تازيون خبرون

هڪ پنجابي سنڌي ۽ مادري ٻولي جو خانو: عباس جلباڻي

اکين ۾ اشڪبارين کانسواءِ پوکيون ته ڇا پوکيون

 اوهانجي انتظار کانسواءِ پوکيون ته ڇا پوکيون

 سنڌو جي سينڌ مان واري اڏي پئي ڄام شورا ڏس

اسان سوچڻ تاسارين کانسواءِ پوکيون ته ڇا پوکيون

هي غزل جنهن ۾ ٻولي جي اربيلي رواني به آهي، رومانس جي چاشني به ۽ حقيقت جي ڪٿراڻ به، رزاق عاصي جو آهي. رزاق جو ڏاڏاڻو ڏيهه اوڀر پنجاب آهي. سندس بابو شفيع محمد انگريز جي فوج جو سپاهي هو. انهن سپاهين مان جنکي سورهيه بادشاهه جي اڳواڻي ۾ هلندڙ آزادي جي هٿيار بند جدوجهد کي چيڀاٽڻ لاءِ سنڌ موڪليو ويو.

پر شفيع محمد ڪم ئي ابتو ڪيو. هو وطن يا ڪفن تحريڪ کان ايترو متاثر ٿيو جو لوڙهن ۽ ويڙهن ۾ حر فقيرن جي خاندانن سان ٿيندڙ ويل کي ڏسي کيس پنهنجي نوڪري کان نفرت ٿي وئي. هن فوج ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو. پر وقت  کان اڳ ريٽائرمينٽ هو وٺي به ته ڪيئن؟ ان لاءِ ته ڪو عذر گهرجي. اهو به پڪو.

ڇاڪيائين جو هڪ لوهي شيخ کڻي پنهنجي هڪ اک ۾ ٽنبي ڇڏيائين. پاڻ کي پنهنجن هٿن سان ڪاڻو ڪري ڇڏيائين. جسماني معذوري جي بنياد تي ريٽائرمينٽ وٺڻ لاءِ. ..وهه ڙي جوان واهه..سلام آ توکي، سنڌ ڌرتي جو. جئي پت جمن مانوان.

سنڌ شفيع محمد جي دل ۽ روح ۾ ائين گهر ڪري وئي جو ورهاڱي کانپوءِ جن هتي ئي مستقل طور آباد ٿيڻ جو فيصلو ڪيو. انڊيا ۾ پنهنجي زمين جي ڪليم ۾ جهڏو لڳ 37 ايڪڙ زمين حاصل ڪيائين ۽ اهڙي ريت پنهنجيون پاڙون سنڌ ڌرتي ۾ پوکي ڇڏيائين.

عاصي ٻڌائي ٿو ته بابو کيس چوندو هو ته پٽ! جڏهن اسان انڊيا کان آيا پئي سين ته اسانجا ئي پنجابي ريل جي  دٻي جو در بند ڪري اسان کي چون پيا ته ”پاڪستان آگي هي“. ان جي ابتڙ سنڌ  ماءُ جيان اسان کي پنهنجي دامن ۾ پناهه ڏني، جيڪڏهن توکي سنڌ سان وفا ڪرڻي آهي. ڪرين سگهين ته هتي رهه. نه ته جهنگ (پنجاب ۽ هير جو شهر) لڏي وڃ جتي تنهنجا مائٽ رهن ٿا.

اهڙو سبق ڪيئن نه اثر ڪري، عاصي پيءُ جي ڳالهه سمجهي ويو. چئي ٿو، سنڌ ڪبو ۽ قبلو ڪليسا به آ، مون کان منهنجو مذهب ۽ خدا نه پڇو

عاصي چواڻي کيس پنجن پٽن کانپوءِ ڌي ڄائي ته هو ڏاڍو خوش ٿيو. سو چيائين ته اهڙو نالو رکانس جيڪو منهنجي سوچ جي عڪاسي به ڪري ۽ مذهبي مائٽن کي به هضم ٿي وڃي ته نالو رکيائين ”جنت سنڌ“

عاصي روزگار سانگي ڪراچي ۾ ڇڙو رهندو آهي (عوامي آواز ۾ ڪم ڪندو آهي.) جڏهن به ڳوٺ ويندو آهي ته سڀ کان وڌيڪ خوش سندس ڌي ٿيندي آهي. سندس آجيان ۾ نعرا هڻندي آهي. جيئي سنڌ

پر عاصي جي گهر ۾ سنڌي نه پنجابي ڳالهائي ويندي آهي هاڻ اوهان فيصلو ڪيو ته عاصي سنڌي آهي يا نه.

عاصي لاءِ نه، هن کي ڪنهن سند سرٽيفڪيٽ جي گهرج ڪانهي (هو سنڌي ڳالهائيندڙ گهرن ۾ ڄايل اسان سنڌين  کان وڌيڪ سنڌي آهي، ڇاڪاڻ ته اسان ته ڄم جي حادثي جي ڪري سنڌي آهيون. ۽ هن سنڌيت جي چونڊ ڪئي آهي، پنهنجي برادري ۾ هنجي قيمت به ادا ڪندو هوندو. جديد سنڌي قوم جي جوڙجڪ، تشڪيل ڪهڙن عناصر سان ٿئي ٿي، اهو ڏسڻ لاءِ، قومپرستي ۽ نسل پرستي ۾ تميز  پيدا ڪرڻ لاءِ، اڻ پڙهيل دانشورن/ٻٽاڪي سياسي ڪارڪنن جي ڳالهين کي ته ظاهر  آهي اسان ٻڌي اڻ ٻڌو ڪري  ڇڏيون ٿا. منهنجيون وايون ان مهل بتال ٿي ويون جڏهن مون نيوز ميگزين ”افيئر“ ۾ ارشاد ميمڻ جو هڪ ڪالم پڙهيو جنهن ۾ هن لکيو ته قوم هڪڙي ئي نسل جي ماڻهن  جو مجموعو آهي تنهنڪري هو بلوچن ۽ گهرن ۾ سنڌي نه ڳالهائيندڙ ٻين برادرين کي ”سنڌيت جي دائري“ مان خارج ٿو ڪري.

اهڙي ڪا هڪ قوم آهي دنيا ۾ جيڪا هڪ ئي نسل جي ماڻهن تي ٻڌل هجي ڇاڪاڻ ته يهوديت تبليغي  مذهب ناهي ان ڪري اسرائيلي ان ڳالهه تي ناز  ڪندا آهن ته هو دنيا جي واحد ”نج قوم“ آهن، پر اندر ئي اندر ۾، ٻاهر ٻاڦ ناهن ڪڍندا. ٿي سگهي ٿو دنيا کان ڪٽيل ڪنهن ڏورانهين سامونڊي ٻيٽ تي ڪجهه هزار ماڻهو رهندا هجن جيڪي نسلي طور غير آلودهه قوم هجن باقي دنيا جي هر قوم مختلف نسل جي ماڻهن جو مجموعو آهي.

سنڌي قوم به ۽ اها diversity سنڌي قوم جي سونهه  به آهي ۽ سگهه به. دراوڙن کان عربن تائين، بلوچن کان پٺاڻن تائين، مختلف نسل ضم آهن سنڌي قوم ۾.

ٻئي پاسي سنڌ هڪ لساني نه پر گهڻ لساني قوم آهي. سنڌي ٻولي جي قومي ٻولي هئڻ تي ڪو به سمجهوتو نه ڪبو. پر سرائيڪي، ٻروچڪي، ڍاٽڪي، گجراتي ۽ اردو ٻوليون به سنڌ جون پنهنجيون ٻوليون آهن. پرايون ناهن. انهن ٻوليون ڳالهائيندڙن جون ثقافتون سنڌي ثقافت جون ذيلي ثقافتون Sub-cultures آهن.

پوءِ اسان ڪائنرن ۽ خائنن جي ڪوڙن دهمانن ۾ اچي پنهنجي ملوڪ ماڻهن کي اهو ڇو پيا چئون ته هو پنهنجين امڙين بابت ڪوڙ ڳالهائين بلڪه لکن. منهنجو اشارو آدم شماري جي حوالي سان هلندڙ هن مهم ڏانهن آهي ته سنڌ ۾ رهندڙ هر ماڻهو مادري ٻولي جي خاني ۾ سنڌي لکي.

عاصي ته اهم ڪم خوشيءَ سان ڪندو. مٽن مائٽن کي به چوندو. بدين، ميرپورخاص، نوابشاهه،حيدرآباد، ٿر، سکر ۽ گهوٽڪي ۾ رهندڙ اهي پنجابي سنڌي به ڪندا جيڪي سياسي لحاظ کان Clear آهن. جيڪي هن پنجابي جوڌي جا وارث آهن جنهن سائين جي ايم سيد ڏانهن ايندڙ گولين کي پنهنجي سيني تي جهٽي سنڌ تي سر قربان ڪيو هو. پريان لوءِ جي هن رحمان مغل جا وارث جنهن سرمد سنڌي بڻجي 80 واري ڏهاڪي ۾ قومپرستي کي اڀارڻ ۾ مکيه ڪردار ادا ڪيو.سائين جي ايم سيد جي ڪتابن ۽ شيخ اياز جي شاعري اوترا قومپرست ناهن پيدا ڪيا جيترا هن ٻيجل جي صدا ڪيا آهن.

پر عاصي جي برادري جي اڪثريت شايد اها ڳالهه قبول نه ڪري، لياري جو بلوچ ڇو اهو ڪوڙ هڻي ته سندس ماءُ گهگهو ناهي پائيندي، ورهاڱي کان اڳ کان وٺي لياري، ملير ۽ ڪراچي جي ڪنڊ ڪڙڇ جا بلوچ سياسي طور سنڌين سان سلهاڙيل رهيا آهن. سنڌي ڪانگريس ۾ هئا ته هو به ڪانگريس ۾ هئا. سنڌي مسلم ليگ ۾ آيا ته هنن به جهنڊو مٽائي ڇڏيو. ذوالفقار علي ڀٽو پيپلز پارٽي جو پرچم بلند ڪيو ته هو سندس ڪاروان جي پهرين صف ۾ شامل ٿيا. بلوچي جي سرموڙ ڳائڻي ۽ موسيقار استاد شفيع بلوچ ”جيئي ڀٽو، جيئي ڀٽو، سدائين جيئي“ تخليق ڪري تاريخ رقم ڪئي. اهو پاڪستان جو پهريون مقبول سياسي ترانو هو. 1988 جي چونڊ دوران لياري پي پي کي ”دلا تير بجان“ ڏنو، جيڪو گذريل اليڪشن ۾ به پارٽي جو سڀ کان وڏو منتر هو. اهو گيت بلوچي جي عوامي شاعر حضرت شاهه جو لکيل آهي. جنهن بلوچي ۾ ڪو هياري لکي ۽ واهه جي لکي. بلوچي ٻولي جي ٻولي کي به ”ڏ-ڏيڏر“ ڏئي ويو.

” منت مداري مني جيڏلان، من بي روان وطنا وتي“

”دلا تير بجان“ جي ڌن ٺاهيندڙ ۽ ان کي موسيقي ڏيندڙ آهي ظهور خان زيبي. ميوه شاهه جي خاندان جيان لياري ۾ ورهاڱي کان اچي آباد ٿيندڙ هڪ افغان ڪٽنب جو ڄايو. وهه جو ڪم ڪيائين. وهه جو fusion آهي. ڌن سنڌي لوڪ گيت ”ڍڳو پير پيران“ جي. موسيقي بلوچي. دهل افريقي، (اها آهي سنڌ)

ڀٽو صاحب جي ڦاهي تي بنگل ديرو ٻري اٿيو ته لياري ۾ به وڏو لڙ ٿيو. ملير ۾ به ممڻ مچي ويو. ملير جي ناصر بلوچ ۽ لياري جي اياز سمون ڪراچي سينٽرل جيل ۾ ڪڏندي ڳائيندي، کلندي کلائيندي، نعرا هڻندي، ڦاهي جي ڦندي کي چمي ڏئي اکين تي رکي، وڏي خوشيءَ ناز سان، پنهنجي گردن ۾ پاتو ته جلاد رجاهٿ لڏي ويا، ضياءُ الحق جي ننڊ ڦٽي وئي. جيئي ڀٽو. 1983جي جمهوريت جي بحالي جي تحريڪ ۾ لياري ۽ ملير دادو، ميهڙ، خيرپور ناٿن شاهه ۽ ڳوٺ قيصر خان چانڊيو سان گڏ بيٺا هئا. ٽن مهينن تائين جنگ جوٽي رکيائون آمريت سان، جيئي ڀٽو.

ڀٽو صاحب ٽن تڪن تان چونڊ وڙهندو هو. لاڙڪاڻو، ٺٽو ۽ لياري مان، بينظير صاحبه به اها روايت برقرار رکي. 88 واري اليڪشن ۾ کيس سڀ کان وڌيڪ ووٽ لياري مان مليا. گهڻو ڪري 93 هزار. جيئي ڀٽو. اهو سلسلو بعد ۾ به جاري رهيو. موٽ ۾ محترمه پنهنجي بابي جيان، جنهن لياري ڊگري سائنس ڪاليج قائم ڪيو، لياري جنرل اسپتال ته ٺهرائي پر نوڪرين جي حوالي سان بي بي جي پي پي لياري، ملير ۽ ڪراچي جي ٻين قديمي علائقن جي رهواسين کي سندن حق ڏيڻ ۾ ناڪام وئي. ويتر هن حق تي ڌاڙا هنيا ويا. جيڪي نوڪريون کين ملڻ گهربيون هيون، اهي اترادي کائي ويا.

نتيجي طور مقامي پارٽي ڪارڪنن ۾ هن احساس جنم ورتو ته ڪٿي پي پي ڪراچي جي قديم رهواسين کي فقط استعمال ٿي ڪري. وقت ۽ حڪومتون گذرڻ سان اها سوچ سگهاري ٿيندي وئي. زرداري صاحب جي صدارت جي دور ۾ اچو. ايم ڪيو ايم جي بلائن کي منهن ڏيڻ لاءِ گينگ وار جي ڪارندن کي استعمال ڪيو ويو. پر جڏهن ڪم لٿو ته ڊکڻ وسري ويو. ۽ اهڙيو وسري ويو جو ”يارن“ کي خوش ڪرڻ لاءِ لياري ۾ آپريشن ڪيو ويو. کيس ڪربلا بڻايو ويو. ٽن ڏينهن تائين نه بجلي نه پاڻي. رڳو بارود جي بوءِ. گولين جا ٺڪاءَ . چوڌري اسلم جا داٻا،

ڦر ڀي هم سي يه گله هي ڪه وفادار نهين

هم وفادار نهين تو ڀي تو دلدار نهين

جذباتي ٿي ويم. ڇا ڪيان؟ لياري جا سور جو سامهون اچي ويا. لياري پنهنجي جنم ڀومي آهي. مٽي منهنجي لاڙڪاڻي جي آهي. مون کي بلوچن سان بلوچي ۾ ڳالهائيندڙ ڏسڻ دوران مون ڪيترن ئي سنڌي دوستن جي اکين ۾ ناپسنديدگي جي لهر ڏٺي آهي. کين منهنجي ”سنڌيت تي شڪ ٿيڻ لڳندو آهي. جيڪي حجائتا آهن، اهي ته چئي ڏيندا آهن، ”واهه جو ڊبل ڪراس آهين.“

ها يار اهو ته آهيان، بلڪه ٽرپل ڪراس کان به وڌيڪ آهيان پنجابين سان پنجابي ڪندو آهيان، پٺاڻن سان پشتو، هاڻي ڏيو منهن.

ته پيارا ! هي جيڪا مهم هلي پئي ماڻهن کي قائل ڪرڻ جي ته مادري ٻولي جي نالي ۾ سنڌي لکرايو، اول ته اها پنهنجو ٽارگيٽ حاصل ڪري ئي نه سگهندي. اوهان اهو پيغام هن مامري سان لاڳاپيل هر ماڻهو تائين پهچائي ڪو نه ٿا سگهو. جي ڪري به وڃو ته هر هڪ کي قائل نه ٿا ڪري سگهو. فطرت جي خلاف ڪا به ڳالهه قبوليت نه ٿي ماڻي سگهي. ابتدا اها exercise ڪري اوهان ڪجهه ماڻهن کي پاڻ ڌڪي دور ڪري ڇڏيندو.

۽ اهو عمل سنڌي قومپرست سياست سدائين ڪندي آئي آهي. اها سياسي ڌارا جديد سنڌي قوم جي جوڙجڪ کان واقف ئي ڪونهي. نسل پرستي جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهي.

ڇا اهو بهتر نه ٿيندو ته جن ڊراما بازن کان اسان ڊڄون پيا، تن کي چئون ته سنڌي جديد قوم آهي. Multi-lingual and multi-cultural .

1952 کانپوءِ هندستان مان لڏي آيل ماڻهن کان وٺي تازي غير قانوني قبضا گيرن کي ڇڏي باقي سنڌ ۾ فقط سنڌي رهن ٿا. هنن جي اڪثريت سنڌي ڳالهائي ٿي. پر هنن ۾ ننڍيون وڏيون اهڙيون ڪيئي برادريون آهن جيڪي ٻيون ٻوليون ڳالهائين ٿيون.

بس اتني سي بات هي. سيڌي سادي، سچي، سائنسي اور بين الاقوامي

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *