تازيون خبرون

ٺل مان اغواءَ ٿيل اسلم سومرو بازياب ٿي ويو …..!!: رپورٽ: خليل ڀٽي ٺل

هونئن ته سنڌ سموري ڪڏهن دهشتگردن جي هٿان رتو رت ٿيندي رهي آهي ته ڪڏهن ڌاڙيلن هٿان يرغمال ٿيندي رهي آهي ڪڏهن سنڌ جي ماروئڙن کي بيدردي سان قتل ڪيو ويندو آهي، ڪڏهن سنڌي ماڻهن کي ڪمزور ڪري حق ڦريا ٿا وڃن، سو سنڌ ڌرتي هميشه سورن ۾ رهي آهي هتي جيڪو آيو اهو ڪانبو خان بڻجي ويو باقي سنڌ جا وارث اڃ به بکي پيٽ سمهندا آهن، سندن ٻچا اسڪول وڃن بدران ياته ٻنين تي ڪم ڪندا آهن يا وڏيرن جا نوڪر ٿي گذاريندا آهن، پر سنڌي ماڻهن کي اڳتي وڌڻ کان روڪيو ويندو آهي مطلب ته سنڌ ڌرتي کي سنڌي ماڻهن لاءِ جهنم ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي پيئي وڃي. سو اهڙي قسم جي صورتحال گذريل ٻه مهينا اڳ ۾ ضلعي جيڪب آباد جي تعلقي ٺل مان هڪ نينگر اسلم سومرو کي ڌايلن عمرو چولياڻي گينگ پاران اغواءَ ڪيو ويو هو جنهن تي اسلم سومري جا والدين پوليس ۽ وڏيرن جي درن تي گھڻا ڌڪا ٿاٻا کائيندا رهيا پر سندن ڪجھ به پلهءَ نه پين، سو اسلم سومري جي والد صاحب ضلعي جيڪب آباد جي ايس ايس پي جناب ساجد کوکر سان رابطو ڪيو جنهن تي ايس ايس پي صاحب اسلم جي والدين کي آٿٿ ڏني ته مان جلد ئي اسلم سومري کي بازياب ڪرائي اوهان جي حوالي ڪندس.

جيڪب آباد پوليس جنهن جي ڪمانڊ ايس ايس پي ساجد حسين کوکر صاحب ڪندو آهي تنهن پنهنجي ايمانداري سان نه فقط پوري ضلعي جيڪب آباد ۾ امن امان جي صورتحال کي بهتر ڪرايو آهي پر ڪيترن ئي اغواءَ ٿيل ماڻهن کي بازياب ڪرائي سندن گھرن ۾ خوشيون ڏنيون آهن سو گذريل ڏينهن ٺل شهر مان اغواٿيل محمد اسلم سومرو جنهن جي عمر اٽڪل 15 يا 16 سال ٿيندي ان کي عمرو چولياڻي گينگ جي ماڻهن اغوا ڪري سندن وارثن کان 10 لک روپيه ڀنگ طلب ڪيو هو پر اسلم سومري جا والدين غريب هجڻ ڪري پئسا نه ڏيئي سگھيا ۽ خاموش ٿي گھر ۾ قرآن پاڪ جو ورد ڪرڻ لڳا پر ايس ايس پي جيڪب آباد جناب ساجد حسين کوکر ڌاڙيلن جي اهڙي ڪڌي حرڪت تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ محمد اسلم سومري جي بازيابي کي چيلينج سمجھي ڌاڙيلن جي پٺيان پئجي ويو.

ايس ايس پي ساجد حسين کوکر ڏينهن رات هڪ ڪري اسلم سومري جي بازيابي لاءِ تر جي وڏيرن ۽ چڱن مڙسن سان رابطو ڪيو پر سندس ڪنهن به قسم جو مطمئن ڪندڙ جواب نه مليو پر پوءِ به ايس ايس پي صاحب آرام سان ويهي نه رهيو ۽ ڌاڙيلن جي ڳولا جاري رکيائين هڪ ڏينهن اچانڪ هڪ خفيه اطلاع مليو ته ڌاڙيلن جي گينگ اسلم سومرو کي هڪ جڳه کان ٻئي جڳه منتقل ڪري رهيا هئا سو پوليس کي اطلاع ملندي ئي ايس ايس پي صاحب پوليس جا اٽالا ساڻ ڪري ٺل ۽ جيڪب آباد جي وچ واري علاقي انڙ ڦاٽڪ ويجھو ڌاڙيلن جي ٽولي تي حملو ڪري ڏنو، جنهن تي ڌاڙيلن به جوابي ڪاروائي ڪندي پوليس سان مقابلو ڪيو پر ايس ايس پي ساجد کوکر پنهنجون ذهني صلاحيتن کي استعمال ڪندي ڌاڙيلن مٿان حاوي ٿي ويو ۽ ڌاڙيلن هٿ مٿي ڪيا جنهن تي ايس ايس پي جيڪب آباد جناب ساجد حسين کوکر مغوي اسلم سومرو کي بازياب ڪرائي ورتو جڏهن ته ڌاڙيلن مان ارصلاح ولد محمد ابراهيم گھنڃو، ڪفايت الله ولد امان الله گھنڃو ۽ عبدالحليم ولد حبيب الله ڊول کي هٿيارن سميت جنهن ۾ هڪ عدد ڪلاشنڪوف، هڪ عدد بندوق ۽ هڪ عدد پسٽل ۽ کوڙ سارين سميت پڪڙِي ورتو.

ايس ايس پي جيڪب آباد جناب ساجد حسين کوکر جي اسلم سومرو جي بازيابي واري خبر پوري ضلعي ۾ باه جيان پکڙجي ويئي جنهن تي اسلم سومري جا والدين ۽ سندس مٽ مائٽ گلن جا هار کڻي اچي ايس ايس پي صاحب کي پارايائون.

اسلم سومري جي بازيابي کان پوءِ پوري ضلعي جيڪب آٻاد ۾ خوشي جي لهر ڇائنجي ويئي آهي ۽ ايس ايس پي صاحب کي دعائون ڪري رهيا آهن سو اسلم سومري جي بازيابي کان پوءِ اها به اميد وڌي ويئي آهي ته ايس ايس پي جيڪب آباد جناب ساجد حسين کوکر اڄ کان تقريبن ڏه سال اڳ ۾ ڳڙهي حسن سرڪي تعلقه ٺل مان اغواءَ ٿيل فضيله سرڪي کي به جلد کان جلد ڪرائيندو ڇاڪاڻ ته اڄ کان پندرنهن ڏينهن اڳ ۾ ايس ايس پي جيڪب آباد ۽ ٺل جي ايم پي اي ڊاڪٽر سهراب خان سرڪي ٺل پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندڙ فضيله سرڪي جي والدين کي اهو چئي احتجاج ختم ڪرايو هو ته جيڪب آباد پوليس کي فقط ٻن مهينن جي مهلت ڏني وڃي ۽ ٻن مهينن اندر فضيله سرڪي کي بازياب ڪرايو ويندو سو تر جي ايم پي اي ۽ ايس ايس پي جيڪب آباد پاران ڪيل اهڙي واعدي کان پوءِ فضيله سرڪي جي والدين احتجاج ختم ڪري ڇڏيو آهي سو فضيله سرڪي جي والدين جو چوڻ آهي ته اسان کي يقن آهي ته ايس ايس پي ساجد حسين کوکر هڪ بهادر ايس ايس پي آهي ۽ اسان کي يقين آهي ته فضيله سرڪي کي به جلد کان جلد بازياب ڪرائي ڏيندو.

 

 

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *