تازيون خبرون

هڪڙي رياست ۾ ٻٽا معيار!: گل مورو

جڏهن رياست جي ٻٽن معيارن متعلق ڳالهيون ٿيڻ شروع ٿينديون آهن ته پوءِ اهي ڳالهيون هميشه انارڪي واري صورتحال پيدا ڪنديون آهن.اهو ئي منظر موجوده رياستي ڍانچي مان نظر اچي پيو جو ”جيڪو ڏاڍو سو گابو“ وارو مثال موجود آهي. حالانڪه جڏهن رياستي ڍانچو 1940ع جي قرارداد تحت جوڙيو ويو هو ته انهن ڏينهن ۾ مڙني قومن سان اهو واعدو ۽ وچن ڪيو ويو هو ته سمورين فطري قومن کي برابري جي بنياد تي حق حاصل هوندا، مهڙ ۾ چيو ته اِهوئي ويو ته پاڪستان ۾ مڙني قومن ۽ ماڻهن کي برابريءَ جي بنياد تي حق حاصل آهن، انهن جي تهذيبن، ثقافتن ۽ ٻولين سان ڪا به هٿ چراند ڪا نه ڪئي پئي وڃي پر دنيا ڏٺو ته نون سالن تائين ملڪي آئين ئي نه جوڙيو ويو، نظريه ضرورت تحت مخصوص مفاد ماڻڻ لاءِ وڏي ڀاءُ ننڍن ڀائرن جي نڙيءَ تي لت ڏئي ڪري سمورا وسيلا پنهنجي قبضي هيٺ ڪرڻ شروع ڪيا، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو ون يونٽ واري لڙهي مان آزاد ٿيڻ لاءِ سمورين قومن جڏهن جنگ جوٽي ته ان جي نتيجي ۾ غداري وارا ڪيس مڙهيا ويا، اهو تلا اگر ڪيس هجي يا حيدرآباد سازش وارو ڪيس هجي يا وري سنڌ ۽ بلوچستان جي ترقي پسند ۽ ملائيت کان بيزاري وارن ذهنن کي زبردستي زنجير هڻڻ وارو منظر هجي؛ اهو ڏاڍي تيزي سان سلسلو هلندو رهيو، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو وقت به وقت مارشلائي قوتن کي آڻي ڪري مڙني مظلوم قومن جي وسيلن کي ڦٻائڻ لاءِ ڏاڍ جي بنياد تي هيسائي ڪري هٿ ڪرڻ وارا جتن ورجايا ويا. اهو ون يونٽ وارو قهري دور هجي يا ملڪ اندر جمهوري ۽ نيم جمهوري حڪيمن وارو نسخو هجي، انهن مڙني ئي نسخن جي ذريعي اها ئي ڪوشش ڪئي وئي ته ڪهڙي به طريقي سان صرف وڏي ڀاءُ جو ئي پيٽ ڀرڻو آهي، جڏهن ته ٻين مظلومن کي نه ٽڪو پئسو ڏيڻو آهي نه وري انهن جو ڪو رياست اندر اهڙو ڪو حق آهي، اهو ئي سبب هو جو باچا خان اهڙين نفرت ڀرين ڳالهين کي ڏسي ڪري پنهنجي اها وصيت ڪئي ته آئون هن گهٽ ٻوسٽ واري ماحول ۾ جيئڻ ته ڇا پر دفن ٿيڻ به پسند نه ڪندس. پوءِ ائين ٿيو جو اڄ جلال آباد جي شهر ۾ مدفون آهي. ائين ئي خيربخش اول کان وٺي ٻئي خيربخش تائين جيڪو به سلوڪ بلوچستان جي عوام سان ٿيندو رهيو، اهو منظر بالاچ اول کان وٺي ٻئي بالاچ مري تائين جنهن شهادت ماڻي پر خيربخش اول جي ان نظم تان هٿ نه کنيو ته؛

”اوهان جون محل ۽ ماڙيون ڀل ڪيڏيون به خوبصورت ڇو نه هجن پر منهنجي وطن جون بي ستيون سڪل ڪاٺيون هزار ڀيرا ڀليون آهن.“ (خيربخش اول)

خيربخش اول جون هي سٽون ان ڪري اڄ ياد اچن ٿيون جو گڊاڻي واري غريبن سان جيڪا قهري قيامت جهاز حادثي دوران گذري، اها ڪنهن کان به ڳجهي ناهي. ڪيڏي نه حيرت جوڳي ڳالهه آهي جو ان بحري جهاز ۾ 300 کان وڌيڪ بلوچ، سنڌي، سرائيڪي، پختون ۽ ٻيا مسڪين ماڻهو پنهنجي پيٽ گذر لاءِ انهيءَ جهاز جو لوهه ڪاٽي رهيا هئا ته اوچتو ڌماڪو ٿي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ اکين ڏٺن شاهدن موجب جن جو ذڪر ميڊيا ۾ به اچي چڪو آهي ته 60 کان وڌيڪ لاش ائين ئي ڪلوميٽر پري وڃي ڪريا پر سندن ڪو به اوهي واهي نه بڻيو. جڏهن ته جهاز ۾ موجود اڍائي سئو کان وڌيڪ ماڻهن جو اڃا تائين ڪو به ڏس پتو ناهي پيو، جڏهن ته ٽن ڏينهن تائين اها باهه ڀڙڪندي رهي. باهه وسائڻ لاءِ نه وفاقي راڄڌاني مان نه وري صوبائي سرڪار بلوچستان جي ڪي خاطر خواهه ڪوششون ورتيون نه وري ملڪ جي ٺلهو وزير داخلا ڪو بيان ڏنو.

اهي زخم جن تي مرهم رکڻ جو وقت هيو پر مرهم رکڻ بجاءِ انهن کي ائين بي سهارو ڇڏي ڪري اهو باور ڪرايو ويو ته ڄڻ ته اهي هن ملڪ جا نه رهواسي هيا نه وري حڪمرانن تي سندن حفاظت جو ڪو فرض آهي. هن وقت تائين انهن فوت ٿي ويلن توڙي زخمين جي علاج لاءِ نه وفاقي راڄڌاني نه وري بلوچستان سرڪار ڪنهن معاوضي جو اعلان ڪيو. ايتري قدر جو ٻه اڍائي ايمبولنسون لاش ڍوئڻ لاءِ ڪراچي کان موڪليون ويون هيون، اهي به اڌ ۾ ڪم ڇڏي روانيون ٿي ويون. بلوچستان جو وزيراعليٰ ثناءُالله زهري جيڪو ميڊيا اڳيان روز روز اهي بيان ڏيڻ ۾ مصروف هوندو آهي ته بلوچستان جي عوام جي احساس محرومين کي ختم ڪرڻ ۾ هن ۽ سندس ٽيم ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏيا آهن پر نه رڳو هن واقعي پر ڪوئٽا ڀرسان پوليس هيڊڪوارٽر ۾ ڌماڪي دوران جيڪي گهڻي ڀاڱي بلوچستان جا ماڻهو هئا، جن ۾ ڪيچ، مڪران، سبي، خضدار، لسٻيلو جي علائقن جا نوجوان شامل هيا؛ ميڊيائي رپورٽ مطابق انهن جا لاش مسڪين ماڻهو اٺ گاڏن تي کڻي وڃي مٽي ماءُ حوالي ڪيا پر نه ايمبولينسون کين مهيا ڪيون ويون نه وري ڪو هوائي جهاز ذريعي سندن لاش پهچايا ويا. اهو منظر ڪيڏو نه ڏکائيندڙ هوندو، جنهن وقت اهي جگر گوشا پنهنجي ممتائن آڏو چچريل چهرن جي صورت ۾ پهتا هوندا، تڏهن ته بلاول زرداري به ڳوڙها ڳاڙي ويٺو هو. صرف ڳوڙها ڳاڙڻ ڪافي ناهي، پر سچ چوڻ به ضروري هوندو آهي. ان ٻٽي معيار جو عملي ثبوت اهو ئي آهي جو جڏهن پنجاب کان فريد ايڪسپريس ۽ ذڪريا ايڪسپريس ٽرينن وچ ۾ ڪراچي اندر ٽڪر ٿئي ٿو ته ان جي نتيجي ۾ جيڪي 20 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿين ٿا، جن جو تعلق وڏي ڀاءُ يعني پنجاب سان هجي ٿو، انهن جي لاءِ فوري طور تي سڄي ميڊيا وفاقي سرڪار، سنڌ سرڪار ۽ ملڪ جون سموريون وفاقي پارٽيون جاڳي پون ٿيون ۽ انهن جي لاشن کي خصوصي هيليڪاپٽر ذريعي پنجاب پهچايو وڃي ٿو ۽ انهن فوت ٿي ويلن لاءِ في ماڻهو 15 لک رپيا ۽ زخمي کي 3 لک رپيا ۽ ان سان گڏ سنڌ اندر کين پلاٽ به ڏيڻ جو اعلان ڪيو وڃي ٿو. اصل ۾ اهو ئي رياستي ٻٽو معيار آهي، جنهن جي ڪري هن وقت ماڻهو اهو ئي سوچي پيو ته آخر ننڍن قومن جا ماڻهو جن پاڪستان ٺهرائڻ ۾ مک ڪردار ادا ڪيو هو، ڇا انهن کي انهيءَ جي سزا ڏني پئي وڃي يا کين اهو باور ڪرايو پيو وڃي ته سواءِ وڏي ڀاءُ جي ملڪ جي هر اداري ۽ هر وسيلي تي سندن حق ئي نه آهي، پر جڏهن سنڌ مان تيل ۽ گئس جا ذخيرا نڪرن ٿا ته ان لاءِ فوري طور تي وفاقي راڄڌاني ۾ پريس ڪانفرنس ذريعي اهو ٻڌايو ٿو وڃي ته گئس ۽ تيل جا ذخيرا سنڌ جي علائقن مان ٻيا به نڪتا آهن، انهن کي ڪڍڻ لاءِ فوري طور ڪم ڪيو ويندو، جنهن جو ذڪر ميڊيا ۾ به اچي چڪو آهي جو وفاقي حڪومت اوگرا جي علم مطابق ڄاڻائي چڪي آهي ته سنڌ مان گئس جا ٻه وڏا ذخيرا خيرپور ۽ گهوٽڪي مان ملي چڪا آهن، جيڪي گهريلو صارفين جون ضرورتون پوريون ڪري وٺندا. يقينن اهي گهريلو صارفين به ماضيءَ جي تاريخ جيان وڏي ڀاءُ جا ئي گهر گهاٽ هوندا، جن کي سنڌ جي تيل ۽ گئس مان روشن ڪيو ويندو. سندن ئي چلهيون ٻرنديون ڇو ته ماضي بعيد کان وٺي تاريخ شاهد آهي ته سنڌ ۽ بلوچستان مان 72 سيڪڙو تيل ۽ گئس جيڪو مهيا ٿئي ٿو، ان جو گهڻو فائدو وڏي ڀاءُ ئي ورتو آهي. جو اڄ به هنن جون صنعتون ۽ گهرن جا چلها ته ٻري رهيا آهن پر سنڌ جون مسڪين عورتون ۽ بلوچن جون گج پاتل مڙهيون (پوڙهيون) اڄ به ڇيڻن کي ڦوڪون ڏئي ڏئي دم ۽ ٻين مرضن ۾ متبلا ٿي وڃن ٿيون. اهو اونداهي وارو دور الائي ڪڏهن ختم ٿيندو؟ اهو رياست جو ٻٽو معيار الائي ڪڏهن ختم ٿيندو؟ جو اڃا تائين ناانصافيءَ واري جيڪا حد آهي شايد اها وڌيڪ تيزيءَ سان اڀرندي رهي ڇو ته جڏهن رياستون پنهنجا من پسند فيصلا ڪري ماڻهن کي ڏنڊي جي زور تي هلائڻ واري روش اختيار ڪنديون آهن ۽ اهو تسلسل وقت به وقت جڏهن تيزيءَ سان جاري رهندو آهي ته پوءِ اتي ئي انارڪي واري صورتحال پيدا ٿيندي آهي ۽ ڪو به ماڻهو رياستي اهڃاڻن تي ڀروسو ناهي ڪندو. پوءِ ڀل اهو اپيڪس ڪاميٽي وارو فارمولو ڇو نه هجي، جنهن ۾ سنڌ اپيڪس ڪميٽي به ڄاڻايو آهي ته فورٿ شيڊول ۾ قومپرست گروپن خلاف به آپريشن ڪيو ويندو. وري به سوال اهو ئي اڀري ٿو ته ڇا گڊاڻي جي غريبن جو رت ۽ لاهورين جو رت الڳ الڳ آهي؟

 

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *