تازيون خبرون

ويڳاڻپ ۾ ورتل سنڌي سماج ۽ متبادل وارو سوال!؛مارئي سومرو

مُلڪ ۾ تيزيءَ سان تبديل ٿيندڙ سياسي منظرن سبب سنڌ جو عوام ڳنڀيرتا ۾ ورتل آهي، کين ڪو پتو ناهي ته سُڀاڻي ڇا ٿيڻ وارو آهي؟ ڪڏهن پي ٽي آءِ جو رُسامو آهي ته ڪڏهن ايم ڪيو ايم ڪاوڙ مان وَر کُنجيو بيٺل ڏسجي ٿي. جڏهن ته پيپلز پارٽيءَ تي خاموشي طاري آهي. خبر ناهي اُهي ڪنهن صدمي جو شڪار آهن يا خاموش رهڻ سندن مجبوري آهي. ڪجهه به هُجي، جنهن قسم جون ڪرپشن ڪهاڻيون ٻُڌڻ ۾ اچن ٿيون، تنهن عام کي تمام گهڻو مايوس ڪري وڌو آهي، سندن انهيءَ مايوسيءَ ۾ ويتر اضافو اِها ڳالهه ڪري رهي آهي ته پارٽيءَ جي قيادت حالتن کي مُنهن ڏيڻ بجاءِ وڃي دبئيءَ جا وڻ وسايا آهن.

سنڌي ماڻهن جو آواز سڏي ويندڙ شهيدن جي پارٽي اڄ جنهن زوال جو شڪار آهي، تنهن جو شايد ضياءَ الحق به تصور نه ڪيو هُجي! انهيءَ زوال سببان سنڌي ماڻهوءَ جي حالت ميلي ۾ وڃايل ڪنهن اهڙي ٻارڙي جيان آهي، جنهن جي هٿ مان سهاري واري چيچ ڇڏائجي وئي هُجي ۽ هُو وائڙو ٿي ميلي جون رنگينيون ڏسندو هُجي.

اِها ڪيڏي نه حيرت جي ڳالهه آهي ته ڪراچيءَ جي امن جي ڳالهه هجي يا اُن جي وارثيءَ واري حق جي، سنڌي ماڻهوءَ جو ڪٿي پاڇو به نظر نه ٿو اچي. ڪي پي ڪي سان تعلق رکندڙ ماڻهو ته ڪراچيءَ جي حالتن تي بحث ۾ حصو وٺن ٿا، پر ڪراچيءَ جي حقيقي وارثن کان ڪو پُڇڻ جي ضرورت ئي محسوس نه ٿو ڪري. جنهن سبب سنڌ ماڻهوءَ جي ويڳاڻپ انتهائن تي پهتل آهي. هنن گذريل چئن ڏهاڪن کان جنهن نظريي سان پاڻ کي سلهاڙي رکيو، جنهن نظريي خاطر هُو جيئڻ مرڻ لاءِ تيار هوندو هو، سو ڪرپشن جي ٻوڏ ۾ اهڙو ته لڙهيو آهي جو اُهو هاڻ ڪنهن معجزي سان ئي واپس وري سگهي ٿو! ڪرپشن واري انهيءَ ٻوڏ کانپوءِ ڏسڻو اِهو آهي ته سنڌي ماڻهو پاڻ کي اُن معجزي جي آسري تي رکي ٿو يا ڪنهن متبادل جي تلاش ڪري ٿو؟ جيتوڻيڪ متبادل جي حوالي سان به ڪا اُميد نظر نه ٿي اچي، جو سماج جڏهن مايوسين جي ڪوهيڙي ۾ وٺجي ويندا آهن ته روشنيءَ جو ڪو به ڪرڻو اُنهن کي نظر ناهي ايندو. لڳ ڀڳ اهڙي ئي صورتحال آهي سنڌي ماڻهن جي. ڪنهن وقت ۾ سنڌ اندر قومپرست ڌرين کي پيپلز پارٽيءَ جو متبادل تصور ڪيو ويندو هو، پر موجوده حالتن ۾ قومپرست ڌريون به تيزيءَ سان زوال پذير ٿي رهيون آهن. جي ٿوريون گهڻيون پارٽيون عمل ۾ آهن به ته اُنهن جي سڄي سياست جو محور پنهنجي وجود جي بقا ئي وڃي رهيو آهي. اُهي نه ته سماج ۾ اُتساهه جو سبب رهيون آهن، نه ئي اُنهن جي ڪنهن تحرڪ سان رياست تي ڪو اثر پوي ٿو. بلڪه انهيءَ سحر جي صحرا ۾ ڪيترائي ڳڀرو نوجوان اسان کان وڃائجي ويا. جن جي پونئيرن کان پارٽي قيادتون خير خيريت به معلوم نه ٿيون ڪن. اهڙو ئي مشاهدو مون کي ڪجهه ڏينهن پهريان خان محمد چانڊئي جي ٻارڙن کي ڏسي ٿيو. خان محمد مزدور طبقي جو ماڻهو هو، قومپرست تنظيمن سان تعلق سبب کانئس مزدوريون به هليون ويون ۽ هُو سال سوا اڳ بيماريءَ وگهي لاڏاڻو ڪري ويو. اڄ سندس ٻارڙن جي حالت انتهائي رحم جوڳي آهي، جيڪا لفظن ۾ بيان نٿي ڪري سگهجي.

چوڻ جو مطلب ته اسان جون قومپرست ڌريون ماڻهن ۾ اُها ساک ٺاهڻ ۾ بنهه ناڪام ويون آهن، جهڙي شهري تنظيمن پنهنجي بيشمار غلطيون باوجود جوڙي ورتي آهي. بلڪه حقيقت هيءَ آهي ته قومپرست ڌرين هيستائين فقط سحر جي سهاري گاڏو پئي گهليو آهي، اُنهن عام ماڻهن جي ڀلائي ۽ بهتريءَ لاءِ ڪي اهڙا ساراهه جوڳا قدم ناهن کنيا، جن جي بنياد تي هُو ڪو متبادل بڻجي سگهن ها. هتي متبادل مان مراد سنڌي ماڻهن جي گڏيل اظهار جو پليٽ فارم آهي، نه ڪي ووٽ واري سياست!

اشوز تي جيئندڙ ڌريون گهڻو جٽاءُ ناهن ڪري سگهنديون! اِهوئي ڪجهه اسان کي هتي ڏسڻ ۾ اچي پيو. جيڪڏهن حالتن پٽاندر قومپرست ڌريون پاڻ ۾ تبديلي آڻين ها ۽ ماڻهن جي بنيادي مسئلن کي حل ڪرائڻ وارن مرحلن ۾ سندن ساٿ ڏين ها ته شايد اڄ هن قحط جو مُنهن ڏسڻو نه پوي ها. پر ان معاملي ۾ سدائين ضد کان ڪم ورتو ويو، جنهن جو فائدو پيپلز پارٽي خوب نموني کنيو آهي ۽ اڄ سوڌو اُها کڻندي رهي ٿي. بلڪه متبادل نه هُجڻ ڪري احساسِ برتريءَ جو ايترو ته شڪار آهي جو سنڌ جون ٻنيون ٻيٽ کپائڻ هُن لاءِ ڪو مسئلو ئي ناهي. ظاهر آهي جڏهن ڪو روڪڻ ٽوڪڻ وارو ناهي هوندو ته پوءِ ائين ئي ٿيندو آهي. جيتوڻيڪ پيپلز پارٽيءَ جي اڳوڻي دؤر ۾ ڪنهن حد تائين سنڌ جي ماڻهن پنهنجي ردعمل جو اظهار ڪيو هو، پر هن ڀيري واري خاموشي سمجهه کان ٻاهر آهي.

جيڪڏهن پيپلز پارٽيءَ جي گذريل ستن سالن واري دؤر جو جائزو وٺبو ته انهن ستن سالن ۾ سنڌي ماڻهن کي تمام گهڻو نقصان رسيو آهي، کانئن شهر ته اڳ ئي ڦُرجي چُڪا هئا، هاڻ ٻهراڙيون به اُنهن جي هٿن مان واريءَ جيان کسڪنديون وڃن پيون، جو ڌاريءَ آباديءَ ٻهراڙين توڙي ننڍن شهرن جو رُخ ڪيو آهي. اِئين محسوس ٿي رهيو آهي ته سنڌ جي ٻهراڙين تي هاڻ ڌارين آبادين جو ڪڙو چڙهي چُڪو هجي. هڪ طرف اِها صورتحال آهي ته ٻئي طرف سنڌ جي ساڃاهه رُڃ ۾ تبديل ٿي وئي آهي، ساڃاهه وندن کي مصلحتن ماري وڌو آهي ۽ اُهي پنهنجي عيش عشرت واري زندگيءَ جي خمارن ۾ ورتل آهن، اُنهن کي سنڌ يا سنڌي ماڻهو ياد ناهن. اهڙي صورت ۾ وهم وسوسا فطري هُجن ٿا، جيڪي مون سميت هزارين ذهنن کي مايوسيءَ جي ڪُن ڏانهن ڌڪيندا رهن ٿا. تڏهن سوال ٿو اُڀري ته ڇا هيءُ وهنوار اِئين ئي جاري رهندو، ڪا تبديلي، ڪو تحرڪ يا متبادل سنڌي ماڻهن جي نصيب ۾ ڪڏهن به نه ايندو؟ جي ايندو ته ڪهڙيءَ ريت ۽ ڪيئن؟ انهن سوالن تي ويچارڻ لاءِ پڙهندڙن کي موقعو ڏجي ٿو.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *