تازيون خبرون

ٻارن ۽ مائرن جا قاتل ؛ فيصل باري

هيومن ڊيولپمينٽ رپورٽ 2014 مطابق، جتي سريلنڪا ۾ پيدا ٿيڻ وارن هر 1000 ٻارن جي مقابلي ۾ 8 ٻارن جو موت ٿيندو آهي ۽ پاڪستان ۾ اهو تناسب 69 آهي. جيڪڏهن اسين اندازي مطابق پنهنجي آباديءَ ۾ سالياني اضافي جي شرح کي ساليانو 2 سيڪڙو به رکون ته 18 ڪروڙ جي هن مُلڪ ۾ هر سال 36 لک ٻارن جي پيدائش ٿئي ٿي ۽ اُن مان تقريبن ٻه لک 40 هزار ٻار پيدا ٿيندي ئي يا ڪجهه ڏينهن کان پوءِ موت جو شڪار ٿي وڃن ٿا.سادن لفظن ۾ چئجي ته پاڪستان ۾ سريلنڪا جي مقابلي ۾ 61 وڌيڪ ٻارن جو موت ٿئي ٿو. اها حقيقت آهي ته سريلنڪا في ڪس 9 هزار 2 سؤ 50 ڊالر سالياني آمدنيءَ سان گڏ پاڪستان کان گهڻو اڳتي آهي، جتي في ڪس آمدني صرف 4652 ڊالر آهي. پر اهو مسئلو ٿوري يا گهڻي آمدنيءَ جو ناهي. ويٽنام جي في ڪس آمدني اسان جي تمام گهڻو ويجهو آهي، پر اُتي هڪ هزار ٻارن جي مقابلي ۾ صرف 18 ٻارن جو موت ٿئي ٿو. بنگلاديش جي في ڪس آمدني 2713 ڊالر آهي، پر اُتي هڪ هزار ٻارن جي مقابلي ۾ صرف 33 ٻارن جو موت ٿئي ٿو. اهو واضح رهي ته انهيءَ سڄي مامري جو تعلق صرف آمدنيءَ سان ناهي.اهو ضرور سچ آهي ته آمدني، انساني ترقي جاچڻ جو هڪ پيمانو آهي، پر آمدني ۽ ترقيءَ ۾ تعلق سادو ۽ سڌو سنئون ناهي. بنگلاديش ۾ انساني ترقيءَ جو پيمانو پاڪستان کان بهتر آهي، ڀلي اُن جي آمدني اسان کان گهٽ آهي، ويٽنام ۾ في ڪس آمدني اسان کان صرف ٿوري گهڻي آهي، پر پوءِ به اُتي انساني ترقيءَ جو معيار اسان کان گهڻو بهتر آهي.پاڪستان جيتري يا اُن کان ٿوري گهٽ وڌ آمدني رکندڙ سڀني قومن ۾ نون ڄاول ٻارن جي موت جي شرح اسان کان گهڻي گهٽ آهي ۽ اُتي ان مسئلي کي مُنهن ڏيڻ لاءِ بهتر ۽ قابل قدر قدم کنيا ويا آهن. مان پاڪستان جي ڀيٽ ڪنهن ترقي يافته ۽ وڌيڪ آمدني رکندڙ مُلڪ سان نٿو ڪيان، نه ته فرق تهائين وڌيڪ واضح هُجي ها ۽ ماڻهو به اهوئي چون ها ته پاڪستان جي اهڙن مُلڪن سان ڀيٽ دُرست ناهي. پر ترقي پذير مُلڪن جي مقابلي ۾ به اسان جي پرفارمنس ڪا گهڻي چڱي ناهي رهي.هر هڪ لک زندهه ڄمندڙ ٻارن جي مقابلي ۾ سريلنڪا ۾ 35 ۽ ويٽنام ۾ 59 مائرون مري وينديون آهن، پر پاڪستان ۾ اهو تعداد 260 آهي. جيڪڏهن انهيءَ حوالي سان حساب لڳائجي ته پاڪستان ۾ ڳورهارين عورتن جي حوالي سان اهو تعداد 10 هزار بيهي ٿو. دهشتگردي ۽ ٻين واقعن ۾ مرندڙن جو تعداد مائرن ۽ ٻارن جي موت جي تعداد جي مقابلي ۾ ڪجهه به ناهي، پر پوءِ به اسين ماءُ ۽ ٻار جي صحت کي وڌيڪ اهميت ناهيون ڏيندا. هر سال جڏهن به پاڪستان ۾ انساني ترقيءَ جي انگن اکرن جي ڳالهه ٿئي ته اسان کي هڪ ڏکائتي تصوير نظر ايندي آهي. اسين اُن کي ڏسندا آهيون، اُن تي راءِ ڏيندا آهيون ۽ اڳيان وڌي ويندا آهيون.اسين هر سال 2 لک ٻارن ۽ 10 هزار مائرن کي بچائي سگهون ٿا. پر اسين ائين پوءِ به نٿا ڪرڻ چاهيون. ان باري ۾ ڪيتريون ئي تحقيقي شاهديون موجود آهن ته صاف پاڻي، صفائي جا سُٺا انتظام، پيدائش کان اڳ ۾ يا ترت پوءِ جي توجه، ماءُ ۽ ٻار لاءِ مناسب غذا، ٻارن لاءِ ويڪسينيشن ۽ ڊائريا جي صورت ۾ پاڻيءَ جي کوٽ کي ختم ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻ سان ماءُ ۽ ٻارن جي موت جي شرح ۾ گهڻي حد تائين گهٽتائي آڻي سگهجي ٿي.ها، انهن سهوليتن جي فراهميءَ تي پئسا لڳندا آهن. پر گهڻي آمدني انهن سهوليتن جي فراهميءَ جي گارنٽي نٿي ڏئي. ڪيترائي مُلڪ گهٽ آمدني هوندي به انهن سهوليتن جي فراهميءَ کي يقيني بڻائي رهيا آهن، جنهن ۾ واضح مثال ويٽنام جو آهي. ته اصل سوال پاليسي ۽ پاليسي سازن متعلق آهي. ڇا رياست جي ترجيحن ۾ اها ڳالهه شامل آهي يا نه؟ ڇا غريبن جي ڪا اهميت آهي يا نه؟ ۽ پاڪستان ۾ ان ڳالهه جو سڌو جواب اِهو آهي ته اُنهن جي ڪا اهميت ناهي. ائين لڳي ٿو ته ڪجهه مُلڪ پنهنجي شهرين جي ضرورتن جي باري ۾ ٻين ملڪن کان بهتر عمل ڪندا آهن.اُهي مُلڪ جن تعليم، سوشل ويلفيئر، پاڻي، صفائي، بنيادي صحت ۽ پبلڪ هيلٿ شعبن تي ڌيان ڏنو آهي، اُهي ڀلي ئي گهڻي ترقي ڪندڙ مُلڪ هجن يا نه، پر اُهي انساني ترقيءَ جي پئماني تي سُٺو پرفارم ڪندا آهن. اهڙي نموني وڌيڪ ترقي ڪندڙ سڀني مُلڪن تيز ترقي ناهي ڪئي، ۽ اُن جو ڪارڻ اِهو آهي ته پاليسين جو محور عوام ناهي. گهڻي ڀاڱي مُلڪن ۾ اڪثريت غريبن جي آهي ۽ اُنهن جي ڪا اهميت آهي يا نه پر اهو هڪ اهم سوال آهي.سيوريج ۽ ڪچري کي جائتو ڪرڻ، اڃا تائين وڏن شهرن ۾ به سهي نموني ناهي ٿي سگهيو. شهرن جي وچ ۾ موجود هڪ گهڻي مهانگي هائوسنگ ڪالوني هاڻ سيوريج خالي پلاٽن ۾ ڇڏي ڏيندي آهي. ڇو ته اُها لاهور ڊولپمينٽ اٿارٽيءَ جي وڇايل سيوريج لائين سان ڳنڍيل ناهي.ڪيترائي ڳوٺ هاڻ باقاعده ڪچري جي ڍيرن جا منظر پيش ڪري رهيا آهن. جيڪي پلاسٽڪ ۽ اُن قسم جو ٻيو ڪچرو، جيڪو قدرتي طور تي ختم نٿو ٿي سگهي، ڏهاڪن کان جمع ٿيندو رهي ٿو. ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ سيوريج جو ڪو تصور موجود ناهي.اڃا تائين ته اهي ڪجهه معيار آهن، جن تي پاڪستان پوئتي آهي، اسين بالغن کي صحت جي خدمتن جي بهتر فراهمي نه هُجڻ جي نتيجن تي به ڳالهه ڪري سگهون ٿا، يا نقص سان ٿيندڙ پيدائش جي باري ۾ به، هر معيار تي جواب هڪ جهڙو ئي ايندو.هاڻ وقت آهي ته حڪومت کي موٽر وي جي مقابلي ۾ پاڻي ۽ صفائي، انڊر پاسز جي مقابلي ۾ غريبن جي لاءِ اسپتالون ۽ ميٽرو بسن جي مقابلي ۾ اسڪول جوڙڻ جي باري ۾ سوچڻ گهرجي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *