تازيون خبرون

ٻوڏن کي منهن ڏيڻ لاءِ فطرت ڏانهن واپسي؛ذوفين ابراهيم

ٻڏل فصل، خوراڪ ۽ راشن ڪيرائيندڙ فوجي هيليڪاپٽر، ڪلاڪن جا ڪلاڪ پاڻي مان پوڙهن ۽ ڪمزورن کي ڪڍندڙ فوجي جوان ۽ رضاڪار، مردن، عورتن، ٻارن ۽ جانورن سان ڀريل ٻيڙيون درياهه جي ڪناري وارا اهي سڀ منظر هاڻ عام ٿي چڪا آهن!

اهي منظر 2010 ۾ سنڌو درياهه ۾ ايندڙ وڏي ٻوڏ کانپوءِ پاڪستان جي ذهنن تي نقش ٿي چڪا آهن، جنهن ۾ ملڪ جو پنجون حصو ٻڏي ويو هو ۽ هڪ ڪروڙ 20 لک ماڻهو متاثر ٿيا هئا. اُن وقت اهي منظر ڏسڻ سان دلي ڏڪي رهي هئي، پر 2010 کانپوءِ به پاڪستان ۾ سراسري طور هر سال ايندڙ ٻوڏن جي ڪري اڄ اهڙي طرح جا منظر قوم جي همدردي حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا آهن. فڪر جو لمحو اهو آهي ته ماهرن مطابق ايندڙ سالن ۾ پاڪستان اندر ٻوڏن جي شدت ۾ اضافو ٿيندو. پاڻي جي ماهر ۽ موسمياتي تبديلي جي حوالي سان وزيراعظم جي ٽاسڪ فورس جي اڳوڻي ميمبر ڊاڪٽر پرويز امير چيو آهي ته ”هاڻ اها بلڪل هڪ نئين راند ٿي چڪي آهي، موسمن ۾ هاڻ تبديليون ٿينديون رهنديون آهن. برساتن جي شدت ۾ اضافو ٿيو آهي پر انهن جو وقت مختصر ٿي چڪو آهي.“ اهڙي طرح وڌندڙ گرمي پد هماليائي گليشيئرز کي تيزي سان ڳاري ٻوڏ جي خطرن ۾ اضافو ڪري رهيو آهي.

هڪ اندازي مطابق پاڪستان ۾هر سال 715000 ماڻهو ٻوڏ کان متاثر ٿين ٿا، جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ جي مجموعي قومي پيداوار (جي ڊي پي) کي تقريبن هڪ سيڪڙو ساليانو نقصان ٿئي ٿو، جيڪو 2.7 ارب آمريڪي ڊالر جي برابر آهي. ورلڊ ريسورسز انسٽيٽيوٽ مطابق ٻوڏ جي اثرن سبب 2030 تائين پاڪستان ۾ دريائي ٻوڏ سان هر سال 27 لک ماڻهن جي متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي.

ٻوڏن کي پنهنجو ڪرڻ

موسيماتي تبديلي بابت وزارت سان لاڳاپيل جنگلات جي انسپيڪٽر جنرل سيد محمود ناصر سمجهي ٿو ته ضروري ناهي ته ٻوڏ موت ۽ تباهي جو پيغام ئي کڻي اچي. ”ٻوڏ کي هڪ موقعي جي طور تي ڏسڻ گهرجي ۽ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان هر سال ايندڙ ٻوڏن کي ڪنٽرول ڪرڻ بجاءِ انهن کي پنهنجو ڪرڻ سکي وٺون.“ هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته ٻيلي ۽ قدرتي وسيلن جي حفاظت ۽ بحالي سان ٻوڏ جي خطرن کي وڏي حد تائين گهٽ ڪري سگهجي ٿو. ان جو مطلب اهو آهي ته نوان قانون ٺاهڻ ۽ موجوده قانونن تي عملدرآمد ڪرائڻ، ٻوڏن جي اڳواٽ وارننگ سسٽم کي مضبوط بڻائڻ ۽ ڪچي جي علائقن ۾ ترقياتي ڪمن کي محدود رکڻ آهي.ٻوڏ کي منهن ڏيڻ جي پاڪستان جي حڪمت عملي ۾ هينئر تائين حفاظتي اپاءَ موجود ئي ناهن. شروع ۾ ٻوڏ جي حوالي سان ناصر جي انهن ڳالهين کي وڌيڪ پذيرائي ملي نه سگهي ۽ هن کي وڌيڪ قانون سازن پاران تنقيد جو منهن ڏسڻو پيو. هن ٻڌايو ته ”مون کي چيو ويو ته تنهنجون ڳالهيون سمجهه کان ٻاهر آهن ۽ اهو چيو ته مان ٻوڏ کي دعوت ڏئي رهيو آهيان.“ پر هاڻ جڏهن حڪومت ٻوڏ جي روڪٿام جي لاءِ چوٿون قومي منصوبو تيار ڪري رهي آهي ته شايد شيون تبديل ٿي رهيون آهن.

ماضي مان سبق

ٽي سال اڳ 2012ع ۾ موسمياتي تبديلي جي وزارت رامسر انٽرنيشنل ڪنوينشن آن ويٽ لينڊز تحت بين الاقوامي ماهرن جي هڪ گروپ رامسٽر ايڊوائيزري مشن (RAM) کي پاڪستان جي سنڌو درياهه جي دوري جي دعوت ڏني. ماهرن گهٽ پئسن سان ٻوڏ جي پاڻي کي سمجهداري سان استعمال ڪرڻ ۽ ڍنڍن جي بحالي جي سڃاڻپ تي هڪ موثر حڪمت عملي تي مبني رپورٽ پيش ڪئي. هاڻ زراعت ۽ رهائش جي غرض سان سنڌو درياهه جي ڪچي ۾ گهڻو ڪري قبضا ٿي چڪا آهن پر ماهرن جي خيال ۾ پاڻي ذخيرو ٿيندڙ 50 سيڪڙو جاين تي هينئر به ڪيتري ئي اهڙي زمين موجود آهي، جتي سنڌو درياهه جي ٻوڏ جو پاڻي ڪڍي سگهجي ٿو.

ان ڪم جي لاءِ رامسر ماهرن لال سونهارا انٽرنيشنل پارڪ ۽ سنڌ صوبي ۾ گڊو ۽ سکر بئراج وٽ علائقن جي نشاندهي ڪئي آهي.

معروف بائيڊرولوجسٽ ضيغم حبيب ان ڳالهه تي اتفاق ڪري ٿو ته جيستائين درياهن جي مٿانهن علائقن ۽ درياهه سان لڳو لڳ موجود ٻيلن کي محفوظ نه بڻايو ويندو، تيستائين ٻوڏ جون تباهيون جاري رهنديون. ضيغم حبيب جو وڌيڪ چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ زمين جي استعمال جو انتظام هڪ ڳنڀير سياسي مسئلو آهي. ”ڀلا ڪير اهڙيون پاليسيون ٺاهيندو جنهن سان صوبي يا قوم کي ته فائدو ٿئي پر انهن ماڻهن کي ذاتي طور تي فائدو نه ملي يا مالي نقصان جو سبب بڻجي؟“ وقت سان گڏوگڏ سياستدانن ۽ زميندارن بي زمين ماڻهن، خاص ڪري پنهنجن ووٽرن کي (سنڌو درياهه سان گڏ) ڪچي جي علائقن ۾ رهڻ ۽ فارم ٺاهڻ جي اجازت ڏني آهي.

ضيغم حبيب سنڌ ۾ سنڌو درياهه جي ڪچي جي علائقن جو مثال ڏنو آهي، جتي ٻوڏ جي علائقن جي اندر پڪو انفراسٽرڪچر، روڊ ۽ بجلي جا ٿنڀا پڻ لڳايا ويا آهن. هن چيو ته ” ٻوڏ جي موسم ۾ اهي سڀ ماڻهو بي گهر ٿي وڃن ٿا، ڇو ته انهن غريب ماڻهن کي پئسا ملن ٿا، ان لاءِ هنن کي جاءِ تبديل ڪرڻ خراب نٿو لڳي. پاڻي لهڻ کانپوءِ جڏهن اُهي ٻيهر واپس ايندا آهن ته هو اڳ کان وڏي تعداد ۾ هوندا آهن.“

رامسر ماهرن پاڪستان کي چين جي يانگسي درياهه جي علائقن جي مئنيجمينٽ پلان جي مطالعي ڪرڻ جو مشورو ڏنو، جيڪو 1998ع ۾ وڏي پئماني تي ايندڙ ٻوڏ کانپوءِ ٺاهيو ويو هو. ان ٻوڏ جي نتيجي ۾ 4000 ماڻهو فوت ٿيا هئا ۽ هڪ اندازي مطابق 25 ارب آمريڪي ڊالرن جو اقتصادي نقصان پڻ ٿيو هو. ناصر جو چوڻ آهي ته ”چينين ان مان سبق سکيو ته انجينئرنگ جون مشڪل ترڪيبون پاڻي کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام رهن ٿيون اڪثر ڪري قيمتي درياهه جا ڪنارا غير موثر ٿي وڃن ٿا.

چين کان سکو!

دنيا جو ٽيون نمبر وڏو درياهه يانگسي چين جي 19 صوبن ۾ 6300 کان وڌيڪ ڪلوميٽر تي وهي ٿو. هونئن ته هي درياهه هميشه خوفناڪ ٻوڏن جو سبب بڻجي ٿو پر 1990ع کانپوءِ ان ۾ ٻوڏون وڏي تعداد ۾ اچن ٿيون، جنهن جي ڪري نقصان به وڌي رهيا آهن.

وڏي پئماني تي ٻيلن جي واڍي، مٿانهن ڪنارن تي درياهه جو گهٽجڻ، مٿانهن ۽ هيٺين ڪنارن، ڍنڍن ۽ آب گاهن جو سڪڙجڻ وڌيڪ حالت جي خرابي جو سبب بڻجي رهيا هئا. چيني حڪومت زرعي زمينن جي حفاظت جي لاءِ بند ٺاهيا، جڏهن اُهي ٽٽا ته جان ۽ مال جو وڏو نقصان ٿيو، پر 1998ع جي ٻوڏ چين جي لاءِ هڪ اهڙو موڙ ثابت ٿي جتان هو ٻوڏ جي بچاءَ جي قدرتي حل ڏانهن متوجه ٿيو. عملدارن انجينئرنگ جي افاديت تي سوال اٿاريا، ڪچي ۽ قدرتي ماحول جي اهميت جو احساس اجاگر ٿيو. ٻوڏن کانپوءِ چيني حڪومت پنهنجي 32 ڪريڪٽر پاليسي متعارف ڪرائي، جنهن جو مقصد فطرت خلاف جنگ جي ذريعي ٻوڏ جي خطرن کي گهٽ ڪرڻ بجاءِ گڏ هلي گهٽ ڪرڻ هو. اڄ يانگسي درياهه جي علائقي ۾ 19 مان 12 صوبن ۾ آبي ذخيرن جي تحفظ جا قاعدا ۽ ضابطا موجود آهن ۽ 140 کان وڌيڪ نيشنل ويٽ لينڊ پارڪس قائم ڪيا ويا آهن. حڪومت ڪچي جي علائقن مان 21 لک ماڻهن کي منتقل ڪري ڇڏيو. وڻن جي واڍي تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي.

اڳ ۾ چيني حڪومت بند مضبوط ڪرڻ ۽ بئراجن کي وڌيڪ گهري ڪرڻ جهڙن مختصر حل تلاش ڪرڻ ۾ مصروف هئي پر ٻوڏ کان بچاءَ جي وڌيڪ پائيدار ۽ ڊگهي مدي وارن قدمن تي توجه گهٽ هو. ناصر مطابق ”جڏهن هڪ دفعو هنن کي حقيقت جي خبر پئي ته پوءِ هنن مُڙي نه ڏٺو.“ ناصر وڌيڪ چيو ته پارليامينٽ جي ميمبرن کي يانگسي درياهه جو دورو ڪرڻ گهرجي، جتي هو اُن جا اثر پاڻ ڏسندا.

ٻوڏ کان بچاءُ جو مضبوط انتظام

پاڪستان جي حڪومت ٻوڏ جي خطرن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ پنهنجي منصوبابندي جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي. نيشنل انجنيئرنگ سروسز پاڪستان نيدرلينڊز جي ڊيلٽاريس انسٽيٽيوٽ جي مدد ۽ مختلف اسٽيڪ هولڊرز کان ٻن سالن جي مشاورت کانپوءِ ملڪ ۾ ”ٻوڏ کان تحفظ جو چوٿون قومي منصوبو (2025-2015) تيار ڪيو آهي، جيڪو پنهنجي آخري مرحلي ۾ آهي.

اها ڏهه سالن جي حڪمت عملي هاڻ پاڻي ۽ بجلي جي وزارت وٽ موجود آهي ۽ اُها ان انتظار ۾ آهي ته انتظاميه ان ۾ ڪڏهن زندگي جو روح ٿي ڦوڪي. اهو منصوبو ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي هڪ اهم ڪاميابي ثابت ٿي سگهي ٿو. پهرين دفعو قومي حڪمت عملي ۾ مربوط فلڊ مئنيجمينٽ ۽ ڪچي جي علائقن جي نقشه بندي ۽ مٿانهن علائقن مان ايندڙ پاڻي جي واهن ۽ ٻيلن جي بحالي جهڙن ”نرم“ قدمن تي زور ڏنو ويو آهي. ان کانسواءِ هڪ ريور ايڪٽ (في الحال وزارت قانون ان جو جائزو وٺي رهي آهي) ڪچي جي زمينن تي قبضي جي روڪٿام لاءِ تيار ڪيو ويو آهي. تيار ڪيل منصوبن ۾ ڪالا باغ ڊيم، ديامير ڀاشا، اکروئي، منڊا، چنيوٽ ۽ ڪرم تنگي ڊيم سميت پهرين کان اڳ چونڊيل علائقن ۾ وڏن ذخيرن جي تعمير ۽ ٻوڏ جي اڳواٽ وارننگ سسٽم کي اپ گريڊنگ جو خاڪو پڻ رکيو ويو آهي.

ٻوڏ کان بچاءَ جي نئين حڪمت عملي تي ڪير عملدرآمد ڪرائيندو؟

پاڻي ۽ بجلي جي وزارت تي هلندڙ پاڪستان جو فيڊرل فلڊ ڪميشن ذميوار آهي يا فلڊ مئنيجمينٽ جي منصوبابندي ۽ ان تي عملدرآمد جي نگراني ڪري. ان ۾ مختلف سرڪاري ادارن جن ۾ واٽر اينڊ پاور ڊولپمينٽ اٿارتي (واپڊا) سميت مختلف صوبائي آبپاشي کاتا، فوج ۽ ماحوليات جي تحفظ جا صوبائي ادارا شامل آهن ۽ هنن کي سنڌو درياهه جي انتظام جي لاءِ پاڻ ۾ هم آهنگي رکڻي آهي پر عملي طور تي مختلف سرڪاري ادارا پنهنجي پنهنجي طريقه ڪار مطابق ئي ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.

خراب حڪمراني ۽ ڪرپشن جي جاچ ڪندڙ هڪ عدالتي ٽربيونل مطابق 2010ع جي ٻوڏ سبب ٿيل نقصان جو سبب اهو هو ته فيڊرل فلڊ ڪميشن ٻوڏ کان بچاءُ جي هڪ مضبوط حڪمت عملي تيار ڪرڻ ۾ ناڪام رهي هئي.ناصر چوي ٿو ته جيستائين سرڪاري کاتن ۾ گڏيل تعاون جو موثر طريقه ڪار نه هوندو، ڪجهه به تبديل نه ٿي سگهندو. هن جو خيال هو ته هڪ واحد اٿارٽي کي درياهي هنڌن ۾ سمورن ڍنڍن ۽ ٻيلن جي نگراني ڪرڻ گهرجي. اسان وٽ هڪ کاتو جنگلي حيات به آهي، جيڪو صرف پکين جو خيال رکندو آهي. ٻيلو کاتو صرف رياست جي ٻيلن جي وڻن جي سار سنڀال ڪندو آهي. آبپاشي کاتو صرف انجينئرنگ جي ڪمن کي ڏسي ٿو. واٽر اينڊ پاور اٿارٽي جي خيال ۾ صرف ڊيم ضروري آهن. ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي قدرتي آفتن دوران متاثرين ۾ اٽي ۽ چانور جي ٿيلهن ورهائڻ کي ئي پنهنجي ذميواري سمجهي ٿي.ڇا ٻوڏ کان بچاءَ جي نئين حڪمت عملي مسئلن کي منهن ڏئي سگهندي؟ ان سوال جو جواب تڏهن ئي ملي سگهندو، جڏهن ان دستاويز کي تياري کانپوءِ عوام ۾ ورهايو وڃي، تڏهن ئي حقيقي بحث شروع ٿي سگهي ٿو.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *