تازيون خبرون

هڪ ٻار تي تشدد جا تفصيل ڪهڙي تحرڪ جا تمنائو آهن؟: نسيم بخاري

ڪجهه ڏينهن کان پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي باقاعده تسلسل سان لاڙڪاڻي جي درگاهه مشوري شريف سان تعلق رکندڙ ۽ اٺين ڪلاس جي تيرهن سالا ذهين شاگرد محمد احمد حسين مشوري جون ڪيڊٽ ڪاليج ۾ تشدد واريون خبرون اچي رهيون آهن. اهو معاملو نه رڳو سنڌي ميڊيا پر اردو ميڊيا ۽ انگريزي ميڊيا جي به ڌيان جو مرڪز رهيو آهي. اهڙن خبرن اچڻ کانپوءِ اهو معاملو سنڌ ۽ پاڪستان جي سمورن والدين لاءِ ڪيتريون ئي ڳڻتيون کڻي آيو آهي. ان ڪري اهو واقعو فقط الزام هيٺ آيل ڌر ۽ متاثر ڪٽنب جو نه رهيو آهي پر اهو سڄي ڀونءِ جو معاملو بڻجي چڪو آهي. سمورن تعليمي ادارن جي لاءِ سنجيدگيءَ جا جواز پيدا ڪري ويو آهي ۽ ڪيترن ئي شاگردن جي دلين جي دانهن بڻجي اڀريو آهي. ان واقعي کانپوءِ اهو بحث تيزيءَ سان وڌي ويو آهي ته علمي درسگاهن ۾ ٻار جي مار ان جي سَنوار آهي يا سندس لاءِ هاڃو آهي.

ٻار کي مار سنواري ٿي يا بگاڙي ٿي؟ اها فائدي ۾ آهي يا نقصان ۾؟ اهي اهڙا موضوع آهن، جن تي سڌريل، ترقي يافته ۽ خوشحال رياستن ۾ سوين سال اڳ انتهائي سنجيدگيءَ سان سوچ ويچار کانپوءِ ڏاڍا زبردست نتيجا نروار ٿيا هئا، جن جي روشنيءَ ۾ اهڙيون عاليشان حڪمت عمليون جڙيون هيون جو اڃا تائين ته هن کي اتان انيڪ واٽون ۽ ڏس ملن ٿا پر اسان جي پاڪستان ۽ سنڌ ۾ اڄ به مدي خارج نصاب پڙهايو وڃي ٿو ۽ ٻار کي سڌارڻ وارا طور طريقا به صديون اڳ وارا ۽ انتهائي هاڃيڪار آهن. دنيا چنڊ کان به اڳتي الائي ڪيتريون ڪهڪشائون لتاڙي آئي آهي. اسان اڃان تائين ”واهه ڙي تارا گول تارا“ وارين ڳالهين ۾ پورا آهيون.

لاڙڪاڻي جي ڪيڊٽ ڪاليج جي ذهين شاگرد تي تشدد وارين خبرن جو تيز رفتاري ۽ تسلسل سان پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي اچڻ کانپوءِ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ ڪيڊٽ ڪاليج جي بورڊ آف گورنرز جي چيئرمين جي او سي پنوعاقل پاران ڌار ڌار جوڙيل جاچ ڪاميٽين پنهنجو ڪم شروع ڪري ڏنو آهي، پر اهي ڪهڙو نتيجو ڏينديون، ان بابت اڃا ڪجهه ڏينهن جو انتظار باقي آهي.

جڏهن ڪنهن تي ڪو بهتان لڳي ٿو يا ڪا الزامي آڱر کڄي ٿي ته اهو شڪ جي دائري ۾ اچي ٿو وڃي ۽ جيڪو شڪ جي دائري ۾ اچي ٿو، تنهن کي مڪمل ڇنڊڇاڻ تائين پنهنجو پاڻ کي ڪٽهڙي ۾ بيهڻ لاءِ ۽ امڪاني سوالن جا جواب ڏيڻ لاءِ ذهني طور تي تيار رهڻ گهرجي. مون کي خبر ناهي ته الزام هيٺ آيل ڌر ان حوالي سان ذهني طور پاڻ کي تيار ڪيو آهي يا نه، پر اها افسوس جوڳي ڳالهه آهي ته جنهن جنهن تي به محمد احمد حسين تي تشدد ڪرڻ يا ان ڏوهه کي لڪائڻ ۽ دٻائڻ جا الزام لڳا آهن، تن جو وار به ونگو ڪو نه ٿيو آهي، انهن خلاف ڪا ڪارروائي ته پري جي ڳالهه آهي پر کين عارضي طور تي پنهنجي پيشيواراڻين خدمتن کان به پاسي نه ڪيو ويو آهي.

اها به ڏاڍي ڏکائيندڙ خبر آهي ته ايڏو وڏو اهم معاملو مسلسل ٽن مهينن تائين پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا کان اوجهل رهيو ۽ جڏهن منظرِ عام تي آيو ته اهڙي ڦڙتيءَ سان آيو جو دنيا جون دليون ڏڪائي ويو. ڇو ته اهو معاملو هڪ گهر ۽ ڪٽنب جو ناهي، اهو سڄي سنسار جو آهي. هر پاڙي، گهر ۽ هر علائقي جا سوين هزارين ٻار، اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ وڃن ٿا، اتي انهن سان جيڪي ويل ٿين ٿا، اهي ڪلور، اهي ڪيس ۽ اهي جٺيون جيڪڏهن ترتيبوار تحقيقي انداز سان ميڊيا رپورٽ ڪرڻ لڳي ته والدين جو ٻارن کي تعليمي ادارن ڏانهن موڪلڻ تان ارواهه ئي کڄي ويندو. کوڙ سارا اهڙا معاملا آهن، جيڪي رپورٽ ئي نه ٿا ٿين ۽ اڪثر اهڙا واقعا جيڪي مصلحت ۽ مجبوريءَ جي ڪري اظهاريا ئي نه ٿا وڃن.

ان ڪري محمد احمد حسين مشوري واري معاملي سوين هزارين والدين ۽ شاگردن توڙي شاگردياڻين جي پراڻن ڦٽن کي وري تازو ڪري ڇڏيو آهي. ڇو ته انهن کي پنهنجا پنهنجا تلخ تجربا ياد آيا آهن ۽ جيڪو جيڪو به تعليمي تشدد جو شڪار ٿيو آهي يا ڪهڙي به حوالي سان متاثر ٿيو آهي، اڄ ان هڪ دفعو ٻيهر پنهنجون ساروڻيون ساريون آهن ۽ محمد احمد حسين مشوريءَ سان همدرديءَ طور ٻٽ بڻجي بيٺو آهي. ان ڪري اهو نه وسارڻ گهرجي ته، هي معاملو هاڻ سڄي سماج جو آهي ۽ پوري سول سوسائٽي جو آهي.

پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا يا سوشل ميڊيا تي ان جون سموريون سچايون سامهون اچڻ گهرجن ته جيئن ڪنهن کي به ڪنهن سان شرمناڪ انياءَ جي جرئت نه ٿئي. محمد احمد حسين مشوريءَ لاءِ ٻڌايو پيو وڃي ته هو جڏهن ستين ڪلاس ۾ هيو ته امتحان ۾ 75 سيڪڙو مارڪون کنيون هئائين. هن جون اهي مارڪون سندس محنت جون ساکي آهن. پيءُ ماءُ کيس جڏهن ڪيڊٽ ڪاليج موڪليو هوندو ته هنن جي روشن مستقبل جا سوين ارمان سانڍي اماڻيو هوندو، هنن جي اکين انيڪ خواب ڏٺا هوندا. اهي خواب جيڪو هر پيءُ ماءُ پنهنجي ٻچن جي روشن مستقبل جي لاءِ ڏسندو آهي.

مان جڏهن اهو پڙهان ٿو ته تشدد جو شڪار معصوم نينگر جو والد مولانا محمد راشد حسين مشوري گذريل ٽن مهينن کان ڪراچيءَ جي گزريءَ واري علائقي ۾ مسواڙ جو گهر وٺي ٻچڙي جي علاج لاءِ ترسيل آهي ته لڱ ڪانڊارجي وڃن ٿا. اوهان پنهنجي دل تي هٿ رکي اهو اندازو لڳائي سگهو ٿا ته تشدد جي شڪار ٻارڙي جا گهر ڀاتي ڪهڙين ڪيفيتن مان گذرندا هوندا. سندن ڏينهن ۽ راتيون ڪهڙين تڪليفن وارا اطلاع کڻي ايندا هوندا ۽ وقت جي ڪريل وڄ هنن کان ڪيڏا نه واڪا ڪرائيندي هوندي. اهي واڪا اڄ ميڊيا جي معرفت ايوانن تائين پهتا آهن، اقتداري ماڻهن ان معاملي جو نوٽيس ورتو آهي پر رڳو نوٽيس ڪافي ناهي، رڳو جاچ ڪاميٽيون ڪافي ناهن، اها صورتحال هڪ سنجيده قسم جي حڪمت عملين جي تقاضائو آهي. اهي حڪمت عمليون جيڪي سنڌ جي تعليمي ادارن جو سينگار بڻجي سگهن، جتان سنورجڻ جو واءُ سواءُ ملندو هجي ۽ جن جي ساک جي هاڪ هر هنڌ پڄندي هجي.

ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي جي شاگرد تي ٿيل تشدد فقط هڪڙي اداري جي ساک کي سواليه ناهي بڻايو پر ان سمورن تعليمي ادارن جي اندر ٿيندڙ هر قسم جي چرپر ۽ سرگرمين کي به شڪ جي دائري ۾ آڻي ڇڏيو آهي. محمد احمد حسين مشوريءَ واري مامري جي منظر عام تي اچڻ کانپوءِ هاڻ هر ڪو مٽ مائٽ پنهنجن ٻچڙن جو واءُ سواءُ وٺڻ لڳو آهي. هر تعليمي ادارو هاڻ عوامي ڌيان جو مرڪز بڻيو آهي ۽ انهن ادارن جا سنڀاليندڙ پڻ سڪتي ۾ اچي ويا آهن. ڪي ته ننڊ ۾ به ڇرڪ ڀري رهيا آهن ته ڪهڙي خبر ته ڪنهن ايندڙ پل ۾ انهن جي اداري جي ساک پت سواليه نه بڻجي وڃي!؟ انهن کي اهو الڪو ورائي ويو آهي ۽ ان الڪي جي نتيجي ۾ هنن سختيءَ سان پنهنجي استادن ۽ ٻئي تعليمي اسٽاف کي نه رڳو ذاتي طور تي هدايتون ڏيڻ شروع ڪري ڏنيون آهن پر خصوصي طور تي فقط هڪڙي ان معاملي جي حوالي سان گڏجاڻيون به ڪيون آهن، جنهن کانپوءِ نه رڳو استاد ۽ اسڪولي عملو پر هر ڪا ڌر پنهنجي پنهنجي جاءِ تي انتهائي محتاط ٿي وئي آهي. سچ به اهو آهي ته اهو احتياط ئي وقت جي اهم ضرورت آهي.

محمد احمد حسين مشوري وارو معاملو جاچ ڪاميٽين جي رپورٽ ۾ ڪهڙيون به ثابتيون سامهون آڻي پر هڪڙي ڳالهه طئي آهي ته ان نينگر جو جنهن گهراڻي ۽ درگاهه سان تعلق آهي، اهو سڄي سنڌ لاءِ فيض ۽ فڪر جو گهراڻو رهيو آهي، اتي ماڻهو دنيا جا انيڪ درد کڻي پهچندا آهن ۽ درگاهه تي پهچڻ کانپوءِ پنهنجو پاڻ کي دردن کان آجو ڀائيندا آهن. اتان جيڪو سڪون وٺي ويندا آهن اهو هنن کي ورهين تائين ياد رهندو آهي. ان ڪري اهو ٿي نه ٿو سگهي ته شاگرد تي تشدد واري معاملي کي ميڊيا ۾ ڪنهن کي تنگ ڪرڻ يا بليڪ ميل ڪرڻ لاءِ آندو يو هجي ۽ اهو به واضح آهي ته اهو معاملو اڀارڻ يا اٿارڻ جي پويان ڪنهن ڏنڊ چٽي ڀرائڻ وارو تصور نه پر پنهنجي ٻچڙن سميت پوري ڀونءِ جي ٻارڙن جي محفوظ مستقبل وارو خيال سمايل آهي پر حيرت جهڙي ڳالهه اها آهي ته اهو عوامي اشو ۽ هاءِ پروفائيل بڻجي ويل ڪيس عدالتي پاڻ مرادي نوٽيس واري مڃتا نه ماڻي سگهيو آهي. جڏهن ته مٿي ذڪر ڪيل ٻن جاچ ڪاميٽين جي جڙڻ کان به وڌيڪ اهميت پاڻمرادو عدالتي نوٽيس جي آهي. ڇو ته ان سان جيڪو فائدو جڳ جو ٿئي ٿو، اهو لازوال هجي ٿو. عدالتون عوامي اشوز تي جيڪا جرح ڪن ٿيون، اعليٰ انتظاميا ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏينديون آهن. اهڙين ٻڌڻين دوران جيڪي ججز جا رمارڪس سامهون ايندا آهن سي به وڏي سچائي ۽ سبق سانڍيندا آهن. اها الڳ ڳالهه آهي ته هنن مان عبرت گهٽ ئي حاصل ڪئي ويندي آهي. هن معاملي بابت اڃا تائين ڪنهن باضابطا طور تي عدالت جو در به نه کڙڪايو آهي، جيڪڏهن اهو معاملو پوري تياري ۽ سنجيدگيءَ سان عدليه ۾ آندو وڃي ته اهو هزارين ۽ لکين ٻارڙن جي محفوظ مستقبل جي ضمانت ڏياري سگهي ٿو.

بنيادي ڳالهه تعليمي ادارن مان ذهني مريض استادن ۽ عملي مان جند ڇڏائڻ جي آهي. ٻارن تي تشدد جي حوالي سان جيڪي ماڻهو انسانيت جا سمورا ليڪا لتاڙن ٿا. اهي خود ڌيان طلب آهن، نه رڳو ڌيان طلب آهن پر انهن جي بهترين علاج جي به ضرورت آهي. اهي ماڻهو جيڪي احساسِ محروميءَ جا ماريل آهن، جن کي استاد ٿيڻ جو شوق صرف ان ڪري هوندو آهي ته ننڍپڻ ۾ مليل مار جو پلاند پاڙڻ لاءِ استاد ٿجي، انهن کي خود اهڙن استادن جي تربيت جي ضرورت هوندي آهي، جيڪي سندن هڪ هڪ چرپر ۽ عمل جي روشنيءَ ۾ رهنما ثابت ٿين. اسان وٽ بدقسمتي اها آهي ته استادن جي ڀرتين واري معاملي ۾ يا تعليمي اسٽاف جي تقرري واري معاملي ۾ تمام گهڻي لاپرواهي ۽ بي پرواهي ڪئي ويندي آهي. اهو ڏٺو ۽ جاچيو ئي نه ويندو آهي ته جنهن ماڻهوءَ کي جهڙي ذميواري ڏني پئي وڃي، ڇا اهو ماڻهو ان کي پوري ر يت نڀائڻ جي لائق آهي يا نه!

سنڌ سرڪار کي گهرجي ته سمورن تعليمي ادارن جي ملازمن جي جائزي ۽ نفسياتي توڙي علمي ۽ ذهني سطح جي پرک لاءِ ڪي بنيادي قدم کڻي ۽ جيڪي ماڻهو گهربل معيار تي پورا نه لهن، انهن کي گولڊ هينڊ شيڪ ڏئي گهر موڪلي. سنڌ سرڪار سمورن تعليمي ادارن جي حوالي سان پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ اشتهارن ذريعي آگاهي جي مهم به شروع ڪري سگهي ٿي. انهن اشتهارن ۾ تعليمي ادارن جي تقدس ۽ ان سان ٿيندڙ ويڌن يا ان کي پهچندڙ ڪنهن به هاڃي ۽ امڪاني خطرن بابت ڪي انعامي سلسلا به شروع ڪري سگهجن ٿا. اطلاع ڏيندڙ جو نالو ڳجهو رکڻ جي ضمانت سان گڏوگڏ سامهون آيل سچاين کي به چٽيءَ ريت دنيا جهان آڏو آڻڻ جا اهتمام ڪيا وڃن ته جيئن ڪنهن به اداري ۾ ڪا به ڏاڍائي ۽ بدمعاشي نه ٿي سگهي.

ڇو ته اهي بدمعاشيون ۽ ڏاڍايون اسان وٽ ڦٻي وينديون آهن، ان ڪري انهن مان ڇوٽڪارو اڄ تائين هڪ خواب بڻيل آهي. تعليمي ادارن ۾ رڳو ڪلاس هلڻ وارا معاملا ئي نه پر اهو ڏسڻ ۽ جاچڻ جي به ضرورت آهي ته اتان جي ڪينٽين ۾ ڇا ٿو ٿئي. هاسٽلن جو واءُ سواءُ ڪهڙو آهي، ٽرانسپورٽ جو سسٽم ڪيئن آهي، سيڪيورٽي جا انتظام ڪيئن آهن، تعليمي ادارن جي چؤديوارين اندر ڇا ۽ ڪهڙيون غلط ڪاريون ٿي رهيون آهن؟ ڪير آهي جيڪو منشيات کي ڳجهه ڳوهه ۾ پکيڙي رهيو آهي؟ ڪير آهي جيڪو ٻارن جي معصوميت جو فائدو وٺي رهيو آهي؟ ڪير آهي جيڪو ٻارن کي لالچائي غلط ڪارين واريون غليظ گهٽيون گهمائڻ جي چڪرن ۾ آهي. ٿيڻ لاءِ گهڻو ڪجهه ٿي سگهي ٿو، جيڪو بدقسمتيءَ سان اڄ ڏينهن تائين نه ٿي سگهيو آهي، جيڪو شايد احمد محمد مشوري واري معاملي کانپوءِ حقيقي بڻجي پوي. ڪاش ائين ٿي سگهي.

naseembukhari44@gmail.com

 

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *