به مرڪندي. (اياز)

ون يونٽ جي ڪاري دور ۾ سنڌ جو نالو وٺڻ به ڄڻ ته ڪاريهر تي پير اچڻ برابر هو. پر، پوءِ به سنڌي قوم جي سپوتن پنهنجي سگھ سان آمريت جي ان ڪاريهر تي پير ڏئي پنهنجي جدوجهد کي جاري رکيو. تڏهن ته اياز چيو هو:

سنڌڙي تنهنجو نانءُ ورتم،

ڄڻ ڪاريهر تي پير پيم.

هي سنڌ جي تاريخ جو اهو ڪارو دؤر هو، جنهن ۾ سنڌ جو نالو وٺڻ ۽ لکڻ به ڏوهه جيان هو. انهن ڏهاڙن ۾ سنڌ جي وڏن شهرن حيدرآباد، لاڙڪاڻو اسٽيشن تان سنڌ جو نالو ختم ڪيو ويو. لفافن، پمفليٽن ۽ ڪتابن ۾ سنڌ لکڻ ڏوهه قرار ڏنو ويو، سنڌ جي تهذيب، ثقافت ۽ ٻولي کي ختم ڪرڻ جا سانباها شروع ڪيا ويا. سنڌ جي موجوده حالت جيان سنڌ جا نوجوان بيروزگاريءَ سبب پريشان ٿيڻ لڳا ته وري ٻئي طرف ڦورن کي سنڌ جون سر سبز زمينون ۽ ٻيا مالي وسيلا ون يونٽ جي آڙ ۾ ڦٻائڻ جو موقعو ملي ويو، جن پنهنجي وسان ڪين گھٽايو. جن قوتن پنهنجا ڇسا مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ تي ون يونٽ مڙهيو، انهن پنهنجا گھربل مقصد ماڻڻ لاءِ سنڌ جي وسيلن جي ڀينگ ڪئي. سنڌ جي اهڙي بي حسيءَ سان ٿيندڙ ڦر لٽ تي قوم کي سجاڳ ڪندي اياز چيو،

سوين آيا سنڌ ۾ نوان نادر شاهه،

ڪانهي ڪا تاريخ ۾ ويڙهه سوا ٻي واهه،

متان سوچي ساهه، متان موٽو ماڳ تان. (اياز)

ون يونٽ خلاف هڪ طرف شاعر اديب، دانشور ۽ شاگرد، شاگردياڻيون ۽ سنڌ جو پورهيت عوام قوم ۾ سجاڳي پيدا ڪري پنهنجو پاڻ ملهائي رهيا هيا ته وري هوڏانهن سياستدان پنهنجي جاڳرتا مهم گھر گھر، گھٽي گھٽي ۽ ڳوٺ ڳوٺ ۽ واهڻ وستيءَ ۾ شروع ڪري ڏني. جنهن سلسلي ۾ سائين جي ايم سيد، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، قاضي فيض محمد، شيخ عبدالمجيد سنڌي، ڄام ساقي، رسول بخش پليجو، لالاقادر، حفيظ قريشي، يوسف لغاري، مير ٿيٻو، جيجي زرينا بلوچ، ڀيڻ اختر بلوچ، ڀيڻ رياض ميمڻ ۽ ٻين ڪيترن ئي قوم جي گھڻ گھرن سڄڻن ڏينهن رات جدوجهد ڪري قوم کي بيدار ڪري، ون يونٽ واري طوق کي ٽوڙي پوءِ ساهه پٽيو. هن تحريڪ ۾ جن به سنڌ جي سڄڻن پاڻ ملهايو، انهن جي تاريخي جدوجهد کي وساري نه ٿو سگھجي. انهن کي اڄوڪي ڏهاڙي تي سلام پيش ڪجي ٿو. اي ڌرتيءَ جا بهادرو اوهان کي سنڌي قوم جو سلام.

هن تحريڪ ۾ هر مڪتبِ فڪر جي ماڻهن پاڻ ملهايو، جن جا نالا ۽ ڪردار ”ڳڻي ڳڻينديس ڪيترا“ جيان آهي پر، پوءِ به ڪجھ اهي نالا آهن جن هن مزاحمتي تحريڪ ۾ روح ڦوڪي مُهَڙ وارو ڪردار ادا ڪيو.شيخ اياز، عبدالڪريم گدائي، نياز همايوني، منشي ابراهيم، سرويچ سجاولي، پرواني ڀٽيءَ جن گيت لکي قوم کي جاڳايو، جن جي پيغام کي پنهنجي سُريلي آواز ۾ جيجي زرينا بلوچ ۽ عبدالغفور ۽ ٻين عوام تائين پهچايو. انهن ڏهاڙن ۾ اياز جون تخليق ڪيل امر سٽون جيڪي عوام جي ذهنن تي اڄ به نقش ٿيل آهن.

”سنڌڙيءَ تي سر ڪير نه ڏيندو، سهندو ڪير ميار او يار.“ حيدر بخش جتوئيءَ جو گيت ”جيئي سنڌ جيئي سنڌ، جام محبت پيئي سنڌ“ جيڪو ان وقت ۾ سنڌي قوم جو نعرو بڻجي ويو. ياد پيم ته: عبداللطيف ملاح پنهنجي پروفائل ۾ اهو به ٻڌايو هو ته: ’جڏهن ون يونٽ ٽُٽڻ جو اعلان ٿيو ته اها خوشخبري جيل ۾ اسانکي پنهور جيلر ٻڌائي هئي. جيلر اسان جي مٿان بيهي وڏي آواز سان جيئي سنڌ چئي ٻڌايو ته رات ون يونٽ ٽُٽڻ جو اعلان ٿي ويو آهي.‘ ائين ئي سنڌ جي اديبن شاعرن، سياستدانن ۽ دانشور، پورهيت ۽ هاري، وڪيلن ۽ شاگردن بهادر نياڻين ۽ سنڌ جي ڪلاڪارن جي ڪيل جدوجهد رنگ لاتو، آمريت کي شڪست ملي. نئين چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر يحيى خان مجبور ٿي پهرين جولاءِ 1969ع تي ون يونٽ ٽوڙڻ جو اعلان ڪيو. ان وقت اياز جي هنن سٽن به ساڀيائن جو روپ ورتو ته ”نيٺ ته ڊهندي ڪيسين رهندي، دوکي جي ديوار“

توڙي جو ون يونٽ ٽُٽي ويو پر، سنڌ ۽ سنڌي قوم جا مسئلا جمهوري حڪومتون اچڻ جي باوجود اڄ به انهيءَ ئي حالت ۾ پيل آهن، جنهن مان ڀليءَ ڀت اهو محسوس ٿئي ٿو ته سگھارين ڌرين اقتدار جي واڳ اڃا به پنهنجي هٿ هيٺ رکي آهي، جنهن لاءِ سنڌ جي عوام ۽ جمهوريت پسند قوتن کي ون يونٽ جهڙي تحريڪ جي ضرورت آهي. اهو ئي اڄوڪي ڏينهن جو پيغام آهي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *