تازيون خبرون

پئسي جو مزو ئي پنهن جو آهي!: شفيق شاڪر

ٻهراڙيء جو هڪ همراه ميلو گھمڻ ويو،هي ماڻهو هو تمام سادو ۽ ميلي ۾ هئي رش گھڻي سو ان ڌڪ ڌڪان ۾ همراه جو پٽڪو ڪري پيو،پويان ئي ڪو ڳنڍيڇوڙ هن جي ڪڍ هو سو جيئن ئي پٽڪو ڪريو،ڳنڍيڇوڙ اهو کڻندي اهڙو ته سو تي ڪانٽو رکيو جو همراه پٽيندي ۽ رڙيون ڪندي ئي رهجي ويو.هونئن به ميلي ۾ گھمندڙ ٻين هيترن سارن شوقينن مان ڪنهن وٽ ايترو اجايو وقت  ڪٿي هو جو ان پوڙهي جي پراڻي پٽڪي جي پويان پنهن جو پيٽرول ۽ وقت ٻئي خرچ ڪن.بهرحال همراه پنهن جي منهن ڀڻڪندو ۽ ڳنڍيڇوڙن کي عجيب ۽ غريب گارين جا پرپٺ مفت ناشتا ڪرائيندو ڳوٺ پهتو.سندس مٽ مائٽ به وٽانئس ميلي جون خبرون وٺڻ لاء اچي گڏ ٿيا.هڪڙي پوڙهي دوست کانئس پڇيو ” ڏي خبر ڀائو! ميلي ۾ ڪو مزو هو؟“ همراه ته اڳيئي سڙيو ويٺو هو سو چوڻ لڳو ؛  ” ڌوڙ تنهن جي منهن تي ۽ ڇاهي ميلي جي مزي تي! جيڪر مون کي اڳواٽ اها خبر هجي ها ته اهو ميلو مچايو ئي ويو هو منهن جو پٽڪو چورائڻ لاء ته آئون ڀلجي به ان ميلي ۾ نه وڃان ها! هڪڙو ته نڀاڳن منهن جو پٽڪو ڪيرايو ٻيو ظلم اهو ته پٽڪو پاڻ سان گڏ کڻي به ويا،صرف پٽڪو ڪرڻ جو مون کي ايترو درد نه ٿئي ها جيترو درد پٽڪو چوري ٿيڻ تي ٿيو آهي،“

سو ميان صاحب جو به اهو ئي خيال آهي ته هي پاناما پيپرز وارو ميلو سندس ئي پٽڪو چورائڻ لاء مچايو ويو آهي، جنهن ميلي ۾ هر طرف ڳنڍيڇوڙ سندس سياسي پٽڪي جي پويان لڳل آهن،اهڙن ڳنڍيڇوڙن کي هو جديد ڊڪشنريء موجب  ادب واري زبان ۾ ”دهشتگرد “سڏي رهيو آهي.جيڪر ڪنهن سندس تقرير يا پٽڪارو نه ٻڌو هجي ته سڪون سان اهو وڊيو وري ڏسي وٺي ته هو پاناما ليڪس واري معاملي تي هاء گھوڙا ڪندڙن کي انهيء ئي ”باعزت “لقب سان سڏيو آهي ۽ ٻي ڪا سندن شان ۾ ”گستاخي“ ڪرڻ کان پنهن جو پاڻ کي زوريء روڪيو آهي.انهن سيٺين ۽ واپارين جي سياست،دوستي،دشمني،رويا ۽ ريتون رسمون ٻي عام مخلوق کان بلڪل الڳ هونديون آهن.اهي سياست ۽ حڪمرانيء جي فن ۾ به رڳو ڪلڪيوليٽر استعمال ڪندا آهن.انهن جي سموري دلچسپيء جو محور صرف ” جنس“ ۽ ”خريدار“ هوندا آهن.جنس ڪيتري ۾ وٺڻي آهي ۽ ڪيتري ۾ وڪڻڻي آهي.اهو ئي سبب آهي جو پاڪستان جي سياست تي جيئن ئي واپارين جو قبضو ٿيو آهي ته انهن جي چوڌاريء متل محفل ۾ ڊپلوميٽس ۽ انٽيڪچوئلس جي بدران صرف سيلز مينيجر ۽ سيلز مين،بروڪر،ايجنٽ ۽ خريدار ئي نظر آيا آهن.پئسي جي هڪ پنهن جي دنيا ، پنهن جي نفسيات ، پنهن جو نشو ۽ پنهن جو مزو ٿئي ٿي،انهيء کي پئسي کان سڃو سمجھي ئي نٿو سگھي. پر اها به حقيقت آهي ته اهي ان سموري پئسي هئڻ باوجود پنهن جو پاڻ کي دنيا جا غير محفوظ ترين ماڻهو سمجھندا آهن،انهيء ڪري جيڪر انهن جي نفسياتي ڪيفيت باقائدي ڪنهن ماهر ڊاڪٽر کان چڪاس ڪرائي وڃي ته سوال ئي نٿو پيدا ٿئي جو اها عام ماڻهن جي نفسيات جيان نارمل هجي. خاص طور تي وهم،گمان،انديشا،شڪ ۽ شبها انهن جي ثانوي فطرت بڻجي وڃي ٿي.دولت جي ان بيدردر دنيا ۾ اعتماد،احساس ۽ رشتن جهڙيون شيون به بلڪل بي تعلق بڻيل هونديون آهن.ايستائين جو هڪ ڀاء ٻئي ڀاء مان سازشن جو سواد محسوس ڪندو آهي  ۽ پيء کي پٽ مان بغاوت جي بوء اچڻ لڳندي آهي.اهو صرف ڪو ٺلهو خيال نه پر تاريخ اهڙين عجيب حرڪتن سان ڀري پيئي آهي. بهرحال، ڳالھ پئي ٿي پاناما پيپرس واري متل ميلي جي ته اهي بوتل مان نڪتل ان جن کان پاڻ نه پيا ڊڄن پر سندن پئسو ڊڄي ٿو. پئسو جنهن جي لاء هنن پنهن جون سڀ محنتون ۽ ڪاوشون لڳايون،سڀ اصول ۽ اقدار پوئتي ڌڪيا،ڪيترن سان دشمنون کنيون،ڪيترن جون بددعائون برداشت ڪيون،خواريون ۽ تنقيدون سٺيون جيڪر اهو پئسو واپس هٿن مان هليو ويو ته پورو جيون ئي اونداهون نه ٿيندو ته ٻيو ڇا ٿيندو!خزاني تي جڏهن ڪو نانگ پنهن جي فطرت هٿان مجبور ٿي ڦڻ کولي ويندو آهي ته هن جي ادراڪ ۾ اها ڳالھ اصل نه ويهي سگھندي آهي ته ڪو خزاني جي ان تلاش ۾ مون تي بي خبريء ۾ وار ڪري سگھي ٿو پر جيئن ته هن کي پنهن جي نه پر صرف خزاني جي ڳڻتي هوندي آهي ان ڪري هو ويٺو رهندو آهي.

جڏهن حڪومتون ڪاروباري ڪمپنين ۾ بدلجي وڃن ته پوء حڪمرانن  جي زبردست محلن تي لٽڪيل سياسي بورڊن جي ڪا اهميت نٿي رهي،سندن محلن ۾ قدم رکندڙ سياسي ڪارڪن نه پر اهي ئي گراهڪ،خريدار،ايجنٽ ۽ بروڪر ئي هوندا آهن.سندن ۾محفلن ۾ عوام جي دردن ۽ سورن جو ذڪر هو ڇو ڪندا جو اهي ڄاڻن ٿا انهن سمورن صدمن،محرومين ۽ المين جا ذميدار ڪي انهن محلن کان ٻاهر نه پرمحلن جي اندر ئي موجود آهن.اهي اندر ئي اندر خدا جي عام خلق کان گھڻو خوفزده رهن ٿا جو سندن پنهن جن ڪارن ڪرتوتن جو خوف کين تمام وڏي سيڪيورٽي ۽ پروٽوڪول سواء محلن کان ٻاهر قدم رکڻ نٿو ڏئي.هڪ واپاريء جي ٽپڙ گول ڪرڻ جو مطالبو به عوام لاء ڪنهن به فائدي جو نه آهي.هتي ته واپاري برادريء جي پوري قطار لڳي پيئي آهي جن جي سوچ،روين،نفسيات ۽ پاليسين ۾ آخر ڪيئن ڪو فرق ٿي سگھي ٿو جو پئسي جي پنهن جي نفسيات،پنهن جو نشو،پنهن جي دنيا ۽ پنهن جو مزو آهي.بس قوم کي انتظار ڪرڻ گھرجي ان خوشنصيب گھڙيء جو جڏهن عوامي عهدن جي ڪرسين تي واپاري نه پر  سچ پچ سياستدان ويهڻ جي قابل ٿي وڃن!

 

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *