تازيون خبرون

پاڪستان ۾ سياسي جمھوري نظام۔۔: تحرير: جنيد عدنان ڏھراج

جمھوريت  جي لُغوي معنیٰ آھي ”عوام جي حڪمراني“۔ يونان جي مفڪر مطابق ” جمھوريت ھڪ اھڙي حڪومت ھوندي آھي جنھن ۾ رياست جا حاڪمانه اختيار قانوني طور تي پوري معاشري کي حاصل ھوندا آھن۔“ جمھوريت جو لفظ پڻ ٻن يوناني لفظن Demo يعني عوام ۽ Kratos يعني حڪومت سان ملي ٺھي ٿو۔ جنھن جي تشريح اھا به ٿي سگھي ٿي ته ماڻھن جي اڪثريتي راءِ کي مڃڻ۔ اھو اھڙي رويي جو نالو آھي جو ڪجھ ماڻھو عوام جي بھتري لاءِ ڪم ڪن ۽ اھي عوام جي نمائندگي پڻ ڪندا ھجن عوام ئي انھن کي منتخب ڪيو ھجي۔ سابق آمريڪي صدر  ابراھيم لنڪن جمھوريت جي تعريف ھن نموني ڪئي آھي ته: ”عوام جي حاڪميت۔ عوام جي ذريعي۔ عوم تي۔“
سياست مان مراد اھڙو عمل آھي جنھن سان معاشري جي معيشت۔ عدل و انصاف ۽ آزادي جي اصول کي فراھم ڪرڻو آھي۔ سياست ۾ رياستي فيصلا عوامي راءِ عامه سان ڪيا ويندا آھن۔ سياست جي تعريف ھيئن به ٿي سگھي ٿي ته ھڪ معاشري جي وڏن وڏن مسئلن مشڪلاتن جي باري ۾ فيصلو ڪرڻ انجي تدبير ڪرڻ ۽ ان معاشري جي مشڪلاتن کي رفع ڪرڻ مختلف امورن کي منظم ڪرڻ منصوبه بندي ڪرڻ ۽ انجي اجراء کي شامل ڪرڻ آھي۔
سياست جو پھريون بنيادي مقصد اقتدار جو حصول ھوندو آھي ۽ پوءِ حقن جو حصول مذھبي قدرن جي تحفظ جمھوري روايتن جي تحفظ کي يقيني بنائڻ ھوندو آھي۔

ملوڪيت جي معنیٰ آھي شخصي حاڪميت يعني ھڪ اھڙو نظام جتي ھڪ شخص طاقت جي زور تي حڪومت حاصل ڪندو آھي ۽ عوام انکي پنھنجو اڳواڻ رھنما تسليم ڪرڻ تي مجبور ھوندو آھي۔ انجو مثال بادشاھت۔ مارشل لا يا جاگيردارن سرمايه دارن جي حڪمرانيءَ کي تصور ڪندي محسوس ڪري سگھجي ٿو۔
پاڪستاني حڪمران بار بار جمھوريت جو راڳ آلاپيندا آھن پر انھن لاءِ جمھوريت جو مقصد اقتدار حاصل ڪري صرف ذاتي مفاد حاصل ڪرڻ ھوندو آھي۔ پاڪستان ۾ سياست جو گھڻو عرصو فوجي حڪمرانن يا آمريت جي نظر ٿيو پر جمھوري وقتن ۾ به سياست سرمايه دار جاگيردار جي گھر جي ڪنيز بڻيل رھي۔ غريب جو سياست ۾ حصو وٺڻ ممڪن ئي ناھي البته ووٽ ڏيڻ۔ جلسن ۾ ماڻھن جي تعداد وڌائڻ۔ وڏن وڏن نعرن ھڻڻ ۾ غريب نظر ايندا آھن۔ سياسي اڳواڻ عوام کي خوبصورت خواب ڏيکاري قتدار حاصل ڪن ٿا ۽ پوءِ کين ياد به نه ٿو رھي ته ڪھڙا ڪھڙا وعده وچن ڪري اچي ھن منزل پڳا آھيون جيڪڏھن ڪجھ ياد رھي ٿو ته اھو ذاتي مفاد ۽ سياسي انتقام۔ پاڪستان ۾ جمھوري انداز ۽ فڪر ڪنھن ھڪ به سياسي جماعت ۾ نظر نه ٿو اچي۔ ھر سياسي اڳواڻ جي پنھنجي پنھجي جماعت اندر ملوڪيت يعني بادشاھت قائم ڪيل آھي مطلب ته اقتدار ملڻ شرط شخصي نظام شخصي غرض تي حڪومت ۽ پارٽيءَ کي ھلايو وڃي ٿو۔ مٿان نظر ايندڙ سياسي جمھوري پارٽيون اندر ۾ درحقيقت بدترين ملوڪيت جو شڪار رھن ٿيون۔اھو ئي سبب آھي جو ڪنھن به سياسي پارٽي ۾ انٽرا پارٽي اليڪشن نه ٿي ٿئي ۽ ساڳا پارثي چيئرمين۔ صدر ۽ ساڳيون تنظيمي باڊيون سالن کان قابض آھن۔ اگر ھڪ اڌ پارٽيءَ ۾ جيڪڏھن پارٽي اندر اليڪشن ٿئي به ٿي ته به فقط ڏيکاو کان سواءِ ڪجھ نه آھي۔ مطلب صرف خانا پوري ڪرڻ لاءِ ۽ ڪاغذن جو پيٽ ڀرڻ لاءِ اھو ڍونگ رچايو ويندو آھي۔ جمھوريت ۾ ته ھر ھڪ جي راءِ کي اھميت حاصل ھوندي آھي پر ھتي فيصلا مشاورت سان نه پر زاتي شخصي سوچ سان مڙھيا ويندا آھن۔ مطلب پوري ملڪ کي يا پارٽيءَ کي شخصي سوچ تي پرائيويٽ ڪمپني طور ھلايو ويندو آھي اگر ڪوئي فيصلي کان اختلاف راءِ رکي ٿو ته انکي اقتدار کان پري ڪري پارٽي عھدا کسي سياسي طور تڙيو ويندو آھي۔

ملوڪيت ۾ ھميشه اڳواڻ پنھنجي ھوندي ئي پنھنجو جانشين مقرر ڪندو آھي جيڪو عام طور تي سندس گھر جو ڀاتي جھڙوڪ پٽ۔ڌيءُ ۔ ڀاءُ۔ ڀيڻ يا ڪو غزيز رشتيدار وغيره ھوندو آھي پوءِ ڀلي اھو ان عھدي جي اھل ھجي يا نه پر فيصلو مسلط ڪيو ويندو آھي۔ اگر ڪنھن ٻئي سياسي پارٽي سان ٺاھ يا اتحاد ڪرڻ جي ضرورت پيش ايندي آھي ته اُھي اتحاد پڻ ملڪي مفاد خاطر نه پر پنھنجي ڪمزور حڪومت کي تقويت ڏيڻ خاطر يا اقتدار کي طول ڏيڻ خاطر يا ٻئي ڪنھن ذاتي غرض خاطر جوڙيا ويندا آھن۔ سياسي جمھوري پارٽين جي حڪمرانن۔ اقتدار ۾ شامل اڳواڻن۔ وزيرن مشيرن انھن جي واٺن جي لائيف اسٽائيل پروٽول ۽ عيش عشرت ڏسي ئي پتو پئجي وڃي ٿو ته ھڪ غريب ملڪ جا حڪمران ملڪ ۽ غريب عوام سان ڪيترو مخلص آھن۔ شخصي اثر ۽ غلامانه سوچ رکندڙ ماڻھن کي جمھوريت ۽ انجي قدرن جي ڪھڙي خبر؟ حاڪميت جو مقصد خدمت خلق بدران اگر ذاتي غرض بڻجي وڃي پوءِ سياسي حڪومت ھجي چاھي آمريت جمھوريت ڪڏھن نه ايندي۔ جمھوريت آڻڻ جا دعويدار حڪمران پنھنجي عملن کي ڏسي ثابت ڪن ته اُھي جمھوري اصولن جي پاسداري ڪري رھيا آھن يا اڻسڌي طرح آمريت جي ٻوٽي کي پاڻي ڏئي پروان چاڙھي رھيا آھن۔

Ja.dehraj@gmail.com

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *