تازيون خبرون

پرت نه ڇنن پاڻ ۾؛ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ

ولر ڪيو وتن پرت نه ڇنن پاڻ ۾،

پسو پکيئڙن ماڻهنئان ميٺ گهڻو.

ڪيترو نه پُر معنيٰ ۽ مقصدي بيت آهي؟ آفاقي محبت جي هن مثالي بيت مان اسان کي سبق سکڻ کپي، پرت ۽ محبت تڏهن پيداٿيندي، جڏهن اتفاق ۽ اتحاد هوندو، فتني ۽ نفاق سان ڪا به قوم نٿي سڌري سگهي. فتنو ۽ نفاق، اتفاق ۽ اتحاد جا ضد آهن. فسادي انسان فتني ۽ نفاق جا باني آهن، نفاق هڪ شيطاني ۽ تباهه ڪُن قوت آهي ۽ شيطان انسان جو ازل کان دشمن آهي. نفاق جي معنيٰ ئي آهي انتشار. نفاق جو انجام قتل و غارت گيري آهي جا هڪ فرد کان شروع ٿي قبيلن ۽ قومن جي تباهيءَ تي ختم ٿئي ٿي. هڪ شخص جو قتل يعني سڄي انسانيت جو قتل آهي، انساني جان کي، مارڻ وڏو گناهه آهي ۽ جيڪڏهن مقتول بيگناهه هجي ٿو ته ٻيڻو گناهه آهي پر فتنو ۽ نفاق ته قومن ۽ قبيلن کي ٿا ختم ڪن. تڏهن اهو چيو وڃي ٿو ته ”فتنو قتل کان وڌيڪ هاڃيڪار آهي.“ فتني ۾ ڪيترائي اخلاقي اوگڻ اچي وڃن ٿا. خاص طور ڪوڙ، گلا، غيبت هر فساد جي جڙ آهن. هڪ شخص جيڪا ڳالهه يا واقعو هجي ئي نه ۽ ان کي ڪوڙو ٺاهي وڌائي ۽ غيبتون ڪري فتنا، وڳوڙ ۽ فساد پکيڙي. مذهب کي فرقن ۾ منجهائي ته انهيءَ سان گهر، قبيلا، قومون ۽ ملڪ ناس ٿي ويندا.قرآن پاڪ ۾ ٻن قبيلن جي نفاق مهل هيءَ آيت نازل ٿي.

ترجمو: ”۽ خدا جي رسي کي مضبوطيءَ سان پڪڙيو، پاڻ ۾ ”تفرقا“ يعني ٽولا ٽولا نه ٿيو.“ مسلمان مسلمان جو ڀاءُ آهي سندس ايمان جي تقاضا آهي ته هر مسلمان ٻئي مسلمان جو خيال رکي ۽ دين اسلام جي تعليم تي عمل ڪري، ڌڻي تعاليٰ فرمائي ٿو ته ”جيڪڏهن توهان ۾ نفاق پيدا ٿئي ته پاڻ ۾ وڙهڻ جي بجاءِ خدا پاڪ ڏانهن رجوع ڪريو ته جيئن توهان ۾ اتحاد پيدا ٿئي.“

اتفاق، پيار ۽ محبت، آفاقي ۽ انسانيت جا امين جذبا آهن، جن سان عداوتون ختم ٿي، مظلوم ۽ مصيبت زده قومون غلاميءَ مان آزاد ٿين ٿيون. فتح ۽ ڪامراني سندن قدم چمي ٿي. اهو جذبو انسانن کي ڪائناتي مثالن مان سمجهائڻ لاءِ ڀٽ ڌڻيءَ تلقين ڪئي آهي. فرمائين ٿا ته پکين جي محبت مان سبق سکو ولر ڪري به گڏجي ٿا هلن، آسمان جي بلندين ۾ هڪ ٻئي تي حملا ڪري هڪ ٻئي کي ڪيرائين نه ٿا. بلڪه محبت جا پيامبر ٿي ٽولا ٽولا ٿي گڏجي پيار سان ٿا هلن. اهو ماڻهوءَ لاءِ سوچ ۽ ويچار جو مقام آهي ته هن آفاقي محبت مان سکي ۽ جنهن جي ضرورت آدم جي اولاد کي سڀني کان وڌيڪ آهي، جيڪو لالچ ۽ هٻڇ جي ڦندي ۾ ڦاسي پنهنجي ئي ڀاءُ کي ڦرڻ، دٻائڻ ۽ هيسائڻ کان نٿو مُڙي پر کيس قتل ڪندي به سندس دل ۾ رتيءَ جيترو رحم ڪونهي. هو فتنن ۽ فسادن سان قومن کي قبيلائي جنگين ۾ وجهي فنا ڪندو ٿو اچي. اهو فقط ان ڪري جو آدم عليه السلام جو اولاد انساني اخلاقي قدرن کان ڪري هيٺ پاتال ۾ اچي ويو آهي، جيڪي به اخلاقي گڻ جن جي مذهب تاڪيد ڪئي آهي. انهيءَ تي جيڪڏهن مڪمل طور تي عمل ڪيو وڃي ته هن دنيا مان فتني ۽ فساد جي پاڙ پٽجي ويندي.

نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جو ارشاد آهي ته ڪوڙي ۽ منافق جي نشاني اها آهي ته:

”ٻڌل ۽ ٻڌايل ڳالهه بغير تصديق جي ٻڌائي“.

ٻڌل ٻڌايل ڳالهيون وڌي ويجهي وڻ ٿي وينديون آهن جن ۾ ماڻهو پنهنجي مزاج مطابق ملاوٽ ڪري تباهيون آڻيندا آهن. اتفاق، ٻڌي ۽ اتحاد مختصر هوندي به پُر معنيٰ، جامع ۽ مڪمل لفظ آهن. چوندا آهن ”ٻه ته ٻارهن“ يا ”ٻڌيءَ ۾ طاقت آهي.“ جيڪڏهن مسلمانن ۾ ٻڌي هوندي ته هو گڏجي زندگي گذاريندا ۽ مسلمان ملڪ به پاڻ ۾ محبت سان هلندا جنهن سان سڄيءَ دنيا ۾ اسلام کي تقويت ملندي. پيار، همدردي، اتفاق ۽ اتحاد جا گل آهن ۽ نفاق انهن گلن کي ڇاڻي ٿو ڇڏي. اتفاق اونداهه ۾ سوجهرو، هيڻن جو سهارو ۽ بي وسيلن جو آسرو آهي، جو قومن جو مان هئڻ سان گڏ قومن مان بزدلي، بي حيائي، بي غيرتي، بداخلاقي ۽ غلاميءَ کي ختم ٿو ڪري.

انسان هن دنيا ۾ اڪيلو آيو آهي پر چوندا آهن ته ”اڪيلو نه روئندي سونهي نه کلندي.“ اڪيلي آدم عليه السلام کي پيدا ڪري سندس راحت لاءِ ڪائنات کي وڌائڻ لاءِ الله تعاليٰ بيبي حوا کي پيدا ڪيو، جنهن سان هيءَ دنيا وجود ۾ آئي. قبيلا ۽ قومون ٺهيون، ڳوٺ، شهر ۽ ملڪ آباد ٿيا. هاڻي ڏٺو وڃي ته جيڪڏهن ڪنهن هڪ گهر ۾ اتحاد ڪونهي ۽ ننڍن لاءِ شفقت ۽ وڏن لاءِ عزت ڪونهي ته اهو گهر دنگي ۽ فساد جو اڏو ٿي ويندو آهي ۽ ائين ئي خاندانن جو حال آهي. اسين ڏسنداسين ته ڪجهه خاندانن ۾ محبتون ۽ پيار تمام گهڻا هوندا آهن ۽ هو هڪ ٻئي جي ڏک سک جا ڀائيوار هوندا آهن ۽ ڪجهه خاندانن ۾ هڪ ٻئي لاءِ ساڙ، جلن ۽ حسد جا جذبا، مٽن مائٽن جون ناراضگيون ۽ سوشل اسٽيٽس Social status جا فرق کين پنهنجن جي بجاءِ پراون ڏانهن متوجهه ڪندا آهن. اهڙيءَ ريت پاڻ ۾ ٻڌي محبت ۽ پيار سان نه هلندڙ قوم بدحال ۽ هيڻي ٿي تباهه ٿي ويندي، جنهن ڪري ڪيترائي ڳوٺ، شهر ۽ ملڪ برباد ٿي ويندا.

حڪم خداوندي آهي ته ”آئون توهان کي توهان جا سڀ گناهه معاف ڪندس پر هڪ ٻئي تي ڪيل ظلم معاف نه ڪندس.“ هڪ ٻئي تي ڪيل ظلمن ۾ وڏو ظلم آهي ته انسانن ۾ انتشار پيدا ڪيو وڃي ته سندن قوت کي خطرو ٿئي.

نفاق هڪ وڏي شيطاني قوت آهي. شيطان رب پاڪ جي عزت جي قسم کاڌي آهي ته ”آئون انسانن تي ساڄي، کاٻي ۽ هر پاسي کان ايندس ۽ کين گمراهه ڪندس ۽ ڌڻيءَ سڳوري جو حڪم آهي ته جيڪي به شيطان جي چوڻ تي هليا ته انهن سڀني سان آئون دوزخ کي ڀريندس.“

منافق پوريءَ انسانيت لاءِ هاڃيڪار ٿئي ٿو. نااتفاقي سبب ماڻهو هڪ ٻئي جو ماس پيا پٽيندا آهن. زر، زن ۽ زمين جي جهيڙن تي قبيلن جا قبيلا رت جون نديون ٿا وهائين. صرف نفساني حوس انسان کي جهالت جي ڪارن ڪوٽن ۾ جڪڙي ڇڏيو آهي ۽ اخلاقيات جا سڀ سبق ميٽجي ويا آهن.

گهرن، پاڙن، ملڪن ۽ قومن مان ٻڌي نڪري ويئي آهي.

نفاق قومن جي نابودي آهي جنهن جي سببن ۾ فرقيواريت خاص آهي، جنهن سان قومن جو اتحاد ٽٽي ٿو ۽ هو غلام ٿي وينديون آهن ۽ انهيءَ سبب کان ئي ڪيترا اسلامي ملڪ هڪ ٻئي کان پري ٿي ويا آهن ۽ سندن سوچ محدود ٿي ويئي آهي. انهيءَ تنگ نظريي ۽ تنگ ذهنيءَ سبب غير مسلمن تي مسلم امت جي لاءِ خراب اثر ويٺا آهن ۽ هو سندن ڪمزوري ڄاڻي ويا آهن، جنهن ڪري سندن ترقيءَ ۾ رڪاوٽون اچي ويون آهن، هو سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ترقيءَ ۾ به پوئتي رهجي ويا آهن. پاڪستان ۾ به فرقيواريت سبب ملڪ جو سياسي نظام ۽ سماجي ڍانچو متاثر ٿيو آهي. اقتصادي ترقيءَ تي روز روز جا وڳوڙ حاوي ٿي ويا آهن. انهيءَ ڪري بيروزگاري ۽ بدحالي وڌندي پيئي وڃي ۽ ذاتي مفاد، قومي مفادن کان مٿڀرا ٿي ويا آهن. روزانه جي قتل و غارت گيري، بم ڌماڪن ۽ مختلف جماعتن جي جهيڙن سان هن اسلامي مملڪت جي سالميت کي نقصان پهچي رهيو آهي. نفاق سان باطل قوتون اڳيان وڌي اسلام جي بنياد کي ڪمزور ڪري رهيون آهن. رنگ، زبان، قوم، نسل ۽ علائقائي جهيڙا ئي امت کي اتحاد کي ٽوڙڻ جا ڪارڻ آهن جڏهن ته مذهب ته صرف پرهيزگاريءَ کي فوقيت ٿو ڏئي.

اسان کي نه صرف پنهنجي ملڪ جي اتحاد ۽ اتفاق تي ڌيان ڏيڻ گهرجي بلڪه پوري مسلمان قوم لاءِ دعاگو رهي عملي ڪوششون ڪرڻ گهرجن. ضروري آهي ته سڀ مسلمان ملڪ پاڻ ۾ صنعتي، تجارتي، تعليمي، ثقافتي ۽ معاشي طور هڪ ٻئي کي ويجها اچن. سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي ميدان ۾، ڀلائي ۽ نيڪيءَ جي ڪمن ۾ هڪ ٻئي جي مدد ڪن ۽ اهي رستا تڏهن هموار ٿيندا جڏهن سچي دل ۽ سچي جذبي سان اسين اڳيان اچي اهڙو ماحول پيدا ڪنداسين جو هر مسلمان ٻئي مسلمان جو خير خواهه ٿئي. جيتري قدر اسان جو اتفاق ۽ اتحاد هوندو اوتري قدر اسين مضبوط ٿي پنهنجي وڃايل عظمت ٻيهر حاصل ڪري سگهنداسين.

قومون اجتماعي مقصد ماڻي ڪاميابيون تڏهن حاصل ڪنديون، جڏهن منجهن ٻڌي هوندي. هٿ هٿ تي رکي ويهڻ سان ڪجهه هڙ حاصل نه ٿيندو آهي. شاعر چوي ٿو ته:

خدا نبي ني آج تڪ اُس قوم کي حالت نهين بدلي،

نه هو جس ڪو خيال آپ اپني حالت بدلني ڪا.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *