تازيون خبرون

ٻين جي جهيڙي ۾ ڪُڏي پوڻ قوم لاءِ ڪيترو هاڃيڪار آهي؟ ؛نسيم بخاري

يمن جي چَمنَ کي جيڪا باهه لڳي آهي، ان ڀڙڪو کائي جيتوڻيڪ ڀرپاسي وارن ملڪن کي ساڙي رک نه ڪيو آهي، پر ان باهه ۾ جنهن ذهنيت، نظريي ۽ فڪر جي آڌار تي ملڪ ٻارڻ طور تي پنهنجو ڪردار ادا ڪندي ڏٺا ويا آهن، تنهن مان واضح ٿي وڃي ٿو ته اسلامي دنيا واضح طور تي ٻن (2) ڪئمپن ۾ ورهائجي وئي آهي ۽ فرقيواراڻي بنياد تي شيعا سني ٽڪراءُ عالمي طور تي خطرناڪ صورتحال اختيار ڪري ورتي آهي. اسلامي دنيا کان هٽي ڪري جن ملڪن جا جنهن ڌر سان مفاد سلهاڙيل آهن، اها ڌر ان جي ساٿاري آهي. مسلم ملڪن ۾ تمام ٿورڙا اهڙا ملڪ هوندا، جيڪي جنون جي حد تائين پهتل جهيڙي کان پنهنجو پانڌ آجو ڪرائي سگهندا.

سعودي عرب جي يمن تي ڪاهه کانپوءِ ان جي ڪڍ لڳل ٻين عرب سڳورن کان به اڳ پاڪستان پنهنجي عرب بادشاهه کي پيش قدميءَ جي پڪ ڏياري ۽ ان جي جان مال جي سلامتيءَ لاءِ پنهنجي سر گهورڻ وارو پيغام پهچائي، ان وٽ سرخرو ٿيڻ جي حوالي سان اڳ کان اڳرو ثابت ٿيو آهي ۽ هاڻ به انهيءَ جستجوءَ ۾ آهي ته اهڙي گوءِ ۾ هو ٻين کان ڊوڙ ۾ اڳتي هجي.

وزيراعظم ميان نواز شريف ان حوالي سان بنا ڪنهن سوچ سمجهه جي ايڏي ته اٻهرائپ سان جذباتي ۽ جوشيلا بيان ڏنا آهن جو تاثر اهو پئي مليو ته ڄڻ اسرائيل سعودي تي ڪاهه ڪري رهيو آهي. تڪڙ ۾ طوفاني بيانن جي اچڻ کانپوءِ وري جو اهي انڪشاف به ٿيا آهن ته سعودي فوج سان ساٿ ۾ پاڪستاني فوجي جٿا به يمن تي يلغار لاءِ لٿل آهن ته ڳالهه پڌري پَٽ ٿي وئي آهي ته آمريڪا ۽ سعوديءَ سرڪار جو ساٿ ڏيڻ جي حوالي سان پاڪستان پٺتي نه آهي ۽ انهن جي خوشنودي حاصل ڪرڻ لاءِ وهلور وڃي رهيو آهي.

عراق جڏهن ڪويت تي قبضو ڪيو ته ان وقت پاڪستان تڪڙ ۾ پريشر قبول نه ڪيو هو، پر هاڻ لڳي ٿو ته وقت جو وزيراعظم، مشرف دؤر ۾ پڪڙجڻ کانپوءِ سعودي شهزادن جا ذاتي احسان لاهڻ لاءِ ملڪ کي فرقيواراڻي فتني واري جنگ ۾ جڪڙيل يمن ڏانهن ڌڪي، هڪ طرح سان پنهنجي ملڪ ۾ فرقيواراڻي ڦهلاءَ کي هٿي وٺرائي آهي. اسان جو الميو اهو آهي جو ملڪي سطح وارا معاملا ڪنهن ڏاهپ سان حل ڪرڻ بجاءِ، ڏاڍي جي آيل نياپي جي حساب سان حل ڪندا آهيون.

اسان پينو فقير آهيون، جيڪو جيترو وڌيڪ ڏيندو، ان کي اوترو وڌيڪ دعائون ڏيندا آهيون ۽ سندس ساراهه جا ڍُڪ ڀريندا آهيون، اهو نه ڏسندا آهيون ته اسان کي اها پنڻ واري عادت ڪٿان کان ڪٿي ٿي پهچائي. سال ڏيڍ اڳ سعودي عرب پاران پاڪستاني فوجن کي شام ۾ لاهڻ واري ارادي سان مليل امداد وارو ڀانڊو ڦاٽو ته دنيا دنگ رهجي وئي. بعد ۾ ان معاملي تي ڏيهي ۽ پرڏيهي سطح تي ايتري واويلا مچي وئي جو اهڙي گناهه کان اسان بچي وياسين، پر اسان جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته ضياءَالحق جي دؤر ۾ اسان جي فوجن هٿان فلسطيني به شهيد ٿيا آهن. تاريخ اهو به ٻڌائي ٿي ته آمريڪا ڊالرن جي نشي ۾ اسان جي حاڪمن ڪيئن جهاد جي جذبي سان افغانستان ۾ مجاهد موڪلي، آمريڪا جو روس سان جهيڙو وڙهيو آهي. وري جڏهن وقت پلٽو کاڌو آهي ته پنهنجن ئي پاليل تاتيل مجاهدن کي مروڙڻ لاءِ آمريڪا جي بڇ تي اسان افغانستان ۽ پاڪستان ۾ وڙهيا آهيون.

تازي صورتحال اها آهي ته يمن ۾ هزارين پاڪستانين جون زندگيون خطري ۾ آهن. اتي پاڪستاني سفارتخانو بند ٿي چڪو آهي ۽ يمن مان پاڪستانين جي پهرين کيپ ملڪ پهچي وئي آهي. يمن ۾ پاڪستانين خلاف رتوڇاڻ جو باقاعده اتي وڙهندڙ باغي جٿن اعلان ڪري ڇڏيو آهي، اتي شيعا آبادي پاڪستانين کي پنهنجو دشمن تصور ڪري ٿي ۽ ان تاثر کي تيليءَ مان ٿنڀ وزيراعظم نواز شريف جي غير ضروري بيانن بڻايو آهي. نه وسارڻ گهرجي ته اڄ جيڪڏهن اسان ٻين جي جنگ ۾ ڪڏي وڙهنداسين ته متاثر ڌر ۽ ان جا خيرخواهه توڙي همدرد به موٽ ۾ اسان کي گلن جا هار نه پارائيندا. يمن ۾ جيڪا جنگ ڇڙيل آهي، اها عالمي طور تي ايران ۽ سعودي عرب جي جنگ ٿي ليکي وڃي. ان ڪري انهن ٻنهي ملڪن جا حامي ۽ مخالف به پنهنجو پاڻ کي واضح طور تي ٻن مختلف ڪئمپن ۾ پاڻ کي محصور تصور ڪن ٿا! اهڙي صورتحال ۾ پاڪستان کي کپندو هو ته اهو اڻ ڌريو رهي ها. اسان وٽ اڳ ئي فرقيواراڻا فساد شدتن سان خطرناڪ ۽ المناڪ نتيجا ڏيندا آيا آهن، ان جي باوجود اسان جو هڪ مخصوص فرقي جي آڌار تي سعودي عرب جو ساٿ ڏيڻ حقيقت ۾ ٻي ڌر کي پنهنجي ملڪ ۾ وڌيڪ تباهين جا طوفان پيدا ڪري ڏيڻ جا جواز پيدا ڪرڻ برابر آهي. اسان يمن ۾ سعوديءَ جي جهيڙي جو حصو ٿي ايران کي اها ڇوٽ ڏئي ڇڏي آهي ته هو به دل کولي هتي پنهنجي مفادن جي تحفظن جي لاءِ اڳيان اچي ۽ جيڪڏهن ائين ٿئي ٿو ته توهان پاڻ تصور ڪريو ته صورتحال ڪهڙو رخ اختيار ڪندي.حقيقت اها آهي ته ايران اسان جو پاڙيسري ملڪ آهي، ان اڳ ۾ اسان سان ڪو ڦڏو نه ڪيو آهي. پاڪستان کي ايران پاران ڪوبه رنج نه پهتو آهي، ايران اسان کي نه تنگ ڪيو آهي، نه تڪليف ڏني آهي ۽ نه ئي ايذايو آهي، نه پريشان ڪيو آهي، پر هاڻي اها پڪ ٿي وئي آهي ته ايران نڙيءَ تي آيل پاڪستاني لت جو جواب ڏيڻ کانسواءِ نه رهندو.پاڪستاني ۽ ايراني بلوچ علائقا لڳو لڳ آهن، جيڪڏهن ايران پاڪستاني بلوچستان ۾ ڀرپور نموني سان ڪا مداخلت ڪري ٿو ته توهان پاڻ سوچيو ته معاملا ڪٿي وڃي دنگ ڪندا؟

بلوچستان ۾ هزاره ڪميونٽي هزارن جي تعداد ۾ شهيد ٿي چڪي آهي. ڪراچيءَ ۾ شيعن جو قتل به سوين زندگين جي ڏيئن اجهائڻ جو ڏس ڏئي ٿو، ان تعصب شڪارپور کي به بارود جي فيڪٽرين وارو تعارف ڏنو آهي. پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ به شيعا سدائين نشاني تي رهيا آهن. اهڙي صورتحال ۾ اهو ممڪن ئي ناهي ته ايران ماٺ ۾ رهي.

ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته حڪمران ياري دوستي ملهائڻ لاءِ ملڪن کي ٻائيتال ۾ نه وجهن، اهڙي جنگ ۽ جهيڙن جو حصو نه بڻجن، جنهن مان جان ڇڏائڻ مشڪل ئي نه پر ناممڪن به لڳندو هجي. اسان اڄ ڏينهن تائين ٻين جي ونگار وهي پنهنجو حشر وڃائڻ واري روايت کي ڪڏهن دفن ڪنداسين؟

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *