تازيون خبرون

ٻڌايو ته پئسو ڪٿي خرچ ڪيون؟: شفيق شاڪر

خبرن مطابق سنڌ حڪومت پنهن جي ماضيء جي “شاندار” روايت برقرار رکندي ترقياتي فنڊز جو هڪ وڏو حصو صوبي جي ترقياتي منصوبن تي خرچ نه ڪري سگھي.ظاهر آهي ته سنڌ جي بادشاهن وٽ انهيء جو هڪڙوئي جواز سمجھ ۾ اچي ٿو ته سڄي سنڌ ايڏي ته عظيم الشان ترقي ڪري چڪي آهي جو هاڻي وڌيڪ ڪنهن ترقياتي منصوبي جي ڪا گنجائش ئي باقي نه رهي آهي جنهن تي اجايو قومي خزانو ضايع ڪجي.مثالي “ديانتداريء ” جي اها ئي تقاضا آهي ته رياست جو پئسو بچائي رکيو وڃي ته جيئن ڪنهن ڏکئي وقت تي ڪم اچي.سنڌ ۾ روڊن رستن،اسڪولن،اسپتالن جو هر طرف ڄار وڇائجي چڪو آهي.صحت ۽ صفائيء جي لحاظ کان سنڌ جو هر شهر پئرس جو ڏيک ڏيئي رهيو آهي.سرڪاري اسپتالن ۾ دوائن ۽ مشينريء تي پئسو خرچ ڪرڻ جي ضرورت ان ڪري نه رهي آهي جو حڪومت پوري صوبي ۾ اهڙا حفاظتي اپاء ورتا آهن جو هاڻي ماڻهن بيمار ٿيڻ ئي ڇڏي ڏنو آهي.بي روزگاري به خير جو سنڌ مان منهن مٿو پٽي ڪنهن ولايت ڏانهن منهن ڪري هلي ويئي آهي.ناليون ۽ گٽر اهڙي خودڪار سسٽم سان ڳنڍيا ويا آهن جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي جو انهن جو پاڻي ٻاهر رستن تي اچڻ جي همت ڪري سگھي.

ڳوٺ ڳوٺ ۾ مڇرن کي اهڙو ته موتمار ڦوهارو ڏنو ويو آهي جو مڇرن جا ڪئين ايندڙ نسل به ياد رکندا.واهن ۽ شاخن جا ترا سيمنٽ جي بدران چمڪندڙ شيشي سان پڪا ڪيا ويا آهن جو غريب آبادگارن کي هاڻي کيسي ۾ اضافي آرسي رکڻ جي ضرورت نه رهي آهي،بس پنهن جي ٻنيء جي ڪنهن ناليء جي مٿان وات پٽي هيٺ نهارين ته پنهن جا ٻٽيھ ئي ڏند ناليء جي چمڪندڙ تري ۾ ڏسي سگھن ٿا.اسڪولن کي پئسي جي ڪهڙي لوڙ! ڏوڪڙ اجايو ماسترن جو مٿو ڦيرايو ڇڏي پوء “ميري بلي ميري سي ميائون”ڪرڻ لڳن ٿا.ڀلا گذريل ٽن سالن کان مسلسل اسڪولين جو حقو پاڻي بند آهي تڏهن به ته اسڪول بند ته ناهن ٿيا. هونئن به اسڪولن کي جيڪر اهو پئسو ڏنو به وڃي ته اهي ڇا ۾ خرچ ڪندا؟ اسڪولن جا پکا يا موٽرون ٺهرائيندا يا وري ٻارن جي لاء ٿڌي پاڻيء جو ڪو بندوبست ڪندا يا فرنيچر جي مرمت ڪرائيندا يا وري ڪاغذ يا چاڪ وٺندا.

هن جديد دور ۾ڀلا چاڪن جو ڪهڙو ڪم! ماسترن کي گھرجي ته شاگردن کي ملٽي ميڊيا ذريعي فل سائيز اسڪرين تي سائنسي فلمون ڏيکارين،چاڪن کي هڻن کڏ۾! ڪاغذن جو اسڪول ۾ ڀلا ڪهڙو ڪم،ڪو پوليس ٿاڻو ته ناهي جو رپورٽون لکندا.اجايو ماستر موڪل جون درخواستون لکيو لکيو سرڪاري پنن جي ستيا ناس ڪيو ڇڏين.فرنيچر کان سواء به ته اسڪول هلي سگھن ٿا،بلڪه پٽ تي ويهڻ ۾ جيڪا سادگي ۽ مزو آهي اهو مٿي بينچن ۽ ڪرسين تي ويهڻ ۾ ڪٿي!رهيو ٻارن جي لاء ٿڌي پاڻيء وارو مسئلو ته ٿڌو پاڻي ڦڦڙن جي لاء نقصانڪار آهي،اجايو ٻارن ۽ استادن کي زوڪام۽ کنگھ ٿي پوندا جنهن ڪري تعليمي ماحول متاثر ٿيندو.حڪومت پڪو پھ ڪري ڇڏيو آهي ته ڪنهن به حالت ۾ تعليمي نظام کي برباد ٿيڻ نه ڏبو.هي جيڪي چند شوقين اسٽريٽ لائيٽون هڻائڻ لاء اجايو ٺينگ ٽپا ڏين ٿا تن کي بجليء جي اگھن جي ئي خبر ڪانهي.هونئن به ته رات جي ٻارهن ڪلاڪن مان ست ڪلاڪ بجلي لوڊشيڊنگ جي ڪري بند رهي ٿي ته پوء نادانن کان پڇو ته آخر حڪومت ان ڊيڊ اسڪيم جي لاء ڇو فنڊ مهيا ڪري.رات جي اونداهيء ۾ آخر شهرين جو رستن ۽ گھٽين ۾ ساھ ڇوٿو منجھي؟نه ته رستن تي ڪي بلائون آهن جيڪي خدانخواسته سندن کيچل ڪنديون،جيب ڪترن کي حڪومت اڳيئي جلاوطن ڪري ڇڏيو آهي،باقي گھٽين ۾ نڪي گٽر نڪي خچر نڪي مڇر پوء پريشاني ڇاجي!

خدا جو نالو وٺو ۽ ڇلانگ مٿان ڇلانگ هڻندا سڌو گھر پهچي وڃو ۽ حڪومت کي دعائون ڏيو.اڄ ڪلھ نيٽ ڏسي ڏسي نوجوانن جو مٿو خراب ٿي ويو آهي.چون ٿا ته راندين واري وزارت اسان کي راند جا گرائونڊ ٺهرائي ڏئي.ڏسو ٿا ماڻهن جي حالت! حڪومت وٽ ٻيا ڪم گھٽ آهن جو ويٺي عوام جا فضول شوق پورا ڪري.اول ته راند هئڻ نه گھرجي جو قوم جو قيمتي وقت انهن حرڪتن ۾ ضايع ٿئي ٿو.ٻيو ته جيڪر ڳوٺ ڳوٺ ۾ راند شروغ ٿي ويئي پوء حڪومتي پهلوانن جي راند ڪير ڏسندو؟ هڪڙا ٻيا “جاهل” به آهن جيڪي حڪومت کي چون ٿا ته شهرن ۾ پبلڪ پارڪ ٺهرايا وڃن ته جيئن شام جي وقت ماڻهو اتي تفريح لاء وڃي سگھن.بلي بلي! شوق ته ڏسو هن ترقي پسند قوم جا! پهرين ڳالھ ته پارڪن جي لاء زمين ڪٿان اچي؟پر جيڪر زمين هجي به سهي ته پارڪ ڪيئن ٿا ٺهرائي سگھجن جو پنهن جي اکين سان ڏسو پيا ته پارڪن ۾ خدانخواسته بمن جا ڌماڪا ٿين ٿا.نه پارڪ هوندا ۽ نه ئي ڌماڪا ٿيندا،ڀلي سزا هجي ڌماڪا ڪندڙن کي!ڪي شرارتي انٽرنيٽ تي نوجوانن کي ڀڙڪائين ٿا ته حڪومت کان مطالبو ڪيو ته اها اوهان کي ليپ ٽاپ وٺي ڏئي.پر جيڪر انهن کي اهي رانديڪا وٺي ڏيون ته ويٺا حڪومت سان چٿرون ڪندا ۽ انهن جو گھڻو وقت ليپٽاپ ذريعي نيٽ تي ئي ليپس ٿي ويندو ته پوء اهي ٽاپ ڪيئن ڪري سگھندا؟ جيڪي نڀاڳا چنڊا ڏوهاري جيلن ۾ واڙيا پيا آهن اهي به اها اميد رکيو ويٺا آهن ته حڪومت جيل کاتي کي پورا پئسا ڏئي ته جيئن جيلن جي حالت بهتر بڻائي سگھجي.قصو سمجھ کان ٻاهر آهي ڪيڏانهن جيل ڪيڏانهن سڌارا!انهن کي سمجھايو ته ماٺ ڪري جيڪا دال روٽي مليو ٿي سا کائي حڪومت جي وڏي عمر لاء دعائون گھرندا رهو.وڌيڪ شور ڪندا ته دال جي ديڳ ۾ هڪ بالٽي پاڻيء جي اڃا به وڌائي ڇڏبي، پوء خبر پوندي ته سڌارو ڇا ٿيندو آهي! سنڌ جي جھر جھنگ ۾ شڪراني جا نفل پڙهڻ گهرجن جو هاڻي سنڌ ترقيء جي اهڙي منزل تي پهچي چڪي آهي جو ترقياتي بجيٽ جو پئسو خرچ ڪرڻ جي لاء حڪومت کي ڪو رستو ئي نظر نٿو اچي!

shafiquershakir@gmail.com

 

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *