تازيون خبرون

وقت جي اهميت کان وانجهيل سماج: وسعت الله خان

هر سال نئون سال ايندو آهي پر اها خبر ناهي پوندي ته اسان سال گذريو يا سال اسان کي گذاريو. اولهه پنج سئو سال اڳ ۽ جاپانين، ڪورين، چينين گذريل هڪ سئو سالن دوران اهو راز پرکي ورتو آهي ته وقت کي طاقت ۾ ڪيئن تبديل ڪري سگهجي ٿو. هنرمندي ۽ تعليم سان واندي وقت کي قيمتي ڪيئن بڻائي سگهجي ٿو؟. ان کي پيداواري شڪل ڪيئن ڏئي سگهجي ٿي؟. وسيلا ٿورڙا هجن يا نه به هجن وقت کي وسيلن جي متبادل ڪيئن ٿو بڻائي سگهجي؟

وقت کي سرمايو سمجهندڙ ملڪن ۾ باقاعده حساب رکيو ويندو آهي ته قوم انفرادي و اجتماعي طور ڪيترا پيداواري ڪلاڪ ڪم آندا يا ضايع ڪيا ۽ ان گهاٽي کي ايندڙ هفتي، مهيني يا سال ڪيئن گهٽ ڪري سگهجي ٿو.

ڪڏهن غور ڪَيُوَ ته انگريز ننڍي کنڊ جي هر اهم شهر ۾ گهنٽا گهر ڇو ٺهرا هئا! جيتوڻيڪ سان ننڍي لاڪون ٻڌندا پيا اچون ته ايتري ننڊ ٺيڪ ناهي، وقت وڃائڻ ٺيڪ ناهي، جڏهن پهرين درجي ۾ داخل ٿيون ٿا ته ڪلاس جي ڀتين تي ٿلهن لفظن ۾ لکيل ڏسون ٿا ته ”ويل وقت وري ناهي ورندو، وقت جو قدر ڪيو، وقت وڏي دولت آهي، اڄ جو ڪم سڀاڻي تي نه ڇڏيو وغيره وغيره.

استاد اسان کي اهو ٻڌائڻ ڪڏهن ناهن وساريندا ته محمد علي جناح وقت جو ڪيترو پابند هو، نهرو جي کي ڏسي ماڻهو ڇو پنهنجي گهڙين جا ڪانتا ٺيڪ ڪندا هئا. وري اسان اڃا وڏا ٿيون ٿا ته خوشي وچان چمڪندڙ گهڙي خريد ڪريون ٿا. وقت تي جاڳڻ لاءِ الارم ڪلاڪ لڳايون ٿا. آفيس، اجلاس يا تقريب ۾ پهچڻ لاءِ جلدي جلدي تيار ٿيون ٿا ۽ وقت تي پهچي فاتحاڻي نموني انهن ڪرسين ڏانهن ڏسئون ٿا جيڪي خالي هجن ٿيون. پنهنجي مسئلن جي ذميواري ٻين تي وجهڻ ۾ وقت لڳائڻ بلڪل خراب ناهي پر 24 ڪلاڪ ايئن ئي ڪندو رهڻ ڪيترو ٺيڪ آهي؟

ٿي سگهي ٿو يهودو هنود مسلمانن خاص ڪري پاڪستانين جا ازلي دشمن هجن پر ڇا هي به غيرن جي سازش آهي ته اسان پنهنجو ذميوار ڪم به وقت تي مڪمل نه ڪري سگهون. ڪنهن به شادي غميءَ ۾ وقت تي پهچڻ کي بيوقوفي سمجهون، ڪنهن به وڏي يا ننڍي منصوبي لاءِ ڊيڊ لائين اسان لاءِ مقدس نه هجي، امپورٽ، ايڪسپورٽ جو ڪوبه آرڊر اهو ڄاڻڻ بنا وٺندا وڃون ته ظاهري و غائب سببن ڪري اهو بروقت مڪمل نه ٿي سگهيو ته بي عزتي ٿيندي.

اسان ته ڪنهن کي فوري امداد به وقت تي نه ٿا ڏئي سگهون، پوءِ ڀلي سائل پاڻ هلي ڇو نه اچي. هي به اسان جي سوچ جي ايجنڊا جو حصو ناهي ته وڌ کان وڌ سرگرمي ۽ ڪاروبار ڏينهن جي روشنيءَ ۾ ڪيون ته جيئن توانائي ۽ وسيلا ايندڙ ڏينهن ڪم اچن.

توهان ڪنهن کان به وقت گهري ڏسو چوندا، شام کانپوءِ جڏهن چاهيو ملو، صبح اچ، بس واري کان پڇنداسين ڪيتري وڳي هلندي ته جواب ملندو هڪ اڌ ڪلاس ۾، وزير کان پڇو هي منصوبو ڪهڙي تاريخ تي مڪمل ٿيندو، هو چوندو سال، ڇهن مهينن ۾. جيڪڏهن اسرار ڪيو ته اندازن ڪهڙي تاريخ تائين؟ هو ابتو اوهان کان پڇي سگهي ٿو ته پاڪستان ۾ رهين ٿو يا ندا حسين ۾؟

قوم جي غم ۾ مرندڙ هر اڳواڻ ڪيئن نه آسانيءَ سان هي چئي جند ڇڏائي ٿو ڇڏي ته اسان وٽ ڪو الادين جو چراغ ناهي جو راتو رات سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي وڃي. پر ڪيترا ماڻهو ڄاڻن ٿا ته وقت ئي اصل ۾ الادين جو چراغ آهي ۽ اهو چراغ هر ڪنهن وٽ آهي پر شعور گهٽ آهي.

جيئن ته وقت ئي سڌو نه پيو ٿئي، تنهن ڪري ڪجهه به سڌو نه پيو ٿئي، حيرت آهي جنهن ملڪ جي اڌ آبادي غربت جي لڪير کان هيٺ هجي، جتي وسيلا پنهنجي استعمال جي انتظار ۾ سڙي رهيا هجن، جتي صلاحيتن جي کوٽ نه هجي، اتي اڪثريت وري واندڪائي ئي واندڪائي ۾ آهي.هي ڪو الميو ئي ناهي ته صبح کان رات تائين هر ڳوٺ ۽ واهڻ جا چانهين جا هوٽل پنهنجو ڪم ڪنهن ٻئي کي سونپيندڙ ڪاهل ماڻهن سان سٿيل هوندا آهن. ڏينهن ڳالهين، تبصرن، ٽي وي ڏسڻ، غيبتن ۾ گذري ويندو آهي ۽ رات جي قبر مان اٿندڙ نئون ڏينهن وري سڀني کي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيندو آهي.

ڏينهن، مهينن ۽ سالن ۽ ڏهاڪن ۾ تبديل ٿي وڃن ٿا ۽ خواب ۾ ترقي جا عادي ڳالهير اڪثريت ۾ قبرستان پهچي وڃن ٿا.

بي دلي ڪيا يون هي دن گذر جائينگَي

صرف زنده رهَي هم تو مرجائينگَي

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *