تازيون خبرون

پارليامينٽ ۾ قاعدن جي لتاڙ!؛جاويد ابڙو

حقيقت اها آهي ته پارليامينٽ جا ڪيترائي اهڙا نمائندا آهن، جيڪي پنهنجي تڪ مان ووٽ وٺڻ بعد وڏي عرصي تائين ايوان ۾ اچڻ جي زحمت به نه ڪندا آهن، عوام جنهن نمائندي کي ووٽ ڏئي کيس انهيءَ آس تي ايوان تائين پهچائي ٿو ته هو فلور تي بيهي سندن بنيادي مسئلا حل ڪرائڻ لاءِ آواز اٿاريندو، کين بيروزگاري ۽ غربت کان ڇوٽڪارو ڏياري تعليم ۽ صحت جون سهولتون فراهم ڪرائيندو، پر اهو چونڊيل نمائندو مهينن ۽ سالن تائين پارليامينٽ جو رُخ ئي نه ڪري، ايوان ۾ پيل سندس سيٽ تي به مٽيءَ جي لَٽ چڙهي وڃي، تان جو اسيمبلي جو آئيني مدو پورو ٿيڻ لڳي ته ان وقت کيس ياد اچي ته هو به ڪو پارليامينٽ جو ميمبر هو ۽ هاڻ کيس ٻيهر تڪ ۾ وڃي ڪوڙا واعدا ڪري ۽ آسرا ڏئي ووٽ وٺڻا آهن ته پوءِ اهڙي ظالم سوچ رکندڙ نمائندي کي ووٽ ڏئي پارليامينٽ تائين پهچائڻ جو ڪهڙو فائدو؟

2013ع جي عام چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلين بابت جوڙيل انڪوائري ڪميشن جي رپورٽ اچڻ کانپوءِ پارليامينٽ ۾ غير حاضري سبب تحريڪ انصاف کي به اهڙي ئي قسم جي معاملي کي منهن ڏيڻو پيو، جنهن خلاف ٻن سياسي جماعتن پارليامينٽ ۾ تحريڪون به جمع ڪرائي ڇڏيون هيون، پر سياسي مصلحت جي ڪري ايم ڪيو ايم ۽ جي يو آئي (ف) کي پي ٽي آءِ جي ميمبرن کي ڊي سيٽ (نااهل) قرار ڏيڻ واريون رٿون نيٺ واپس وٺڻيون پيون ۽ قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ايم ڪيو ايم ۽ جي يو آءِ (ف) رٿون واپس وٺڻ جو اعلان ڪيو.ان موقعي تي جي يو آءِ (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان پاران جمهوريت جي حق ۾ پيش ڪيل نئون ٺهراءُ يڪراءِ منظور ڪيو ويو آهي، ٺهراءُ جي متن ۾ چيو ويو آهي ته پارليامينٽ پاڪستان جي بچاءَ، ٻڌي ۽ ايڪي جي نشاني آهي، جنهن جي مان جو تقدس برقرار رکڻ هر پاڪستاني جو فرض آهي، پوائنٽ آف آرڊر تي ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته اسان حڪومت کي پنهنجي رٿ تي مطمئن نه ڪري سگهياسين، وزيراعظم نوازشريف ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه اسان کي رٿون واپس وٺڻ جون اپيلون ڪيون، ان ڪري حڪومت ۽ اڪثر ميمبرن جي درخواست تي پارليامينٽ ۽ جمهوريت جي احترام ۾ رٿون واپس ورتيون آهن، باقي ماضي ۾ جيڪي ڪجهه ٿيو، ان تي اسان کي اعتراض ۽ شڪ ضرور آهن، اسان جي دلين ۾ ڪجهه وهم ۽ وسوسا آهن، خبر ناهي ته انهن جو ازالو ڪيئن ٿيندو. مولانا فضل الرحمان وڌيڪ چيو ته پارليامينٽ جي مضبوطي خاطر هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، اسان پهرين به گڏ هلڻ لاءِ تيار هئاسين ۽ اڄ به گڏ هلڻ لاءِ تيار آهيون، پر پنهنجي موقف تي ڪالهه به قائم هئاسين، اڄ به قائم آهيون ۽ سڀاڻي به ساڳيو موقف هوندو. اجلاس کي خطاب ڪندي ايم ڪيو ايم جي پارلياماني اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار جو چوڻ هو ته الطاف حسين سان مشاورت، وزيراعظم نوازشريف، مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه ۽ ايوان ۾ ويٺل ٻين ميمبرن جي اپيلن تي ايم ڪيو ايم پي ٽي آءِ خلاف جمع ڪرايل رٿ واپس ورتي آهي، ايم ڪيو ايم ته ان معاملي جي آئيني ۽ قانوني رخن تي ڌيان ڏيارڻ پئي چاهيو، ڇو ته آئين ۽ قانون کي هڪ پاسي رکي جمهوريت جي مضبوطي واريون دعوائون کُوکليون آهن.

جي يو آءِ (ف) ۽ ايم ڪيو ايم پاران پي ٽي آءِ خلاف تحريڪون واپس وٺڻ کان هڪ ڏينهن اڳ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق متحده قائد الطاف حسين سان فون تي رابطو ڪري کيس اپيل ڪئي هئي ته ايم ڪيو ايم تحريڪ انصاف جي ميمبرن کي ڊي سيٽ ڪرڻ لاءِ داخل ڪرايل رٿ واپس وٺي، ٽيليفونڪ رابطي دوران اسپيڪر اياز صادق ۽ متحده جي سربراهه الطاف حسين پارليامينٽ جي ڪارروائين تي تفصيلي ڳالهايو. وڏي افسوس جهڙي ڳالهه آهي ته اسپيڪر پارليامينٽ جو هيڊ هوندو آهي، هو حڪومت جو نمائندو ناهي هوندو، جنهن منصب تي اسپيڪر اياز صادق فائز آهي، ان جي حيثيت کي نظر ۾ رکندي کيس اهو نه پيو جڳائي ته هو پرڏيهه ويٺل برطانوي شهري کي اپيل ڪري، جيڪڏهن الطاف حسين سان رٿ جي معاملي تي ڳالهائڻو ئي هو ته قائد ايوان، مخالف ڌر جي اڳواڻ يا حڪومت جي ڪنهن نمائندي کي رٿ واپس وٺڻ جي معاملي تي ڳالهائڻ کپندو هو، اسپيڪر اياز صادق کي اها ڄاڻ به هئي ته پي ٽي آءِ ميمبرن کي ڊي سيٽ ڪرڻ لاءِ ڀلي جي يو آءِ (ف) ۽ ايم ڪيو ايم جا ميمبر گڏجي وڃن، پر حڪومتي ۽ مخالف ڌر جي حمايت کانسواءِ هو رٿ پاس ڪرائڻ ۾ ڪامياب نٿا ٿي سگهن.آئين تحت جيڪڏهن ڪو پارلياماني ميمبر 40 ڏينهن تائين ايوان ۾ نٿو اچي ته سندس رڪنيت تان هٿ کڻڻو پوندو آهي، تحريڪ انصاف جا ميمبر ته وڏي عرصي کان پارليامينٽ ۾ غير حاضر هئا، آئون نٿو چوان ته پي ٽي آءِ خلاف داخل ڪرايل رٿون منظور ڇو نه ڪرايون ويون، پر آئين کي اڳيان رکيو وڃي ته اها ڊيل ان سان مذاق يا مقدس سمجهيو ويندڙ ملڪي دستور کي بيوقوف بڻائڻ جي ڪوشش آهي، پارليامينٽ ۾ ويٺل سمورا ميمبر ان ڳالهه کا خوفزده هئا ته جيڪڏهن جي يو آءِ (ف) ۽ ايم ڪيو ايم پاران پي ٽي آءِ ميمبرن خلاف پيش ڪيل رٿون منظور ڪيون ويون ته پارليامينٽ جي اها روايت بڻجي ويندي ۽ جيڪڏهن ڪنهن به ميمبر 40 ڏينهن تائين ايوان طرف منهن نه ڪيو ته هن کي رڪنيت تان هٿ کڻڻو پوندو.تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان به قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق ۽ متحده قائد وچ ۾ ٿيل ٽيليفونڪ رابطي تي تنقيد ڪندي چيو ته الطاف حسين کان پڇڻ کان بهتر هو ته اسان اسيمبلين کان ٻاهر ئي ٿي وڃون، پر تحريڪ انصاف ۾ به ايتري جرئت نه ٿي، جو چون ها ته هو 40 ڏينهن تائين ايوان ۾ غير حاضر رهيا، هنن استعيفائون ڏنيون، ان ڪري هاڻ کين ڪا رعايت ڏيڻ جي ضرورت ناهي، هونئن ته ايوان ٻاهران گهڻيون ڳالهيون ڪيون وڃن ٿيون، پر عمران خان يا شاهه محمود قريشي فلور تي بيهي اهو ته اعتراف ڪن ها ته هُنن واقعي استعيفائون ڏنيون هيون، ڇا اهي ايترو نٿا سوچين ته جنهن عوام کين قيمتي ووٽ ڏئي کين چونڊيو آهي ته ڇا هو ايوان ۾ عوامي مسئلن تي ڳالهائڻ ۽ جمهوري ڪردار ادا ڪرڻ بجاءِ غير حاضر ٿي پارليامينٽ جو وقت ضايع ڪري رهيا آهن؟ هن ملڪ ۾ پارلياماني سياست به عجيب بڻجي چڪي آهي، ڪير جيڪڏهن ڪا رٿ پيش ڪري ٿو ته ان جي حيثيت جو اندازو اڪثريت يا اقليت مان لڳايو وڃي ٿو، پارليامينٽ ۽ آئين هوندي به ان سان مذاق ڪيو وڃي، مفاهمت جون ڪچهريون ڪري پنهنجي سر معاملا طئي ڪيا وڃن ته پوءِ ڇا اها پارلياماني ڪارروائين ۽ اصولن جي لتاڙ ناهي؟ پارلياماني سياست ۽ ڊي چوڪ واري سياست ۾ پوءِ فرق ڪجي ته ڪيئن ؟ سياسي ورتاءُ جي اها تقاضا هوندي آهي ته پارليامينٽ ۾ آئين ۽ درست قانون سازي لاءِ ميمبر پنهنجو ڪردار ادا ڪن، اڪثريت چڱن ڪمن ۽ عوام جي ڀلائين جي حوالي سان پيش ٿيندڙ ٺهرائن کي به بلڊوز ڪري ڇڏيندي آهي، ڪالهوڪي اجلاس ۾ به لڳ ڀڳ ائين ئي ٿيو آهي، جيڪڏهن پارليامينٽ ۾ پي ٽي آءِ خلاف رٿن تي ووٽنگ ڪرائي وڃي ها ته اڳتي لاءِ چونڊيل نمائندن لاءِ بهتر روايت قائم ٿي وڃي ها، پر پارلياماني اصولن کي نظرانداز ڪيو ويو آهي. بهرحال، عوام هاڻ باشعور ٿي رهيو آهي، پارلياماني اصولن جي لتاڙ ڪندڙ ميمبرن کي آئيني مدو پورو ٿيڻ تي نيٺ واپس پنهنجي تڪن ۾ اچڻو آهي،

موجوده جمهوري نظام به اڳتي هلندو رهي، آئين ۽ پارلياماني اصولن خلاف هلندڙ چونڊيل نمائندن جو عوام پاڻ احتساب ڪندو، صرف عوام جي راءِ جو درست نتيجو اڳيان آڻڻ جو انتظام ٿيڻ ڏنو وڃي، جيڪڏهن پارليامينٽ مان چونڊ سڌارن سان گڏوگڏ احتساب جو قانون به منظور ڪرائي لاڳو ڪرايو وڃي ها ته ڇا اهو بهتر نه هو، افسوس ته انهيءَ ڳالهه جو به آهي ته اسان جي ملڪ ۾ گهڻو عرصو آمريت پلجي آهي، آئيني اختيارن جو غلط استعمال ڪيو ويو.

سياسي جماعتن جي سربراهه کي ان ڳالهه تي سنجيدگيءَ سان ويچارڻ گهرجي ته هو پنهنجي جماعت جي ٽڪيٽ تي چونڊيل نمائندن کي اهڙو درس ڏين، جنهن سان هو عوامي اميدن تي پورو لهي سگهن، عوام جي مشڪلاتن جو حل عوامي سوچ مطابق ئي ڪڍيو وڃي، اسان جي ملڪ ۾ انيڪ مسئلا ۽ بحران آهن، سياسي جماعتن جي سربراهن کي پنهنجو رويو تبديل ڪرڻ گهرجي. انهن درسگاهن کي بند ڪرڻو پوندو، جتي عوامي مفادن کي پاسيرو رکي مفاهمت، ذاتي مفاد ۽ فائدا حاصل ڪرڻ جا سبق ڏنا وڃن، وفاقي حڪمران جماعت مسلم ليگ (ن) هجي يا پيپلزپارٽي، پي ٽي آءِ هجي يا اي اين پي، ملڪ جي انهن سمورين سياسي جماعتن کي هاڻ عوام جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪوششون ڪرڻيون پونديون، جن جمهوريت جو تسلسل جاري رکڻ لاءِ لڳاتار جدوجهد ڪئي، جيڪڏهن ائين نه ڪيو ويو ته ماضيءَ ۾ جمهوريت جي مضبوطي لاءِ ڪيل جدوجهد ۽ قربانين تي پاڻي ڦيرجي ويندو.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *