تازيون خبرون

وفاقي بجيٽ ۽ غريب عوام!؛سرمد منصور

منهنجي آڏو اڄوڪيون 10 جُون واريون اخبارون پيل آهن، لڳ ڀڳ سمورين اخبارن ۾ اِها ساڳي ڳالهه نمايان ڪري ڏني وئي آهي ته مخالف ڌر وفاقي بجيٽ کي رد ڪندي حڪومت کان مهانگائي گهٽائڻ ۽ پگهار وڌائڻ جو مطالبو ڪيو آهي. اهڙو مطالبو اِنهيءَ خبر شايع ٿيڻ کان هڪ ڏينهن اڳ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ ڪيو ويو هو. رپورٽ جي تفصيلن ۾ اِهو به آهي ته مخالف ڌر، حڪومت تي ڇتي تنقيد پڻ ڪئي ۽ سرڪاري ملازمن جو معمولي پگهار وڌائڻ واري فيصلي تي پي ٽي آءِ، ايم ڪيو ايم ۽ اي اين پي وارن احتجاج ڪندي اجلاس مان واڪ آئوٽ به ڪيو. اجلاس ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته اسان جي حڪومتي دور ۾ بجليءَ واري مامري تي هڪ صوبائي حڪومت ماڻهن کي ڀڙڪايو پر اسان مقابلو ڪيو. سندس چوڻ هو ته هاڻ جڏهن دنيا ۾ تيل سستو آهي ته پوءِ مُلڪ اندر بجلي مهانگي ڇو آهي. خورشيد شاهه سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 25 سيڪڙو واڌ جو پڻ مطالبو ڪيو.

اِهي ڳالهيون يقينن اسان عام ماڻهن کي ڏاڍيون وڻيون هونديون ۽ اسان مان ڪيترن ئي مخالف ڌر وارن لاءِ اِهو پڻ اظهاريو هوندو ته کين عوام جو احساس آهي ۽ اُهي اجلاس دوران ماڻهن جي مسئلن جون ڳالهيون ڪن ٿا. جيڪي ماڻهو اهڙي سوچ رکن ٿا، اُنهن لاءِ آئون اِهوئي عرض رکندس ته پاڪستاني سياسي فارميٽ ۾ مخالف ڌر کي جيڪو اسڪرپٽ ڏنو ويندو آهي، تنهن ۾ اهڙي ئي قسم جون ڳالهيون لکيل هونديون آهن، لڳ ڀڳ اهڙي ئي قسم جون ڳالهيون هاڻوڪن حڪمرانن، اُن وقت ڪيون هيون جڏهن اُهي مخالف ڌر ۾ ويٺل هُئا. بلڪه اُنهن ته ڏاڙهيءَ تي هٿ ڦيري سندن حڪومت ايندي ئي لوڊ شيڊنگ جي خاتمي جو واعدو به ڪيو هو ۽ واعدو پورو نه ٿيڻ جي صورت ۾ نالو تبديل ڪرڻ جي پڻ ڳالهه ڪئي هُئي. پر هاڻ اُن سڳوري سياستدان کي منظر تي تمام گهٽ ئي ڏٺو ٿو وڃي، جنهن جو ڪارڻ اُهي واعدا پاڙي نه سگهڻ آهي يا اڃا ئي ماڊل ٽائون وارو سانحو، جنهن مان جيتوڻيڪ کين آجو ته قرار ڏنو ويو آهي، پر تاريخ سدائين مٿانئن ئي دانهيندي رهندي.

سو مخالف ڌر وارن جي ڳالهين تي اعتبار مڙيو ئي گهٽ ڪرڻ گهرجي، جو اُنهن اڳواڻن کي به اِها پڪ آهي ته اُهي جيڪي مطالبا ڪري رهيا آهن، سي نه ته ٻُڌا ويندا نه ئي وري مخالف ڌر وارا انهن مطالبن جي مڃتا لاءِ روڊن تي نڪري ايندا. پر سياسي فارميٽ تي عمل ڪندي هنن کي ايوانن ۾ پنهنجي موجودگيءَ جو احساس ڏيارڻو آهي. اِهوئي سڀ ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ٿيندو رهي ٿو. حڪمران ڌُر هُجي يا مخالف ڌُر، اُنهن کي نٻل، ڪمزور ۽ مسئلن ۾ ڦاٿل عوام ئي وارو کائي ٿو. جيڪڏهن عوام کي مسئلن ۾ ڦاسائي نه رکيو ويو ته اُهي ڪڏهن به حڪمرانن کان سندن شاهي طرز واري زندگيءَ بابت سوال ڪري سگهن ٿا، اُهي وزير وڙن توڙي ڪامورن کان اِهو پُڇاڻو ڪري سگهن ٿا ته آخر اوهان ڪهڙي حساب ۾ قافلا ٺاهي سرڪاري گاڏيون ڊوڙائيندا رهو ٿا؟ يا سياستدان جيڪي رات پيٽ ۾ ڪک پتيءَ مان لک پتي ۽ ڪروڙ پتي بڻجي وڃن ٿا، تنهن جو به شايد عوام حساب ڪتاب وٺڻ لڳي؟ تنهن ڪري اُنهن کي طبقاتي تهن هيٺ ۽ مسئلن ۾ اُلجهائي رکو ته جيئن اُهي هڪٻئي سان وڙهندا، چِڪندا رهن، اُنهن کي ايتري فرصت ئي نه ملي ته اُهي طرزِ حڪمرانيءَ تي ڪا آڱر کڻي سگهن!

هتي جمهوريتن توڙي آمريتن جو اِهو ساڳيو ئي اُصول رهيو آهي. جيڪڏهن اِئين نه هُجي ها ته اڄ حالتون گهڻيون تبديل هُجن ها. موجوده حڪمرانن جي نظر ۾ پاڪستان بس پنجاب، سو به سندن ئي اباڻي شهر لاهور تائين محدود آهي، اُنهن کي ٿر، ڪاڇي يا ڪشمور سان ڪو به سروڪار ناهي، اُتي جا ماڻهو  جيڪڏهن اذيتن ۾ گهارين ٿا اُڪو گهارين، اُنهن کي پيئڻ جو صاف پاڻي مهيا ناهي ته حڪمرانن جو اُن ۾ ڇا وڃي؟ جيڪڏهن معصوم ٻارڙا بُک ۽ بيمارين وگهي تڙپي تڙپي مرن ٿا ته ڀلي وڃن مرن، حڪمرانن کي ميٽرو بسن وارن منصوبن مان فرصت ئي ڪٿي آهي جو اُهي اُنهن ڏانهن نهارين.

وڏي دعويٰ سان چيو ٿو وڃي ته هلندڙ مالي سال ۾ پورهيت جو اُجورو 13 هزار مقرر ڪيو ويو آهي. انهيءَ اُجوري ۾ ڪو ڪٽُنب زندگيءَ ڪهڙيءَ ريت گذاري سگهي ٿو، تنهن جو به سرڪار ڪو وچور ٺاهي ڏي ها ته بهتر هو. ڇا اُنهن تيرهن هزارن مان باقي ڪجهه بچي ٿو، جڏهن ماڻهوءَ کي بجليءَ جو بل ادا ڪرڻو هُجي، گئس توڙي پاڻيءَ جا يوٽيلٽي بل ڏيڻا هُجن، طبقاتي سماج ۾ ٻارڙن کي ڪنهن چڱي اسڪول ۾ پڙهائڻ واري خواهش کي پاڻي ڏيڻو هُجي، اڇو اُجرو پائڻو هُجي ۽ بيماري بڙيءَ ۾ ڪنهن چڱي اسپتال مان علاج ڪرائڻو هُجي. جيڪڏهن اِهي سڀ شيون اُهو پورهيت ڪري ته پوءِ اُن وٽ کائڻ لاءِ باقي ڇا بچندو؟ ڇا باقي بچيل پئسن مان پنهنجي ٻارڙن لاءِ کير جو بندوبست ڪري سگهندو؟ موسمي ميوا ۽ ڀاڄيون وقت سر وٺي سگهندو؟ گوشت، مڇي يا مرغي کائي سگهندو؟ جيڪڏهن نه ته پوءِ اُن ماڻهوءَ مان اوهان اِها توقع ڪيئن ٿا رکي سگهو ته اُهو ڪُنڊيءَ وسيلي بجلي نه ٻاريندو، قانون تي عمل ڪندي ڏوهه ۽ ٻي هيراڦيري نه ڪندو!؟ اصل ۾ سرڪار پاڻ هٿ وٺي ماڻهن کي غلط راهه ڏيکاري ٿي! جيڪڏهن بجليءَ جا بل مناسب موڪليا وڃن ۽ اُهي ماڻهوءَ جي اُجوري ۽ پهچ جي حساب سان هُجن ته ڪنهن کي لاچار پيو آهي ته اُهو چوريءَ جهڙو ڪريل عمل ڪري!جنهن رفتار سان سماج اندر طبقاتي وڇوٽيون وڌي رهيون آهن، اُهي اڳتي هلي ڪنهن وڏي دنگاڻ کي به دعوت ڏئي سگهن ٿيون. پر افسوس ته ان طرف اسان جا حڪمران ويچارڻ لاءِ تيار ئي ناهن. اُنهن جو اِهو خيال آهي ته حالتون سدائين سندن ئي حق ۾ هونديون ۽ اُهي ساڳي نموني عوام جو استحصال ڪندا رهندا؟ اِهو ضروري ناهي ته هر نسل وٽ ساڳي ئي بزدلي هُجي، ڪو اهڙو به وقت اچي سگهي ٿو جو هي مظلوم ۽ محروم ماڻهو نه رُڳو هن طبقاتي وڇوٽين واري فرق کي محسوس ڪندا، پر استحصال ڪندڙن کان حق ۽ حساب وٺڻ لاءِ به سندرو ٻڌندا! اهڙو وقت جيتوڻيڪ پري آهي،

پر اُهو ناممڪن ناهي. تنهن ڪري سياستدانن کي پنهنجي طرزِ حڪمرانيءَ ۾ تبديليءَ لاءِ ويچارڻ گهرجي ۽ کين اِها ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته اوڻٽيهه راتيون ڀلي ته چور کي ڦٻنديون هُجن، پر هڪڙي رات ڀاڳئي جي به هوندي آهي ۽ اُن کان پهريان جو اُهو ڀاڳيو سُجاڳ ٿي ڪو ممڻ مچائي، حڪمرانن کي پاڻ ئي پنهنجي روين ۾ تبديلي آڻڻ گهرجي!

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *