تازيون خبرون

واڳ ڌڻين ڏانهن کليل خط: شيخ نورالله آزاد ڪراچي

سنڌ جا وزير، مشير، وڪيل، جج صاحئبو! پوليس، فوج جا سڀئي وڏا آفيسر صاحئبو! چونڊيل نمائيندا، بيوروڪريٽس ۽ ٻيا طاقت ۽ اختيار رکندڙ سڀ مالدار، زميندار، ڪارخانيدارئو…! توهان رڳو پاڪستان جي تاريخ مان عبرت وٺي ڪو سبق سکو، ڪو ته خوفِ خدا رکي آخرت ۾ جهنم جي دل دهڪائيندڙ باهه ۽ سخت عذاب کان ڊڄو ۽ اُن واحدُالقهار جي قهر غضب کان ڇو نٿا ڊڄو؟ جو هِن جنت نظير هزار نعمتن سان نوازيل سنڌ جي اصلي، ستن پيڙهين، نسلن، صدين کان آباد ٿيل سنڌ جي غريب ۽ ڏتڙيل عوام کي اُن جيجل امڙ جي جهوليءَ مان ڪڍي ڇو ڌار ٿا ڪيو؟  اڳ ته جيترو وقت گذريو پر جڏهن ستر سالن کان پاڪستان ٺهي  هر صوبي تي پنهنجن جي حڪومت ٺهي آ ته پوي توهان مٿي ذڪر ڪيل سڀني بااختيار صاحبن سنڌي قوم کي ڇو نه حق ڏئي سُکيو ۽ خوشحال بڻايو؟ ۽ اُنهن تي هٿ رکي پنهنجو سمجهي ڳوٺن، واهڻ، وسندين ۾ ترقياتي ڪم ڪرائي زراعت ۽ صنعت ۾ اُنهن کي اڳتي آڻي ڪم وٺي سندن کي سُکيو ۽ سنڌ کي سينگاري سهڻو ڇو نه بڻايو؟ توهان پاڻ کي ڏاڍو ۽ طاقتور سمجهي اُنهن کان نفرت ڪندي ڪنهن کي چور ، ڌاڙيل، ڪنهن کي جُواري نشئي بڻائي ڪُوڙا ڪيس ٺاهي ڇو ٿاڻن، ڪورٽن ۾ پاڻ ۽ اُنهن جا ٻچا ٻار رُلائي زمينون، روزگار، علم، علاج، امن ۽ انصاف کسي ديس هوندي پرديسي، گهر هوندي بي گهر ذهني طرح مفلوج ۽ بيمار ، معاشي طرح غريب ڏتڙيل، معاشرتي طرح بيوس ۽ لاچار بڻائي غلامن جو به غلام ۽ بي سهارو بڻائي ڇڏيو آهي؟ توهان ته اُنهن کي شايد انسان به نٿا سمجهو جو اُنهن کان وڌيڪ توهان مان ڪيترا زميندار، مالدار ۽ طاقتور ماڻهو پنهنجن ڪبوترن، تترن، گوءِ وارن ڏاندن ۽ اُٺن، گهوڙن، گڏهن، ڪُڪُڙن، ڪُتن ۽ رڇن سان گهڻو پيار ڪندا آهن، اُنهن جي کاڌي پيتي ۽ بيماريءَ ۾ اُنهن جو وڌيڪ خيال رکندا آهن، ڇو ته اُنهن لاءِ قسمين قسمين جي خوراڪ ۽ علاج ڪرڻ لاءِ ڊاڪٽر به آهن اُهي بيوس لاچار نوڪر پاڻ بيمار ۽ بکيا رهي اول اُنهن جو علاج ۽ کاڌي جو خيال رکندا آهن.

توهان پنهنجن کان وڌيڪ ڌارين کي اهميت ڏيندي اُنهن کي ڇُڙواڳ ڇڏيو جو هاڻي ته گهڻو ڪري وڏا شهر به ڌارين جي قبضي ۾ آهن، جتي جيڪڏهن سنڌي آهن به تا اُهي ڇڙوڇڙ، هڪ جاءِ تي ڪنهن هڪ علائقي ۾ ناهن، ڇو ته توهانکي ستر 70 سالن ۾ به عقل ته نه پر نقل ڪري ڪنهن منصوبه بنديءَ سان پنهنجن کي گهُرائي ڪراچيءَ جي ڪنهن به علائقي ۾ اهڙيءَ طرح آباد نه ڪري سگهيئو جو اُنهن کي پلاٽ، گهر ۽ بنيادي سهولتون ڏيئي اسڪول، ڪاليج، اسپتالون ڏيئي روڊ رستا، بجلي ۽ مالڪاڻا حق ڏيئي تُڪبنديءَ سان تڪ بندي ڪرائي شناختي ڪارڊز ٺهرائي، ووٽ داخل ڪرايو ها ۽ سنڌي اسڪول کولرائي سنڌي لکايو ۽ پڙهايو ها ته سنڌي ٻولي به طاقتور ٿي ترقي ڪري ها، هاڻي ته لکين سنڌين کي سنڌي لکڻ ته ڇا ڳالهائڻ به نٿي اچي ۽ توهان ۽ اسان به مجبور ٿي ڌاري ٻولي ٿا ڳالهايون، ڇو ته اُها زبان جنهن کي رابطي جي زبان چئجي، جيڪا نه ڪنهن قوم جي، نه علائقي جي نه ڪنهن صوبي جي زبان آ، اُن کي پاڪستان جي قومي زبان جو درجو ڏنو ويو آ، ڇو ته هتي ٻين صوبن پنجاب، بلوچستان ۽ پختونخواه جي زبان جي رسمُ الخط اُردو آهي، باقي آهي سنڌي زبان جيڪا ٻولي سڏجي ڇو ته اُن کي پنهنجي رسم الخط آهي، پر اُن جا وارث سڏائڻ وارا وڏا ننڊ پيل ۽ سُتل يا بزدل يا لالچي آهن جو انهن کي پنهنجي هر شيءِ کان نفرت آ، هر شئي ڌارين جي پسند ڪندا آهن، محبت ۽ دوستي به ڌارين سان ۽ ڪيترائي شادي به ڌارين مان ڪندا آهن. اردو ته اڻپوري زبان ۽ تُرڪيءَ جي لشڪري زبان آهي، اُن ۾ ته گذريل ڏينهن ڪالهه کي به “ڪل” ائين وري ايندڙ ڏينهن سُڀاڻي کي به“ڪل” ٿو سڏيو وڃي، ۽ هفتي جي هڪ ڏينهن “خميس” کي وري رات  “جمعرات”  سڏيو ٿو وڃي.

عجيب ڳالهه آ ته اسانجا پنهنجا اڃا تائين به خاموش آهن جو ٻوليءَ تي ڌارين جو قبضو، ڌرتيءَ تي ڌارين جو قبضو، روزگار تي ڌارين جو قبضو، حڪومت جي تقريبن سڀني ادارن تي ڌارين جو قبضو آهي، ڪراچيءَ ۾ هاڻي ته سنڌين کي ڊوميسائيل ۽ سڃاڻپ “شناختي” ڪارڊ، ڄم جو سرٽيفيڪٽ به ٺهرائڻ ڏکيو ٿي ويو آ، بلڪه ٺهي ئي ڪونه ٿو،  ڇو ته ڪراچيءَ مان ڌرتيءَ ڌڻين کي قومي ۽ صوبائي اسيمبليءَ ۾ نمائندگي 5 کان 10 سيڪڙو  به مشڪل سان ئي آهي جنهن سبب شهري حڪومت گهڻو ڪري ڌارين (مهاجرن) جي هوندي آ، وڏي عجب جي ڳاله آ، شايد ئي دُنيا ۾ ڪٿي ايئين هوندو جو صوبي جي گاديءَ واري شهر ۾ ڌرتي ڌڻين جي حڪومت ئي ڇا پر نمائيندگي به نه هئڻ برابر هجي.

اي سنڌ جا حاڪمئو! سنڌ جيجل امڙ جي هزارين نه پر لکين ايڪڙن تي ڪنهن نه ڪنهن نموني ڌارين جو قبضو آهي، ڌارين سنڌ جي وڏن شهرن ۾ گهر، بنگلا، فليٽ ۽ ڪالونيون ٺاهي چئوديواري ڏيئي پنهنجن جي آبادين کي سوسائٽيز جو نالو ڏيئي، پنهنجن کي سيڪيورٽي ڏئي محفوظ ٿا ڪن ۽ اُهي چاليهه گز پلاٽ وٺي اوهانجي ئي حڪومت مان ليز ڪرائي، ڪنهن به ماڻهوءَ جي ڪيس ۾ ضامن به پئجي سگهن ۽ مالڪاڻي حق جي دعوا ڪن ٿا، اسان سنڌي ڌرتي ڌڻي ٿي ڪري به سنڌ جي شهرن ۾ ڪچيون آباديون ٿا سڏجئون، هزار گز هُجي ته به چون ٿا ته “اس ڪِي ڪوئي ويليو نهين هي، يه تو گوٺ آباد زمين هي”

خُدا جي واسطي نوانCM  صاحب! جلد ئي اجلاس سڏائيئ ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد جي سنڌين جي سڀني ڳوٺن کي مفت ليز ڏيئي پڪو ڪيو ۽ ٻاهران آيال ماڻهن کي واپس ڪيو، پراڻن ترسيل ڌارين جي رجسٽريشن ڪرائيو ۽ ٻاهران ايندڙن کي روڪيو، پنهنجن غريبن کي هر طرح سان گهر روزگار ۽ بنيادي حق مفت، سستا ۽ جلدي ڏيئي ڌارين جي محتاجيءَ کان بچايو، وڏ ظلم ته ڏسو جو هڪ ڌاريو، ٻيو مهاجر  ۽ قتل، ڦر، ڌاڙن سميت 23 مختلف ڪيسن ۾ گهربل، گرفتاريءَ تي لکين رپين جو انعام رکيل وڏو مُجرم 14 سال سنڌ جو گورنر مڙهيل رهيو، توهان چپ جو روزو رکي ويٺا رهيئو، هڪ ڀيرو ٻيهر غير سنڌي ڳالهائيندڙ ۽ 80 سالن کان وڌيڪ جو پيرسن شخص هن صوبي جو گورنر مقرر ٿيو آ جيڪو اچڻ شرط اسپتال وڃي داخل ٿيو جيڪو پنهنجي پاڻ کي ته ڪونه ٿو سنڀالي سگهي اُهو اسانجي صوبي لاءِ هن عمر ۾ ڇا ڪندو؟ ڇا توهان سڀ ننڊ ۾ آهيو؟ ڪوئي آهي ئي ڪونه جيڪو پڇا ڪري هن ظلم، ڏاڍ جي؟

عرض خاص آهي ته بهادر ٿيو، اي سنڌ جا ڀوتارئو! انا کي ڇڏي خُدا کان ڊڄو اتحاد ڪري، دِل ٻڌي لالچون ڇڏي، سچا ٿي سنڌي قوم جي سچن ماڻهن، پوڙهن ۽ جوانن، ساڃاهه وندن کي ساڻ کڻي قومي جذبو رکندڙ اهليت رکندڙ نوجوانن کي وڏن عُهدن تي آڻي اُنهن کان ڪم وٺو، حلفيه هڪ ٻئي جو ساٿ ڏيو، گڏجي سڀ هڪ ڳالهه ڪيو، ڌرتي ڌڻي سياسي مخالفن، قوم پرست، اديب، دانشور، شاعر، پڙهيل لکيل ماڻهن کي پاڻ سان ساڻ ڪري غريبن ۽ سڄي قوم کي حق ڏيو ۽ پنهنجي ڌرتي جي مالڪي ڪيو ته پوءِ ڪاميابي ضرور ملندي.

 

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *