تازيون خبرون

ٻن عنصرن مان رڳو هڪ خراب واري مشهور حڪمت: ڊاڪٽر ايوب شيخ

ڪالهه پاڪستان آرمي مان رٽائرڊ ٿيل ۽ اڄڪلهه ٽي وي چينلن تي ”عسڪري تجزئي نگار“ طور مشهور ٿيل ميجر محمد عامر چيو آهي ته ملڪ جون حالتون جنرل پرويز مشرف جي دور ۾ خراب ٿيون، جنهن بنا سوچڻ سمجهڻ جي پاڪستان کي عالمي جنگ جو حصو بڻائي ڇڏيو، جيڪي ماڻهو سمجهن ٿا ته ”جهاد افغانستان“ انهن خرابين جي جڙ آهي، انهن ئي فتنا ۽ فساد وڌايا هيا، پر اصل ۾ ”پرائي جنگ“ کي ”پنهنجي جنگ“ بڻائڻ جي ڪري اهي حالتون پيدا ٿيون، نه ته افغان مجاهدين ته چمڪندڙ ستارا آهن. رٽائرڊ ميجر عامر وڌيڪ چيو آهي ته جيڪي دانشور ”سٺن“ ۽ ”خراب“ طالبان جو ذڪر ڪري حالتون منجهائين ٿا ، انهن کان مان پڇان ٿو ته، تازو ڪوهه مريءَ ۾ طالبان سان جيڪي ڳالهيون ڪيون ويون، ته پوءِ انهن ڳالهين لاءِ ڇا چوندا؟ هن ديني مدرسن جي تپاس کان پوءِ ايڪشن جي حمايت ڪندي چيو ته ملڪ ۾ موجود اڪثر ديني مدرسا ملڪ جي ”بچاءءَ جي لائين“ آهن.

پاڪستان ۾ ٻن قسمن جا دانشور ناهن، پنجن ستن قسمن جا آهن. انهن دانشورن ۾ هڪڙا سماجي دانشور آهن ۽ ٻيا وري عقيدي، دفاع، سياست ۽ سماج جا دانشور آهن. پاڪستان جي گهٽ آزاد ميڊيا اها رياستي ضرورت آهي ته انهن کي پراڻي حساب ڪتاب کي جاري رکڻ لاءِ انهن جا ڪي نه ڪي اهڙا دانشور، لکاري، ڪالم نويس، ٽي وي ائنڪر، ٽي وي تي ايندڙ ماهر هجن، جيڪي انهن جي موقف کي جيئن جو تيئن پيش ڪري سگهن. پاڪستان جي ميڊيا جي آزادي جي شرح سمجهڻ گهرجي ته اها عوام جي اصلي موضوعن جي لاءِ 15 سيڪڙو ۽ باقي اشوز لاءِ 85 سيڪڙو آزاد آهي. ان ڪري ڪڏهن ڪڏهن ٽي وي ڏسندڙ توڙي اخبار پڙهندڙ پنهنجو پاڻ کان اهو سوال پڇڻ شروع ڪندا آهن ته، ڪاش! هيءَ ڳالهه سامهون هجڻ گهرجي ها، يا فلاڻي کي هيءَ ڳالهه چوڻ ۽ لکڻ گهرجي. پر آزادي نه هجڻ جي ڪري، اهو سڀ ڪجهه عوام جو ”پنهنجو پاڻ کان ئي سوال“ رهيل آهي، جنهن جو جواب ئي ڪونهي. اهو جواب آزاد ميڊيا هڪ ڏينهن ضرور ڏيڻ شروع ڪندي، پر ان جي پُٺيءَ تي ڪئين ڏهاڪن جا سوال، واقعا، سانحا، پاليسيون پڻ سٿيل هونديون.

ٽي وي چئنلن وري هڪڙو نئون اصول ٺاهي ڇڏيو آهي. اهي عام طور، خاص طور ۽ دعويٰ طور ظاهر ۾ جمهوري آهن، اهي پاڻ جمهوريت جي خلاف  هڪ لفظ به ڳالهائڻ سٺو نه ٿاسمجهن. پر، اهي پنهنجي ميزبانن ۽ پئنلن ۾ اهڙا ميزبان ۽ مهمان رکن ٿا، انهن کي ڳالهائڻ لاءِ گهرائين ٿا، جيڪي جمهوريت جي حمايت ۾ هڪ لفظ به ڳالهائڻ لاءِ تيار ناهن. انهن کي نالو يا لقب ڏنو ويو آهي: ”سينئر سياستدان“ يا ”سينئر تجزئي نگار“ يا ”دفاعي تجزئي نگار“.

ميجر عامر 1989ع ۾ ملڪي سياست ۾ مشهور ٿيو. هن جو جوڙيوال ”امتياز بلا“ اهي ڪردار آهن، جن نواز شريف جي حمايت ۾ بينظير ڀٽو جي پهرين سرڪار (1988-1990) جي خاتمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هيو. هنن جو ڪم هڪڙو هيو ته پيپلزپارٽي جي حامي ميمبرن ۽ ايم اين ايز کي سندي پارٽيءَ کان پري ڪن. ان سلسلي ۾ هنن پ پ پ  جي پهرين سرڪار جي خاتمي لاءِ مشهور ” آپريشن مڊنائيٽ جيڪال“ ۾ بهرو ورتو هيو ۽ وقت کان اڳ، سرڪار کي گهر ڀيڙو ڪيو هئائون.

تازو، ميجر محمد عامر کي ٽي وي چينلن تي ”عسڪري تجزئي نگار“ طور پيش ڪري ان جي نقطن کي وڏي شدمد سان پيش ڪيو پيو وڃي.

عام حالتن ۾ سڪي جا ٻه پاسا هوندا آهن. ”هڪ سج ٻه پاڇا“ جو عام پهاڪو اسان جي سامهون هوندو آهي. شيون يا سٺيون هونديون آهن يا خراب. اڇي جي سامهون ڪارو هوندو آهي، ڏينهن سان رات، صبح سان شام، غلامي سان آزادي ابتڙ طور پيش ڪئي ويندي آهي. پر ميجر عامر پنهنجي ڪمال ڪاريگري بدران ”سادي ڪاريگري“ استعمال ڪندي ٻه ”خراب“ رکي عوام جي اڳيان پيش ڪيا آهن ته جيئن هڪ کي بهتر ۽ ٻئي کي خراب ڪوٺيو وڃي. ان سلسلي ۾ هن جي ڪالهه واري بيان ۾ جنهن نموني رٽائرڊ جنرل پرويز مشرف کي حالتن جو ذميدار ۽ تحريڪ طالبان کي چمڪندڙ ستارو ڪوٺيو آهي، ان تي عجب، حيرت ۽ تپرس کائڻ جي ڪابه گهرج ڪانهي.

جي ميجر عامر درست آهي، ته ؟

هڪڙي لحظي لاءِ، جي سندس بيان کي اهم سمجهيو وڃي، درست سمجهيو وڃي، پاڪستان جي سمورين حالتن جو ذميدار ئي جنرل پرويز مشرف کي سڏيو وڃي ۽ جيئن موصوف سمجهي ٿو ته جنرل پرويز مشرف ”پرائي جنگ“ کي ملڪ اندر آڻي ان کي ”پنهنجي جنگ“ بڻائي ڇڏيو هيو. ته ڇا اهو سوال پيدا ڪري سگهجي ٿو ته، آميريڪا جيڪو ڏکڻ ايشيا ۾، 1977ع کان سوويت يونين جي خلاف هيو ۽ آميريڪا افغانستان ۾ سوويت حامي افغان سرڪار ڊاهڻ جي حق ۾ هيو، ان لاءِ هن ويجهي سرحدي ملڪ پاڪستان کان مدد ورتي ۽ ان دور جي آرمي چيف جنرل ضيا الحق آميريڪا جي مدد ڪندي، جيڪي به گهرجون هيون، جيڪي به آميريڪي ضرورتون هيون، انهن سڀني کي پورو ڪرڻ لاءِ رات پيٽ ۾ تيار ٿي ويو. ڏسندي ڏسندي ٽيهه لک افغان پناهگير پاڪستان جي ڪنڊڪڙڇ ۾ ڇانئجي ويا، سماجي طور ملڪ جو ڪلچر بدلجي ويو، ننڍي هٿيار جي جاءِ تي ڪلاشنڪوف اچي ويئي، نشي پتي جا مامرا ان کان سواءِ هيا. پاڪستان هلندي هلندي، عقيدي جي نالي ۾ هڪ اهڙي جنوني معاشري ۾ بدلايو ويو ، جنهن کي اڄ تائين سڀ پيا ڀوڳيون.

ميجر عامر آرمي چيفن مان ٻن جنرلن يعني جنرل ضياالحق جي ڳالهه ڪرڻ بدران هڪ جنرل جي ڳالهه ڪري ٿو ۽ هڪ کي پنهنجي ڳالهه ۾ ئي نه ٿو اوري. پر پنهنجي تاريخي ڪردار ۾ اهي ٻيئي پاڪستان واسطي خطرناڪ رهيا آهن. انهن ملڪ کي خطرن کا سواءِ ٻيو ڪجهه به نه ڏنو آهي.

ميجر عامر اها ڳالهه ڇو ٿو ڪري؟

چون ٿا ته  ميجر محمد عامر کي اخباري ۽ ميڊيائي مشهوري ۽ پبلسٽي وڻي ٿي. ان ڪري موصوف جي اسلام آباد واري بنگلي تي بقول محترما عائشه صديقا جي ته، صحافين جو هڪ حصو وٽس مانيون کائي ٿو ۽ اهو ئي حصو، شام جو ٽي ويئين تي ويهي رزق حلال ڪري ٿو. پر هو طالبان يا مجاهدين جي حمايت ان ڪري ڪرڻ لاءِ مجبور آهي ته ميان نواز شريف جي (ويجهو هجڻ جي ڪري) پاران طالبان سان ڳالهين واسطي جڏهن پهرين ڪميٽي ٺهي ته ان ۾ کيس ميمبر طور کنيو ويو. وقت هلندي هن ملا فضل الله سان پنهجا واسطا وڌايا. هڪ ڏينهن ميان محمد نواز شريف پهرين ڪميٽي کي ختم ڪري ڇڏيو، پر ان ۾ هڪ فيڪٽر ساڳيو هيو، اهو هيو سندس نالو ۽ ان ٻئين ڪميٽي ۾ سندس موجودگي.

موصوف رٽائرڊ ميجر پنهنجي ضيائي فلسفي تي هلندي، هڪ پاسي افغان مجاهدين ( پوءِ طالبان) سان ڳالهين ۾ رڌل آهي. انهن طالبان جي فڪري مخالفت ۾ جيڪي پهريان نالا آهن انهن ۾ جنرل پرويز مشرف جو نالو پڻ موجود آهي. جنهن ڪري، اها سندس مجبوري آهي ته هو جنرل پرويز مشرف جي خلاف شدمد سان بيان جاري ڪري. جڏهن ته ، اصل سچائي اها آهي، جيئن شاهه لطيف جي بيت جي سٽ آهي ته، ” ڳورا ٻيئي پار، هينئڙو مون هُت ٿيو“ ته نه جنرل پرويز مشرف سٺو آهي ۽ نه وري مجاهدين.

چون ٿا ته  ميجر محمد عامر کي اخباري ۽ ميڊيائي مشهوري ۽ پبلسٽي وڻي ٿي. ان ڪري موصوف جي اسلام آباد واري بنگلي تي بقول محترما عائشه صديقا جي ته، صحافين جو هڪ حصو وٽس مانيون کائي ٿو ۽ اهو ئي حصو، شام جو ٽي ويئين تي ويهي رزق حلال ڪري ٿو.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *