تازيون خبرون

هڪ نئين جهان جي اُميد ؛ جئه پرڪاش موراڻي

عوام جي نالي ۾ ”قائد عوام“ جي جوڙيل پارٽي هاڻي عوامي آهي به يا نه؟ اهو اڄ جي سياسي نصاب جو سڀ کان وڌيڪ مارڪن وارو ۽ لازمي سوال آهي. ملڪ جي سياسي اُفق تي جيڪي سياسي تارا ٽمٽمائيندا رهيا آهن، انهن ۾ سڀ کان وڌيڪ روشن ستارن جي اڪثريت انهيءَ عوامي پارٽي جي همسفر رهي. اڄ به اليڪشن ۾ سيٽن جي لحاظ کان ٻئي نمبر تي اچڻ بعد هن پارٽيءَ سان اڃا تائين ماڻهن جي اُميدن جو سڳو ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾ سلهاڙيل آهي. سنڌ سان سنڌ راڻي جي پارٽي جي سڱ جي ڳالهه ئي نه ڪريو پر ٻين صوبن ۾ به ظاهري طور تي ”ختم شد“ ٿي ويل هِن پارٽيءَ جون پاڙون اڃا به ڪٿي ڪٿي غريبن جي دلين ۾ سندن دعائن جي ريج سان سايون آهن ۽ ڪنهن وقت به گونچ ڪڍي اهي نوان سلا اُڀاري سگهن ٿيون، جن کي وڌي وڻ ٿيڻ ۾ ويرم ئي نه لڳندي. اُميدن تي دنيا قائم هوندي آهي پر انهن کي قائم رکڻ لاءِ رڳو سکڻن نعرن، جيئي جيئي جي ورجاءُ ۽ ٺلهن دلاسن ۾ ڪم هلڻ واري رُت ڪڏهوڪي گذري ويئي. هاڻي جيڪڏهن ڪم هلندو ته به ڪارڪردگيءَ سان.

شهيد ڀُٽي کانپوءِ ماڻهن سوچيو هو ته بينظير جا حوصلا ڇڄي پوندا، ڪارڪن ۽ گڙنگ اڳوڻ سندس ڪنٽرول ۾ نه رهندا ۽ پيپلز پارٽي وکري ويندي، رهندو نانءُ الله جو. پر اهڙو ڪجهه به نه ٿيو. شهيد ڀُٽي جي سياسي سُتي شهيد راڻيءَ جي رڳن ۾ رت سان گڏ پئي ڊوڙي، اُن ڪري هن ناتوان نياڻي نه رڳو پيءُ جي وڇوڙي کي برداشت ڪيو پر پاڻ ۽ پنهنجي جيءُ جهُريل امڙ سان گڏ پارٽيءَ کي به سنڀاليو.

ان سانحي کان 20 سال پوءِ پارٽي وري به جڏهن وڏي ڇانوَ وارو وڻ بڻي، ته وري به ان جي وجود تي وار ٿيو ۽ بينظير ڀٽو لياقت باغ ۾ امرتا ماڻي شهيد راڻيءَ جو مرتبو ماڻيو. اهو وار ملڪ جي جمهوريت تي به وار هو پر پوءِ ان وقت اهو ڪريڊٽ ضرور آصف زرداري ڏانهن ويندو ته هن پارٽي ۽ ملڪ کي ان ڌُٻڻ مان ڪڍيو. آصف زرداري پارٽي کي ته سنڀاليو، حڪومت به ٺاهي ان کي 5 سال هلايو به پر ان هوندي سندس حڪومتي طور طريقن ۽ مفاهمت واري سياست سوين سوال ۽ مڻين مونجهارا پيدا ڪيا. وزيرن، اميرن ۽ پارٽي عهديدارن ڏانهن آڱريون کنيون ويون. اقربا پروري، پنهنجا نوازي، ڪميشن خوري جا ڪئين الزام پارٽي جي مک اڳواڻن تي لڳا. ڪن وضاحتون ڪيون، ڪن نه، ڪن جون وضاحتون مڃيون به ويون، ڪن ته سڀ ڪجهه کائي اوڳرائي ئي نه ڏني، ڪڇڻ ته پري جي ڳالهه رهي. پنج سال پورا ڪرڻ واري رڪارڊ سان گڏ پيپلزپارٽي جي اها حڪومت انيڪ رڪارڊ اهڙا جوڙي وئي جن بابت ايترو ئي چوڻ ڪافي ٿيندو ته ”بدنام ٿياسين ته ڇا ٿيو نالو ته ٿيو.“

پر چوندا آهن ته ”اهڙو سون ئي گهوريو، جيڪو ڪن ڇني.“ اڳ ماڻهو چوندا هئا ۽ مخالف چوندا هئا، هاڻي اڳواڻ پاڻ ٿا چون ته ماضي ۾ غلط ٿيو. سنڌ ۾ ڏوڪڙ وٺي نوڪريون ڏنيون ويون، ڪيترن ئي ملازمن جا پگهار روڪيا ويا آهن، ماسترن کي ٻيهر ٽيسٽ ڏيڻ لاءِ چيو پيو وڃي. اڳواڻ هڪ ٻئي تي الزام تراشي پيا ڪن، پنجاب جا ڪيترائي ”ڪُٽي کائو مجنا“ به سڻڀو گرهه نه ملڻ تي پارٽي ڇڏڻ جا سانباها پيا ڪن، ٻيو ته گهوريو پر عمران خان پڻ هاڻي سنڌ فتح ڪرڻ جا اعلان پيو ڪري. انهيءَ صورتحال کي ڏسي بلاول ڀُٽي پاڻ پارٽيءَ جون واڳون سڌيءَ ريت پنهنجي هٿ رکڻ جا سانڀاها ڪيا آهن. اعلان ٿيو آهي ته 18 هين آڪٽوبر تي هُو ڪارساز واري هنڌ، جتي شهيد راڻيءَ جي قافلي تي آپگهاتي حملو ٿيو هو، اتان ئي ساڳئي گاڏي ذريعي ريلي ڪڍي، مزارِ قائد تي جلسي کي خطاب ڪري پنهنجي باقاعده سياسي سفر جي شروعات ڪندو. ان کان اڳ ۾ هُن پارٽي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن کان اڳ ۾ ڪيل غلطين جي معافي طلب ڪئي آهي.

پنهنجي ڪنهن غلطي بدران ٻين جي ڪيل ڪرتوتن جي معافي وٺڻ سان بلاول ڀُٽي جي سياسي قد ۾ اضافو ٿي ويو آهي. معافي جي ڳالهه ڀلي پر رڳو معافي تلافيءَ تي قصو ختم نه ٿيڻ گهرجي. آصف زرداري مختلف سياسي پارٽين سان مفاهمت ڪري اقتدار جا 5 سال پورا ڪرڻ جو رڪارڊ قائم ڪيو، ان تي هو جسُ لهڻي پر بلاول کي پارٽي جي اصل اثاثي يعني ڪارڪنن ۽ ملڪ جي اصل اثاثي يعني عوام سان مفاهمت ڪرڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته رڳو اقتدار ۾ رهڻ ئي ضروري ناهي هوندو، هڪ سياسي پارٽي جي لاءِ سڀ کان وڌيڪ عوام جي دلين ۾ زنده رهڻ ئي اهم هوندو آهي. اقتدار ته اچڻي وڃڻي شيءِ آهي. پياري پاڪستان ۾ ته ڪرسي تي هوندي به ماڻهو اقتدار ۾ ناهن هوندا. اهو آئون نه پر سمورا اقتدار جا مزا ماڻيندڙ سياستدان مختلف وقتن تي چوندا رهندا آهن. اهو ئي شهيد راڻيءَ به چيو ۽ ٻين دؤرن ۾ اسان اکين سان ڏٺو به.

سنڌ جيڪو پاڪستان پيپلزپارٽي جو ڳڙهه ۽ هاڻي ان جي اڪيلي اڪثريتي صوبي جي حيثيت رکي ٿي، ان ۾ عوام سان ڇا ٿي رهيو آهي؟ نه امن آهي نه امان، ڪو ڏينهن خالي ناهي، جڏهن ڪٿان ڪو اغوا نه ٿو ٿئي ۽ ڪٿي ڪو قتل نٿو ٿئي. حيدرآباد جي ڪا گهٽي، ڪو پاڙو، ڪا شام ڪا رات محفوظ ناهي. ڪو ماڻهو ٻه پئسا کڻي يا ڪو سٺو موبائيل کڻي نڪتو ناهي ڦورو پهتا ناهن. وچ شهر مان ماڻهن جي رش ۾ ماڻهو ڦرجي وڃن، مارجيو وڃن، ڪو پڇڻ وارو ناهي، ڪا داد فرياد ناهي. ساڳي حالت ٻين شهرن جي آهي. منشيات فروشن کي علائقا ورهائي ڏنا ويا آهن، ڪجهه شراب سبب 30 کان وڌيڪ انسان ته هن ئي هفتي پنهنجي حياتي وڃائي ويٺا آهن. پوليس پنهنجو پيٽ ۽ ڪامورن جا ڀڀ ڀرڻ ۾ پوري آهي. ڪير پڇڻ آکڻ وارو ئي ناهي. ٻهراڙين کي ڏسو، روڊ کنڊر لڳا پيا آهن، ٺيڪا ٿين ٿا، پئسا نڪرن ٿا، ڪاغذن جا پيٽ ڀرجن ٿا ۽ سياستدانن جا کيسا. اڌوراڻيون اسڪيمون اوهان کي انتظامي نااهل ۽ سياسي نابالغي جا چٽا ثبوت ڏيڻ لاءِ هر ڳوٺ، هر شهر، هر واهڻ ۽ هر وستي ۾ هزارن جي تعداد ۾ هڪيون حاضر هونديون، پاڻ وڃي مشاهدو ڪريو. نوڪريون هڪڙيون ملن ڪونه ۽ جيڪي ايڪڙ ٻيڪڙ ملن ته انهن جو مُلهه مهانگو، لکن کان گهٽ ڪا ٻولي نٿي لڳي، لک ڏيئي جيڪو پروانو ملي ٿو، اهو به ڪا پڪ ناهي، خبر ناهي ته ڪجهه مهينن کانپوءِ لک وٺندڙ وڃي سکيا ٿيندا ۽ ان نوڪريءَ کي انهيءَ پارٽي جا ٻيا اڳواڻ غير قانوني چئي وري ڪنهن ٻئي ٻولي لاءِ پيش ڪندا ته ڇا ٿيندو؟

چونڊيل نمائندن پنهنجي تڪن کان منهن موڙي ۽ عوام کان ناتو ٽوڙي ڇڏيو آهي. انهن جي جيڪا علامتي آمد پنهنجي حويلي/بنگلي يا فارم هائوس تي ٿيندي آهي، اتي ساڻن ملڻ انتهائي محال هوندو آهي. ڪجهه جي حضوري ڪندڙ ڇاڙتا هر وقت چونڊيل نمائندن کي گهيري، انهن کي عوام ۽ ووٽرن کان پري رکڻ جو ڪم خير خوبيءَ سان سرانجام ڏيندا رهندا آهن. اها حالت هر طرف آهي ۽ ان تي بلاول ڀُٽي کي خاص ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي.

سنڌ ورهائڻ جي ڳالهه ڪندڙ ڌر هن وقت اقتدار ۾ پ پ جي ڀائيوار آهي. هن دفعي انهن جي مهم سڌي سنئين ۽ زور شور سان هلندڙ آهي. سياست ڪيتري به ڪٺور ڇو نه هجي پر ڌرتي سڀ کان اتم آهي. رڳو اسيمبلي جي ايوان ۾ سنڌ ورهائڻ خلاف ٺهراءُ پاس ڪري، نعرو هڻڻ سان سنڌ بچائي نه سگهبي. قول ۽ فعل هن وقت هر ماڻهوءَ جي آڏو وائکو آهي. پيپلزپارٽي جي سرواڻي جو تاج پنهنجي سر تي سجائيندڙ بلاول ڀُٽي کي هاڻي سياستدانن جي قول ۽ فعل ۾ ان فرق جي وڇوٽي کي گهٽائڻو پوندو. ائين ناهي ته ماڻهو پ پ کي پنهنجو ڪرڻ لاءِ تيار ناهن، پر ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پ پ هاڻي عوام کي ۽ ڪارڪنن کي پنهنجو ڪري. پنهنجي ڪارڪردگي تي ٻيهر نظر ڪري، غلطين جي ورجاءُ کان پاسو ڪري. پنجاب، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان ۾ هڪ نئين اعتماد ۽ ماڻهن سان محبت جي جذبي کي ساڻ کڻي اڳتي هلي. پراڻي قيادت اکين تي پر اُهي جن لاءِ ماڻهن سان ملڻ مهڻو هجي ۽ ڪارڪن جو ڪم ڪڙو لڳي، انهن کي ڪنهن ايئرڪنڊيشنڊ ڪُنڊ ۾ سجائي رکڻ جي ضرورت آهي. اهي جن جو دامن صاف آهي، جن جي ڪردار تي بدعنوانين جا ڪارا ڇنڊا ناهن ۽ جيڪي ماڻهن جا ماڻهو آهن، انهن کي موقعو ڏيڻ جي ضرورت آهي.

بلاول نوجوان آهي، شهيد راڻيءَ جو پٽ ۽ شهيد ڀُٽي جو ڏوهٽو آهي، پڙهيل به آهي ته ڪڙهيل به، سندس رت ۾ ڌرتيءَ جي خوشبو آهي، ان ڪري اُميد ڪري سگهجي ٿي ته عوامي پارٽي جو هڪ نئون جنم ٿيندو ۽ هائوسن تان فائر ٿيندڙ فيصلا، جيڪي عوام جي اکين ۾ گوليون بڻجي لڳن، ٿيڻ جو سلسلو بند ٿيندو ۽ ڪارڪنن جي اڪثريت جي راءِ سان فيصلا ڪرڻ جي روايت ٻيهر جنم وٺندي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *