تازيون خبرون

پاڪ_ڀارت لاڳاپا؛ڊاڪٽر عائشه صديقه

روس جي شهر اوفا ۾ وز يراعظم نواز شريف ۽ نريندر موديءَ جي ملاقات جو نتيجو ڏکڻ ايشيا جي روايتي پيمانن  مطابق آهي. هر ڌر جي دعويٰ آهي ته ان ڪجهه ڪاميابي حاصل ڪئي، جڏهن ته حقيقت هيءَ آهي ته ان موقعي تي سواءِ فوٽو سيشن جي ٻيو ڪجهه به نه ٿيو. اوفا واري ملاقات پاڪ-ڀارت لاڳاپن جي برف ڳارڻ لاءِ به نه هئي. اها طاقتن جي گڏجي ويهي عالمي سياست جي لاهن چاڙهن، جن جو تعلق ساڻن هو، تن کي نئين سر ترتيب ڏيڻ هو.ان دوران ڏکڻ ايشيا جي هنن ٻنهي ملڪن کي به چيو ويو ته اهي به هنن معاملن ۾ شريڪ ٿي وڃن ته جيئن ڳالهه اڳتي وڌي سگهي.

دنيا خاص ڪري چين  ۽ روس کي دهشت گردي ۽ پاڪستان جو سياسي پاسو ڪنٽرول ڪرڻ جو  فڪر آهي. چين پاڻ  کي ان خطري جي منهن ۾ آيل سمجھي ٿو، جهڙي قسم جي صورتحال کي سوويت يونين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو هو. پر هو ان جي حل لاءِ اهو طريقو اختيار ڪرڻ نٿو چاهي، جيڪو سوويت يونين افغانستان ۾ آزمايو هو، چين جنهن مسئلي کي منهن ڏئي رهيو آهي، تنهن کي سوويت يونين کي جيڪو مسئلو درپيش هو، تنهن سان ڀيٽڻ کان وڌيڪ ڀيٽ نه ٿي ڪري سگهجي. چين، سوويت يونين جي ڀيٽ ۾ فائدي ۾ آهي، ڇو جو سوويت يونين جي ڀيٽ ۾هن جا پاڪستان سان بهتر لاڳاپاآهن. حقيقت ۾ پاڪستان چين تي پنهنجو دارومدار وڌائي رهيوآهي ۽ چين جا ڀارت سان به دهشت گرديءَ خلاف وڙهڻ جو هڪ گڏيل مقصد به هو، تنهن ڪري اوفا ۾ شنگهائي تعاون تنظيم ۾ واڌ ڪندي پاڪستان ۽ ڀارت کي ان ۾ شامل ڪرڻ جو مقصد خطي ۾ سياسي طور امن ۽ سڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ آهي.  مون کي ياد آهي ڪيئي سال اڳ جڏهن مان انگلينڊ ۾ پي ايڇ ڊي ڪري رهي هئس، مون کي ڏکڻ ڪوريا سان تعلق رکندڙ هڪ سينيئر ساٿيءَ سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جو موقعو مليو. هن هڪ ڳالهه جي وضاحت ڪندي چيو ته هن وقت جيڪو  هڪ سياسي ڍانچو جڙي پيو سو مستقبل ۾ اسٽريٽجڪ گروپنگ تي زور ڏيندو ۽ ان کي نه مڃيندڙ رياستون پنهنجي اهميت وڃائي ويهنديون.

جيڪا ڳالهه ان وقت مبهم ۽ اڻ ٿيڻي نظر اچي رهي هُئي. هاڻي گذرندڙ مهينن ۽ سالن سان ان جا مقصد واضح ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن. علائقائي تنظيمي ڍانچا سفارتي سطح تي ڳالهيون ٻولهيون ڪرڻ ۽ پنهنجو موقف پيش ڪرڻ جي اجازت ڏين ٿا. ڀارت ۽ چين ۾ تلخيون رهنديون پر اهي علائقائي اتحاد ۾ هڪٻئي جا ڀائيوار هوندا. ان پليٽ فارم تي هو پنهنجي مفادن ۽ تعاون جي رُخَ کي بحث هيٺ آڻي سگهن ٿا. علائقائي تنظيم وڏين رياستن کي به موقعو ڏيندي آهي ته اهي پنهنجي اثر ۽ دائري کي ٻه طرفي تعاون جي آڙ ۾ اڳتي وڌائي سگهن.

هتي مسئلو هي آهي ته ڏکڻ ايشيا ڪيترو تيزيءَ سان انهيءَ تبديل ٿيندڙ صورتحال کي اپنائي سگهي ٿي؟ چين مان سکڻ لاءِ گهڻو ڪجهه آهي، خاص ڪري هن جو اهو رويو ته اهو دشمنيءَ کي اهڙي راند نه ٿو سمجھي، جنهن ۾ هڪ رياست جو فائدو، ٻيءَ جو نقصان هجي، توهان ڪنهن به مسئلي تي پنهنجو هڪ موقف اختيار ڪري سگهو ٿا، پران جي ڪري هڪ بهترين ڪاروبار متاثر ڇو ٿئي؟ دولت، فوجي طاقت کان به وڌيڪ اثر رکندڙ  ٿئي ٿي. چين ڏکڻ ايشيا جي ڪيترين ئي رياستن ۾ وڏي سيڙپ ڪندي مالي فائدا حاصل ڪري رهيو آهي. ٿي سگهي ٿو ته ان جي ڪيترن ئي منصوبن کي انساني حقن ۽ سماجي تنظيمن جا ڪارڪن چئلينج ڪن، ڇو جو اهي صرف نظر ۾ رکندي جوڙيا ويا آهن، پر ائين به آهي ته برما کان ويندي سري لنڪا ۽ پاڪستان تائين سياسي ۽ سماجي ايڪٽوزم کي ناپسنديده تصور پئي ڪيو ويندو رهيو آهي.

جيتري قدر پاڪستان جو تعلق آهي ته اوفا کي هڪ ناڪامي طور پيش ڪرڻ غلط آهي.ڪجهه تجزيا نگار سرتاج عزيز جي ان بيان کي جنهن ۾ هن چيو آهي ته ڪشمير پاڪستان لاءِ مرڪزي حيثيت رکي ٿو، کي عجيب طريقي سان پيش ڪري رهيا آهن. ماڻهن کي ياد ڏيارجي ته ڪشمير، اوفا پڌرنامي جو حصو ناهي ۽ اهو به باور ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته ملاقات ۾ صرف نقصان ٿيو آهي.

ڪجهه ماڻهو سُرٻاٽن ۾ چئي رهيا آهن ته نواز شريف جي سفارتي اڻڄاڻائيءَ سبب سندس حڪومت کي سياسي طور نقصان ٿيو آهي. ياد رهي ته گذريل ڪجهه مهين کان وٺي پاڪستان ۾ ٿيندڙ هر ناڪاري ڪم پٺيان ڀارتي ڳجھي اداري ”را“ جو هٿ ڏيکاريو پيو وڃي، جنهن جو اولڙو اوفا واري ملاقات ۾ نظر آيو، پاڪستاني طاقت جي مرڪزن کي سمجهڻ جي ضرورت آهي. وسيع علائقائي تعاون هاڻي ڪارگل جهڙي ڪنهن ٻي مهم کي برداشت نه ڪري سگهندو. پاڪستان کي سماجي، معاشي، سياسي ۽ سفارتي قوت وڌائڻ جي ضرورت آهي.ان کي دنيا کي فوجي آئين کان هٽي ڏسڻ جو هنر سکڻو پوندو

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *