تازيون خبرون

”ٻه لکي” اشرافيا ۽ خلق خدا: شفيق الرحمان شاڪر

هڪ ٽي وي ٽاڪ شو ۾ درد دل رکندڙ يا ايئن چئجي ته ڪو ڪمزور دل صحافي اهو رت روئي رهيو هو ته پاڪستان ۾ ماڻهن جي هڪ وڏي اڪثريت کي پيئڻ جو صاف پاڻي ميسر ناهي ۽ جن کي خوشقسمتيء سان پاڻي ملي به ٿو ته انهيء ۾ آرسينڪ نالي زهريلي ڪيميائي عنصر جي ملاوت آهي  جيڪو انساني زندگيء لاء نهايت ئي هاڃيڪار آهي.

لڳي ٿو ته اهو صحافي به جمهوريت خلاف ٿيندڙ ڪنهن بين الاقوامي “سازش ” جو حصو آهي جو هن بنان جاچڻ ۽ سمجھڻ جي اهڙو بيان جاري ڪري ڇڏيو . ان صحافي ڀاء کان ڪو اهو پڇي ته ڀائو! هن ملڪ ۾ آرسينڪ يا اهڙين ٻين اعليٰ قسم جي گندگين سان ڀرپور پاڻي آخر پيئي ڪير ٿو؟ پاڪستان جي تازي تڪراري آدمشماريء موجب ملڪ جي موجوده آبادي ٿلهي ليکي پورا ويهه ڪروڙ ٻڌون ٿا.انهن ويهن ڪروڙن مان صرف اوڻيهه ڪروڙ ۽ اٺانوي لک ماڻهو پاڻيء مليل ان گندگيء سان پنهنجن آنڊن جي اڃ اجھائين ٿا باقي خدا جي فضل ۽ حڪومتن جي ڀلائين سان ملڪ جا سڄا سارا ٻه لک ماڻهو ان عام پاڻيء جي ويجھو وڃن ئي ڪونه! اهي ته آب امرت يعني منرل واٽر جون بوتلون استعمال ڪندا آهن.اهو آب امرت نوش ڪندڙن ۾ سندن ڪتا،گھوڙا ،ٻلا ۽ ٻليون به شامل آهن.اها “ٻه لکي” پاڪستاني اشرافيا يا بدمعاشيا (جيڪا به آهي) ان ملاوت مليل مشروب يعني عام پاڻيء کان پرهيز ڪندا اچن.هونئن به اهي اعليٰ قومي دماغ جيڪي هروقت ملڪ ۽ ملت جي اوني ۾ سوچي سوچي سڪندا رهن ٿا تن کي معدنيات جي گھرج رهي ٿي جنهن ڪري منرل واٽر انهن جي مجبوري آهي.اهڙيون ابتيون سبتيون ۽ آڏيون ڦڏيون خبرون ميڊيا تي پکيڙڻ کان پهرين صحافين کي ان سوال جو جواب ڏيڻ گھرجي ته هي پاڪستان آهي ڪنهن جو؟ان “ٻه لکي” اشرافيا جو يا اوڻيهه ڪروڙ ،اٺانوي لک باقي خلق خدا جو؟ظاهر آهي ته جواب آسان آهي سو اهو ته پاڪستان ان “ ٻه لکي” اشرافيا جو ئي آهي.زمين انهن لاء ئي پنهنجن خزانن جا منهن کولي ٿي.آسمان مان انهن لاء ئي برساتن جي رم جھم ٿئي ٿي.هوائون انهن لاء ئي گھلن ٿيون،بهارون انهن جا ئي نغما ڳائين ٿيون،باغن ۾ گل ڦل انهن لاء ئي ٽڙن ٿا،سج انهن لاء ئي اڀري ۽ لهي ٿو.چنڊ ۽ ستارا انهن لاء ئي روشنيون وکيرين ٿا.ڪهڪشائون انهن لاء ئي رستا سجائين ٿيون.پکي انهن لاء ئي مٺيون لاتون لنون ٿا ۽ فطرت انهن لاء ئي پنهنجا حسين منظر ڏيکاري ٿي.رهي خلق خدا ته اها ته پيدا ئي ان ڪري ٿي آهي جو اهي ان اشرافيا جي نوڪري چاڪري ڪن،سندن خدمت ۽ تعظيم ۾ هروقت هٿ ٻڌي ۽ ڪنڌ نوائي بيهن،سندن ساراه ۾ گيت ڳائين،سندن خوشامدون ڪن،سندن تڪريم ۽ شان ۾ قصيدا پڙهن،سندن ڄڃن ۾ نچن ۽ ٽپا ڏين،سندن جنازن ۾ پار ڪڍي روئن.سندن سالگرهن تي کين دعائون ڏين.انهيء ڪري جو پاڪستان صرف انهن جو آهي.انهن کي ڪڏهن ڪا اذيت آئي؟ انهن ڪڏهن ڪنهن زحمت جو منهن ڏٺو؟انهن تي ڪڏهن ڪو ڏکيو ڏينهن آيو؟ انهن جو ڪڏهن اڃ ۽ بک سان ڪو واسطو پيو؟ڪڏهن انهن کي به ڪنهن جانور جيان ڪنهن لاوارث سرڪاري اسپتال ۾ اڇليو ويو؟ڪو انهن مان بک وگھي تڙپي مئو هجي؟ڪڏهن انهن مان به ڪنهن جي ڳچيء ۾ قانون جو ڳٽ پيو هجي؟ڪنهن سنتريء ڪڏهن انهن کي رستي تي بيهڻ جو اشارو ڪيو هجي؟ان ڪري جو اهي خاص آهن ۽ پاڪستان صرف انهن جو آهي.هر زنجير کان آزاد،هر قانون کان بالا،هر قائدي کان اعليٰ،هر اوني کان آجا،زندگيء جا لاها چاڙها انهن لاء بي اثر  جيون جون جھوريون انهن لاء نامعلوم آهن.هي جياپي لاء ٿيندڙ سمورن جھنجھٽن کان پري ۽حالتن جي پيڙائن کان اڻ ڄاڻ آهن.وقت جون خزائون انهن جي آشيانن جي آس پاس نٿيون گذرن.انهي مخلوق کي مرڻ تائين اٽي ان جي اگھه جي ڄاڻ نٿي رهي جو خلق خدا جي پگھر جي پورهيي مان ئي انهن جي شاهي دسترخوان تي قسمين قسمين قيمتي طعام سجن ٿا.رعيت جي رت مان ئي انهن جي خوبصورت محلن جا برقي قمقما رنگارنگي روشنين جا رنگ وکيرين ٿا.جڏهن ڪروڙين وجود نپوڙجي تيل بڻجن ٿا ته انهيء سان سندن شاهي سواريون شاهي رستن کي رونق ڏين ٿيون.اهي هلن ٿا ته ڄڻ ڪائنات هلي ٿي ۽ اهي بيهن ٿا ته ڄڻ وقت جي ڪانٽي کي بريڪ لڳيو وڃي.

پر هڪڙو عجيب اسرار جيڪو عقل جي دعويدار ان اشرافيا کي اڄ تائين عقل ۾ نه ويٺو سو اهو ته ايترن سارن گھائن، زخمن، ايذائن، اذيتن، پيڙائن، سورن، ستمن، صدمن، بکن، بدحالين ۽ بيمارين باوجود به خلق خدا مري ختم ڇو نٿي ٿئي؟کين جيتن،جرثومن ۽ انيڪ موذي مرضن سان ٽمٽار گندو ۽ زهريلو پاڻي پياريو تڏهن به اهي زندهه آهن.بکون ڏيون،ٻيو ۽ ٽيون نمبر جعلي دوائون اوتيون پوء به جيئرا آهن.ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سنديافتا ڊاڪٽرن بدران کين پيرن،فقيرن،جناتي بابن، سنياسي ٻاون،نيم حڪيمن ۽ عطائي مسيحائن جي فوج جي حوالي ڪيو ته به زندهه آهن.هنن فيصلو ڪيو ته انهن کي ايتريون ته بکون ڏيو جو بک کان پاڳل ٿي اهي هڪٻئي جو گوشت ڇڪڻ لڳن پر ايئن به نه ٿيو.هيء ڪهڙي خلق خدا آهي جو بک جي حالت ۾ هڪڙي ماني به گره گره ڪري پاڻ ۾ ورها.يو ويهن.خالي پيٽ به خدا جو شڪر ادا ڪن ٿا.کيسي ۾ بچيل ڏهن روپين جو آخري نوٽ به ڪنهن فقير کي دعا جي اميد تي ڏييو ڇڏين.ان اشرافيا کي خلق خدا سان وڏي ۾ وڏو ساڙ ئي اهو آهي ته اهي ڪجھه به نه هوندي پرسڪون ڇو آهن؟ هر پل زندگيء جي سختين جي سمنڊ ۾ غوطا کائيندي به اهي ايترو مطئمن ڇو آهن؟ان اشرافيا کي ان وقت سخت غصو اچي ٿو جڏهن ڪنهن پينو فقير يا ڪنهن مست ملنگ کي فٽ پاٿ جي سيج تي سڪون جي ننڊ سمهندي ڏسن ٿا.ٻئي طرف اهي پاڻ زندگيء جون سموريون سهولتون هوندي به اڪثر بي سڪون نظر اچن ٿا.دولت ۽ سامان جا اڻ شمار انبار هوندي به سندن دلين توڙي اکين ۾ حرص ۽ هوس جا راڪاس رقص ڪندي نظر ايندا.انهن جو وس پڄي ته سندن درن تي آيل سوالين جي انگ جا ڪپڙا به ڇڪي وٺن.اهي دنيا جا مالدار ترين ماڻهو هئڻ باوجود دنيا جا محتاج ترين ماڻهو  ۽ زندگيء جون سڀ آسائشون هئڻ باوجود هن ڪائنات جا بي سڪون ترين وجودآهن.انهن جي اڪثريت اهڙي بدنصيب آهي جن جي عزت خلق خدا صرف سندن طاقت جي خوف يا سندن شر جي انديشي سبب ڪري ٿي.اهڙا بدقسمت وجود جن لاء ڪنهن به اندر مان حقيقي دعا نٿي نڪري.اهي جيستائين زمين جي مٿان هوندا آهن ته خلق خدا هروقت انهن جي شر کان پناهه گھرندي آهي ۽ جڏهن اهي زمين جي هيٺان ويندا آهن ته خلق خدا اندر ئي اندر شڪر جا ڪلما پڙهندي آهي جو هڪ وڏي خدائي عذاب کان جان آجي ٿي.مرڻ کان پوء انهن جي مزار تي نه ته ڪو ڏيئو ٻارڻ وارو هوندو آهي ۽ نه ئي ڪو فاتحه پڙهڻ وارو!

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *