تازيون خبرون

پنڻ کي پيشو بنائيندڙ پينو فقير : ماهم سنڌي / ميرپورخاص

غربت کان  وڏي ڪا مجبوري ناهي ۽ بک کان وڏو ڪو مذهب ناهي . چون ٿا ته بکايل پيٽ جو دين ڌرم صرف ماني آهي . ان حوالي سان سنڌي چوڻي آهي ته “ بک بڇڙو ٽول دانا ديوانا ڪري “ . بک ۽ مفلسي اهڙي آفت جو نانءُ آهي جيڪا ، انسان کي ايترو ٿي مجبور ڪري جو هو حدون اورانگهڻ ۾ ويرم ناهي ڪندو . غربت سبب اڻ ڳڻت سماجي مسئلا سماجي جوڙجڪ کي منجهائين ٿا ، جنهن سان سماج تي منفي اثر پون ٿا . هڪ صاف سُٿري هوا وانگر سماج به تڏهن آلودگي جي زد ۾ اچي  وڃي ٿو ، جڏهن ان ۾ غربت ، لاچاري ، جاهليت جا زهريلا عنصر شامل ٿي وڃن ٿا .

اوهان سڀن پنهنجي گهر  ۾ ايندي ويندي توڙي ٻاهر ، روڊ رستن تي ، بازارن ۾  پينو فقير عام جام ڏسندا ھوندا ، جيڪي پنهنجي الڳ ئي طريقي سان اوهانکي پنهنجا ڏک ڀريا داستان ٻڌائين ٿا . اهي پاڻ کي رحم جي قابل بڻائي اوهانکان هٿ ٻڌي جهولي جهلي خيرات پني رهيا هوندا آهن . اهي رب ۽ ان جي آخري نبي  حضرت محمد صه جا واسطا به ڏيندا ،  گڏوگڏ اهي اوهانکي بيشمار دعائون ڏئي پڻ پنندا آهن . ڪڏهن حج ۽ عمري ڪرڻ جون دعائون ، ڪڏهن پٽ جي اولاد جو دعائون ، ڪڏهن دولت جون دعائون ڏئي اهي اوهانکي هرڪائيندا ته جئين اوهان خوش ٿي ان جي جهولي ۾ ڪجھ وجهو. گهرن ۾ لنگهي ايندڙ نقاب پوش يا بنا نقاب جي اڪثر عورتون پينو فقير ٿي داخل ٿين ٿيون ، اهي پنهنجو رئو ڦهلائي هٿ ٽنگي  5 روپي جي سڪي توڙي پراڻي ڪپڙي ،  پراڻي  جوتي ۽ اٽي لاء منٿون پيون ڪنديون آهن . ان کان علاوه ٽريفڪ سگنل تي يا ميلن ۾ درگاهن ٻاهران ، بازارن ۾ خريد  فروخت جي جاين تي ، مسجدن جي ميڙاڪن ۾ ، هوٽلن ۽ اسپتالن ٻاهران پينو فقير اچي گهيرو ڪندا آهن ، جن  ۾ ٻار  نوجوان ۽ بزرگ  وڏي تعداد ۾ شامل هجن ٿا . افسوس ته بزرگ مردن سان گڏ عورتون به هونديون آهن جيڪي صحيح طريقي سان نه ڏسي سگهن ٿيون نه ئي انهن جي جسم ۾ ايڏي طاقت هجي ٿي ته هلي ڦري سگهن .  پر ان هوندي به هو وڏو آواز ڏئي ، هٿ ڦهلائي گهرنديون رهن ٿيون .
اهو اسانجي معاشري جو هڪ وڏو  منجهيل مسئلو آهي . جئين ڪوڙيئري جي ڄار ڀت تي ور وڪڙ ٺاهي ڌاڳن کي منجهائي ٿي ، تئين ئي اهو مسئلو به اڃا تائين منجهيل ۽ سمجھ نه ايندڙ آهي . عقل اها ڳالھ تسليم ڪرڻ کان ئي لنوائي ٿي ته ڇو آخر هٿن پيرن ،  اکين ڪنن ، هواش حواس ، عقل سمجھ سان نوازيل ماڻهو ٻين اڳيان پنهنجا هٿ ٽنگي عزت و آبرو وڃائيندا رهن ٿا  . انهن کي ڪٿي ڇڙٻ ، ڪٿي دڙڪو داٻو ، ته ڪٿي ڌڪا ، ته ڪٿي گار ملندي رهي ٿي ، جيڪا هر گهڙي هر روز جي بيعزتي هوندي آهي . اهي پينو فقير نڪ جي پڪائي سان ان کي روزگار جي حاصلات لاء لازمي  سمجهندي ڪو شرم محسوس ناهن ڪندا ۽ چپ چاپ صرف انهي لاء برادشت جي مادي کي پنهنجي رويي ۾ لامحدود جڳھ ڏين ٿا ، جئين سامهون وارو اسان جي  هيڻي حال تي رحم کائي خيرات ڏئي . جيڪي ماڻهو جسماني معذور آهن خدا جي ڪنهن نعمت کان محروم آهن ، اهي لاچار ٿي اگر هر ايندڙ ويندڙ سامهون هٿ ڦهلائن ٿا ته اڃا ڪجھ سمجھ ۾ اچي ٿو پر ڪيڏي نه بُري ڳالھ آهي جو چاڪ چڱا ڀلا ماڻهو به پنندي لڄي ناهن ٿيندا .  حالانڪه معذورن  کي به گهرجي ته پنهنجي جسماني قوت آهر ڪو هُنر سکي وٺن جنهن سان عزت سان ڪمائي ڪري پيٽ گذر ڪن . اسان ٽي وي تي ٻاهرين ملڪن توڙي پنهنجي سنڌ اندر به ڏسون ٿا ته معذور ماڻهو پڻ ڪو نه ڪو هُنر سکي ، ان سان پيٽ گذر ڪري رهيا هوندا آهن ، اهڙن خوددار  ۽ خوداعتمادي رکندڙ ماڻهن تي اسانجو سماج فخر ڪري ٿو . ضلعي عمرڪوٽ سان تعلق رکندڙ غريب خاندان جي ڄائي آسو ڪولهي جي سپر پاور ملڪ آمريڪا ۾ ايڏي عزت افزائي نه ٿئي ها جيڪر هو معذوري کي لاچاري سمجهي پنهنجي صلاحيتن کي دٻائي ڇڏي ها . بيشڪ هو هڪ ٽنگ کان معذور هئي پر عقل سان گڏ خوداعتمادي ان جي شخصيت اندر جهجي مقدار ۾ شامل هئي ۔  اسانجي معاشري ۾ ننڍي کان ننڍي مزدوري ۽ پگهر وهائي پئسا ڪمائڻ هڪ عزت وارو مقام عطا ڪري ٿو . هر ڪنهن جي وات ۾ هوندو ته غريب سريب ئي سهي پر محنت ڪري پنهنجي حق حلال جي روزي ڪمائي پاڻ به کائي ٿو ته ، ٻچن جو به پيٽ ڀري  ٿو . پر اڄڪلھ پنڻ وارن فقيرن جي انگ اکرن ۾ اضافو آيل آهي . گهڻيون ئي عورتون يا ته پٽ ۽ ڌي جي موتمار بيماري جو ذڪر ڇيڙي روئي پننديون ، ڪي وري ائين چونديون ته سندن مڙس نشي ۾ ڌت رهي ٿو ۽ کيس ڪمائڻ وارو ڪو ناهي سو مجبوري هن کان اهو ڪم ڪرايو آهي . گهڻن ماڻهن پننڻ ، خيرات گهرڻ کي روزگار جو ذريعو پڻ بڻائي ڇڏيو آهي جنهن ڪري اصل معذور ۽ خيرات جا حقدار پنهنجي حق کان محروم رهجي وڃن ٿيا . آبادي جي واڌ ، ان مٿان ڌارين جي داخلا ،  وسيلن جي کوٽ ۽ تعليم جي اڻ هوند سبب جئين جاهليت پکڙي آهي تئين اسانجي سماج ۾ اها  بيماري ناسور بڻجندي پئي وڃي ، جنهنکي روڪڻ لاء ڪٿي ڪو اقدام کڄندي نظر نه پيو اچي . ٻين آڏو هٿ ٽنگڻ کان هزار دفعا سٺو آهي ته انهن پينو فقير مرد عورتن کي گهرجي پاڻ لاء ڪنهن ننڍي وڏي مزدوري جي تلاش ڪن . ڏهاڙي محنت ڪري شام جو عزت سان پئسا هٿ ۾ کڻي ، ڳاٽ اوچو ڪري هلن جئين معاشري ۾ عزت جو ڪو مقام حاصل ڪري سگهن ۽ ڪنهن کي جُرت نه ٿئي ته انهن کي ڪو دڙڪو به ڏئي  .

سنڌ صوبي ۾  جتي اڻ ڳڻت اقتصادي ، سماجي ، اخلاقي مسئلا ڪَر کنيو بيٺا آهن اتي پينو فقيرن جي پڻ هڪ وڏي تعداد روزمره جي مشاهدي ۾ اچي ٿي . عورتن مردن ۽ ننڍن ٻارن جو وڏو تعداد روڊن رستن تي هٿ ٽنگايو بيٺو هوندو آهن . ان کان علاوه صوفين ۽ بزرگن جون درگاهون هجن توڙي ميلا هجن ، شاھ عبدالطيف ڀٽائي جو ميلو هجي يا قلندر جي دهمال هجي  ،  مارڪيٽ هجي يا ٽول پلازه هجن ،  بس اسٽاپ ريلوي اسٽيشن هجن، ٽريفڪ سگنل جي بيهڻ وارو هنڌ ، مطلب چئبو ته هر اهو هنڌ جتي ماڻهن جو ننڍو وڏو ميڙاڪو هوندو اتي پينو فقير پڻ موجود نظر ايندا .  وڏين پارڪن ۽ چڙياگهرن ٻاهران پڻ اهي پنڻا ڏسڻ ۾ ايندا . ڪجھ سال اڳ منهنجو سيوهڻ ۾ قلندر شهباز جي درگاھ تي وڃڻ ٿيو . يقين ڪيو ته ٻاهرين دروازي کان اندر مزار جي احاطي تائين پهچندي 10 کان وڌيڪ پينو فقيرن گس روڪيو ۽ مختلف بهانن سان پئسا گهرندا رهيا . پينو فقير انهي ذريعي سان پنهنجو اخلاقي قدر ۽ عزت پڻ وڃائن ٿا پر انهن کي پڻ چيڙائي ٿا وجهين جيڪي انهن جي لاچاري تي رحم کائيندا آهن .  جيڪو رحم انهن جي غربت لاچاري ۽ معذوري ڏسڻ سان اچي ٿو سو به هو ائين ايندڙ ويندڙ کي تنگ ڪري وڃائي ٿا ڇڏين . انهن کي ننڍن وڏن واٽهڙن جي ڏنگائي توڙي ڪاوڙ کي چپ چاپ پئيڻ  سان ڪو عار محسوس ناهي ٿيندو ، ڇوته انهن کي اهو سڀ ٻڌڻ لاء ۽ سهڻ لاء روزانه منٽ منٽ ۾ ملي ٿو . نتيجي ۾ صرف 5 رپين جو سڪو يا وڌ ۾ وڌ 10روپين جو نوٽ هٿ لڳندو آهي . باقي گهڻا تڻن کي ٺونشا ئي پلئي پوندا آهن .

چون ٿا هر انسان ۾ ڪا نه ڪا صلاحيت هجي ٿي . جيڪي عورتون مرد جسماني طور هر نعمت سان بخشيل آهن ۽ هٿ پير توڙي ٻڌڻ ڳالهائڻ ۽ ڏسڻ جي سگهه رکن ٿيون ، ته  اهي بيشڪ ان ڳالھ جا قابل آهن ته ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان روزگار سان لڳي وڃن . هر انسان ۾ ڪا نه ڪا تخليقي صلاحيت ۽ قابليت هجي ٿي ۽ انهي جي آڌار تي اگر اهي محنت ڪري ڪنهن ڪم سان لڳن ته انهن کي سماجي برابري ملڻ سان گڏ ، سماج ۾ عزت و آبرو به ملندي .  هٿ ٽنگائڻ بدران محنت ڪرڻ سان اهي هر روز ذليل ۽ خوار ٿيڻ کان بچي پوندا . پنڻ کي ڌنڌو ٺاهڻ وارن کي ايترو ته سوچڻ گهرجي ته جيڪو ڌنڌو ڏينهن رات سواء ذلالت جي ٻيو ڪجھ نٿو ڏئي ان کي اپنائڻ جو ڪهڙو فائدو؟ اگر اسان جا هٿ پير سلامت آهن ته محنت مزدوري ڪري حق حلال جي روزي ڪمائي پڻ کائي سگهون ٿا . ميڊيا جي رپورٽن موجب  پينو فقيرن جو پنڻ انفرادي نه بلڪه اجتماعي ڌنڌو هوندو آهي . پينو فقيرن جا مختلف ٽولا ۽ ٽيمون هجن ٿيون . انهن وٽ الڳ الڳ علائقا ورهايل هوندا آهن ۽ هر ڪو پنهنجي علائقي ۾ خيرات پني ۽ سڄي ڏينهن جي خواري بعد جمع ڪيل رقم هڪ هنڌ گڏ اچي رکندو . پوء  ٽولن جا سربراھ ان جي ورهاست ڪندا ۽ وڌيڪ نفعو پاڻ کڻندا . ائين پنڻا هڪ ڪاروبار طور صبح کان رات تائين ڊيوٽي سمجهي روزانه ڪندا رهندا آهن . ڪجھ هنڌن تي اهي پڻ انڪشاف ٿيا آهن ته ظالم صفت ماڻهو پئسن جي ڪمائي خاطر ننڍا ٻار اغوا ڪري انهن کي معذور بڻائي ، روڊن رستن تي ۽ بازارن ۾ ويهاري ٿا ڇڏين جئين هو ڪمائي ڪري سگهن . حقيقتن کي سامهون آڻجي ته افغان جنگ بعد پاڪستان ۾  پناھ  وٺندڙ پٺاڻ افغاني پناهگير پڻ غربت سبب وڏن شهرن ۾ ڦهلجي پنڻ کي ڪمائي جو ذريعو بنايو بيٺا آهن جنهن جو مرڪز ڪراچي  جهڙو وسيع ۽ ويڪرو شهر آهي  . سماجي اڳواڻن موجب اهي پينو فقير وڏي تعداد ۾ پنجاب کان پڻ آيل آهن ۽ گهڻو رخ ڪراچي جي شهر ۾ ڪن ٿا . چيو وڃي ٿو ته غربت بي روزگاري پنڻ جو سبب بڻجن ٿا ، پر اها ڳالھ حيرت ۾ پڪ سان نه وجهندي ته پنڻ به هڪ ڌنڌو سمجهيو وڃي ٿو . پينو فقيرن جا مافيا گروپ پنهنجي ورهايل علائقن جي سطح تائين هر وقت سرگرم رهندا آهن . پني ايندڙن جي روزاني جي خيرات جو  60 سيڪڙو سربراھ پاڻ کڻن ٿا . اهو ڳجهي طريقي سان وڏي پيماني تي هلندڙ ڪاروبار  آهي . ڪجھ سال اڳ جي هڪ رپورٽ موجب پاڪستان جي شهري آبادي ۾ 25 ملين تائين پروفيشنل پنڻا آهن جيڪي خطرناڪ حد تائين انگ اکر آهن .  شهر ڪراچي سميت پينو فقيرن جا وڏا ننڍا گروھ  هر شهر ۾ موجود آهن  . بلڪه ڳوٺاڻي آبادي ۾ به ساڳي ڪار آهي .  هاڻي ته ايتري انتها ٿي ويئي آهي جو گهر گهر تائين اهي گروھ هڪ هڪ ٿي ڪري وڃن ٿا . عورتون ته گهرن اندر وڃي پنهنجا مسئلا ٻڌائي هنجون هاري انسان جذباتن کي اڀاري پڻ پئسا گهرن ٿيون . اهي عورتون وري ڪڏهن گهرن اندر ڌاڙا  به هڻين ٿيون ۽ چوري به ڪن ٿيون . لاچار ۽ بيوس توڙي معذور انسانن کي ڏسي ته آئون رب جي آڏو توبهه ڪندس . آئون ڪنهن به طريقي سان انهن تي تنبيھ نه پئي ڪريان .  پر جيڪي لاچاري مجبوري ۽ بي وسي کي نهايت ئي ڪريل انداز ۾ استمعال هيٺ آڻين ٿا اهو انسانيت تي هڪ ڪارو داغ  آهي  . اهو هڪ عام مسئلو ناهي بلڪه  هاڻي ڪوڙهه جو مرض بڻجندو پيو وڃي ، جنهنجي روڪٿام لاء اڃا تائين ڪا واضح حڪمت عملي ٺاهڻ ته پري جي ڳالهه پر سوچ ويچار کان به پاسو ڪيو ٿو وڃي . ڪجهه پينو فقيرن مطابق اُهي پنهنجي اولاد کي به پنڻ سيکاريندا آهن ۽ ڪي ته ائين پڻ چوندا اهو پنڻ اسانجي خانداني ميراث آهي ۽ اسين پنهنجي ابن ڏاڏن کان وٺي پنندا پيا اچون ، سو مرڻ جا مري وينداسين اها روايت نه ڇڏينداسين . ڪجھ وقت اڳ ائين ئي هڪ پينو عورت  منهنجي گهر آئي . ان جي ڪلهي تي پيل ٽڪرين سان ٺهيل ڊزائين واري گودڙي ڏسي سوال ڪيم  ته : “ اوهان اها خاص ڪري پنڻ لاء گودڙي ٺاهي آهي جئين اوهان کي  اٽو يا ٻيو جيڪو ڪجهه خيرات ۾ ملي سو ان ۾ وجهندا وڃو ؟ “ ۔
ان مائي جو جواب انتهائي اچرج ۾ وجهندڙ هيو . مرڪي ٻڌائڻ لڳي  : “ اها پنڻ لاء گودڙي مونکي ڏاج ۾ مائٽن ڏني هئي ، ڇوته اسان جا وڏا ڀلي کڻي مزدوري ڪن پر پنندا ضرور آهن “ .  وڌيڪ پڇيم ڇا تون پنهنجي ڌيئرن کي ساڳي گودڙي ڏيندي ؟ چوڻ لڳي : “ هائو ! بلڪل . منهنجيون پنج ڌيئرون آهن ۽ هر ڌيءَ جي شادي تي ان کي ڏاج ۾ اها گودڙي لازمي ڏيندس . ڇوته اهو اسانجي برادري ۾ قديمي رواج آهي جيڪو آئون پڻ ادا ڪندس .“  ان مائي جو تعلق ٿرپارڪر سان هيو . ان جي ڳالهين ته منهنجي ڏندين آڱريون ڏئي ڇڏيون ته رواج ۽ رسم جي نالي ته ڪهڙي جهالت جي اونداهه امڪاني طور ٻرندڙ علم  ۽ شعور جي شمع کي آساني سان وسائي رهي آهي .  ان جو اثر فقط هڪ قبيلي تي ناهي پر ان جي ڪري هر عام انسان جيڪو روز صبح جو ٻاهر نڪري ٿو سو ڀوڳي ٿو .
پنڻن جي هڪ ٻي به بنھ خراب عادت موڊ کي بگاڙيندڙ هوندي آهي . اُهي پٽ پاراتا ۽ بد دعائون ڏئي پڻ ذهن تي منفي اثر وجهين ٿا .  ڪيڏو نه غلط آهي ته خيرات ڏيو تڏهن به مسئلو ، نه ڏيو پوء به پٽون پاراتا ۽ بدعائون جهلو .  اسان اگر ان قابل آهيون ته عزت وارو روزگار ڪمائي پيٽ پالي سگهون  ٿا ته آخر اهڙو طريقو ڇو ٿا اپنايون جنهن ۾ رڳو نفعرت ۽ بيعزتي پلئه پوي ٿي .

ان حوالي سان ملڪ جي قانون ۾ ڏسون ته پڻ حل ڏنل آهي ۽ ڪجھ نقطا اهڙا آهن جن تي عمل جي ضرورت آهي  . پر هتي قانون انڌو ئي نه بلڪه ٻوڙو گونگو ۽  معذور به آهي جنهنڪري اهو ڪجھ ڪرڻ کان لاچار آهي . خانه بدوش ۽ بي گهر ماڻهن جي ايڪٽ 1958 جي سيڪشن 7 ۾ صاف ڏنل آهي ته مقامي پوليس کي اهو اختيار حاصل آهي ته هو پينو فقيرن کي رش وارن جڳهين تي بيهڻ کان روڪڻ جو قدم کڻي . سنڌ چائلڊ ايڪٽ 1955 جي سيڪشن 49 موجب  اگر ٻارن کان مزدوري ڪرائي وئي يا زوري پينو فقير بڻائي رستن تي بيهاريو ويو ته ان تي سزا لاڳو ٿيندي . پنڻ تي ٽي سالن تائين جي سزا پڻ مقرر ٿيل آهي .
ان پنڻ جي ڪم لاء پنجن کان 10 سالن تائين جا معصوم ٻار وڏي تعداد ۾ استمعال ٿين ٿا .  انهن ٻارن مان گهڻا تڻا زبردستي ويهاريا وڃن ٿا . اغوا ڪرڻ وارن جا گروھ لالچ ۾ انڌا ٿي انسانيت جي حدن جا ستئي سمنڊ پار ڪري ٻار کي جڏو ڪري ٿا ڇڏين ۽ پوء ان ڌنڌي سان لڳائي ٿا ڇڏين . پاڪستان ۾ وڌنڌڙ دهشتگردي سبب اهي پڻ حقيقتون ظاهر   ٿيون آهن  ته دهشتگرد  پينو فقير جو روپ وٺي خاص ڪري رش ۽ پيھ پيهان واري  هنڌ معائنو ڪري رسائي حاصل ڪن ٿا ۽ پنهنجا ناپاڪ مقصد پورا ڪن ٿا . سنڌ حڪومت هلندڙ سال جي جون مهيني ۾ فقيرن جا انگ اکر گڏ ڪرڻ جو پڻ چيو ته جئين اهو پتو لڳائي سگهجي ته اها مافيا ڪيتري قدر سگهاري آهي ،  ان جو ڄار ڪيتري پيماني تائين ڦهليل آهي پر نتيجا تاحال سامهون ناهن آيا .

هٿن کان معذور ماڻهو  مون ۽ اوهان پيرن جي آڱرين سان اسان ڪم ڪندي ڏٺا آهن . اکين جي نور کان محروم ماڻهو مختلف ڪمن ۾ مصروف ڏسون ٿا . چوڻي آهي ته  “ هُنر وڏي دولت آهي“ . اگر اسانجي سماج ۾ سجاڳي وارو سج اڀري پئي ته اهي الميا باقي نه رهن ۽ سڀ ماڻهو عزت واري روزي ڪمائڻ ۽ محنت ڪرڻ کي اوليت ڏين .  هر انهي ڌنڌي ڪرڻ کان ڪيٻائين جيڪا رنج جو سبب بڻجي ٿي .
انساني خدمتگذار ۽ سماجي ورڪر به ان جي روڪٿام لاء اڳيان اچي رهيا آهن . مرحوم عبدالستار ايڌي پڻ ايڌي فائونڊيشن ذريعي رستن تي ويٺل ڪيترن ئي پينو فقيرن کي روزگار سان لڳايو پر تنهن هوندي به تعداد جئين جو تئين وڌي رهي آهي .  سماجي بهبود وارو کاتو  ، لوڪل پوليس ، ٽرئفڪ پوليس ، انساني حقن واريون تنظيمون ، سماجي ورڪر اگر سڀ گڏ ويهي ان مسئلي جو مستقل حل ڳولين ته ڪا اميد پيدا ٿي سگهي ٿي ۽ انهي گداگري جي پيشي جي روڪٿام ٿي سگهجي ٿي . روزمره اهي پينو فقيرن کي ڏسي دل رنج به ٿئي ٿو . پر پوء به اها ڌڻي در دعا آهي ته شل ڀٽڪيل انسان راھ تي اچي وڃن ۽ پنڻ کي روزگار بنائڻ وارا پنڻ ۾ شرمساري محسوس ڪن . اها شرمساري انهن جي وڃايل آبرو لازمي موٽائيندي . هنن ۾ محنت ڪرڻ جو جذبو جاڳي پوندو . ائين اهي زندگي جون بنيادي ضرورتن جي پورائي لاء اٽي لٽي جي حاصلات لاء ڪنهنجي در تي يا رستي تي سڏ  نه ڏيندا  ، بلڪه انهن جي محنت جو اجورو پاڻهي انهن جي هٿ تي رکيو ويندو .

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *