تازيون خبرون

هڪٻئي جو رت وهائجي يا هڪٻئي کي فائدو ڏجي؟: امتياز عالم

ڦاٿل هزارين افغانين ۽ پاڪستانين کي طورخم ۽ چين وارين چوڪين وٽان اچڻ وڃڻ جي اجازت ڏيڻ هڪ وڏو انساني اَلميو ٽاريو ويو، اهي چوڪيون لڳ ڀڳ ٽي هفتا اڳ انهن دهشتگردن جي چرپر ۽ اَچ وڃُ روڪڻ لاءِ بند ڪيون ويون هيون، جيڪي سرحد جي هُن پار يعني افغانستان جي سرحد سان لڳندڙ صوبن ۾ پنهنجي محفوظ پناهه گاهن ذريعي پاڪستان جي فوج تي حملا ڪري رهيا هئا، سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته اسان جي اتر اولهه واري سرحد اسان جي لاءِ ايتري پريشانيءَ جوڳي ڇو بڻجي وئي آهي ۽ اسان پريشانيءَ جو باعث بڻيل انهن لاڳاپن کي خطي ۾ امن لاءِ ڪيئن ڪتب آڻي سگهون ٿا؟

پاڪستان ۽ افغانستان جا لاڳاپا، پاڪستان جي قائم ٿيڻ کان وٺي ئي پيچيدگين جو شڪار رهندي پئي آيا آهن، پاڪستان کي موجوده علائقو برطانيا کان ورثي ۾ مليو آهي ۽ اهو سرحدن جي اها ئي حدبندي برقرار رکندو آيو آهي، جيڪي سڀ کان پهريون 1893ع ۾ سر ڊريونڊ ۽ افغانستان جي حڪمران عبدالرحمٰن مقرر ڪيون هيون، جن افغانستان جا ٻئي حڪمران توثيق به ڪندا آيا آهن، امير عبدالله خان 1905ع ۾ ان سرحد جي توثيق ڪئي هئي، جڏهن ته 1919ع ۾ افغانستان جي تڏهوڪي گهرو وزير علي احمد خان به آگسٽ 1919ع ۾ راولپنڊيءَ ۾ انهيءَ سرحد جي توثيق ڪئي هئي، 22 نومبر 1921ع تي ڪابل ۾ ٿيل معاهدي ۾ ان سرحد جي وڌيڪ توثيق ۽ تائيد ڪئي وئي هئي.

پوءِ ننڍي کنڊ مان برطانيا جي واپسي ۽ پاڪستان جي قيام کانپوءِ اهو تڪرار بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ جي جاري رهيو ، اهو تڪرار باچا خان طرفان سرخ شدت تحريڪ طرفان تنهن وقت ۾ ان ڏس سرحد صوبي ۾ ٿيل ريفرينڊم جي مخالفت ڪرڻ سبب ويتر وڌي ويو، ڇو جو باچا خان پنهنجي اباڻي صوبي جي پاڪستان سان اسلحاق جو مخالف هو، جيتوڻيڪ ريفرينڊم جي بائيڪاٽ جي ڪري پختون قومپرست تنها ٿي ويا، تنهن هوندي به هنن اتر ۽ ڏکڻ جي پختونن کي ملائڻ واري بين الافغاني خواهش جيئري رهي، جيستائين ان پختونن جي خارجيت جي لاڙن جي بنيادن دمُ نه ٽوڙيو.

جيتوڻيڪ لويا جوڳي 1949ع ۾ ڊريونڊ لائين کي رد ڪري ڇڏيو هو، ۽ پاڪستان کي برطانوي انڊيا جي هڪ حصي جو جائز جانشين مڃڻ کان به انڪار ڪري ڇڏيو هو، ائين بين الافغان قومپرستيءَ وارا موروضا بهرحال جاري ۽ ساري رهيا.

پختونستان واري نظريي تي جيتوڻيڪ تڪرار رهندو رهيو، پر ان باوجود اڪثر پختون قومپرست هڪٻئي سان سلهاڙيل رهڻ/ گڏجڻ واري هوڏ تي عمل پيرا رهيا، سو پشاور کان ڪوئيٽا ۽ ڪراچيءَ تائين پختونن جي هڪٻئي سان تعلق جي ڪري سندن تنها يا الڳ ٿلڳ هئڻ واري سوچ ختم ٿي ۽ ائين پختون قومپرستي پاڪستان اندر وڏو حصو حاصل ڪرڻ لاءِ جاري رهندي آئي.

چئن ڏهاڪن جي شدت پسندي سرحد جي ٻنهي پاسي لاڳيتي ويڙهه ۽ ٽيهه لک افغانين جي پاڪستان تي پيل بار جي ڪري گهمندڙ ڦرندڙ افغانين ۽ ڪاروباري پختون طبقي لاءِ ٻنهي پاسي مارڪيٽ ۽ سڃاڻپ فراهم ڪئي، ان جي ڪري پختون قومپرستن کي پاڪستاني افغان جي دعويٰ جو موقعو فراهم ڪيو، جنهن سان بين الافغان ۽ پاڪستان واپار وارا مقصد پورا ٿين ٿا.

حادثو ئي چئجي ته پاڪستان ملڪ اندر دهشتگرديءَ خلاف وڙهندي افغان طالبان کي ناراض نه ڪرڻ ۾ ئي عافيت سمجهي، پاڪستان پنهنجي فائدي لاءِ افغانستان جي سياسي جماعتن کي مفاهمت کي به جنهن اختلاف پيدا ڪرڻ طور استعمال ڪيو، جنهن جي ڪري افغانستان اندر سياسي جماعتن ۾ ويتر شڪ پيدا ٿيا، افغانستان جي معاملن ۾ ڀارت جي حد کان وڌيڪ مداخلت به پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ دشمنا وڌايا، جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڳجهين لاڙين (پراڪسيوا رز) ۾ هٿي ملي.

صدر اوباما جي افغانستان مان واپسيءَ واري پاليسي اڳ ۾ ئي لوڏن ۾ آيل هن ملڪ کي ويتر ڪمزور ڪيو. ۽ ان سان افغان طالبان کي ويتر چڙهت ڪرڻ جو حوصلو به مليو.

ان دوران وري آپريشن ضرب عضب جي نتيجي ۾ ڪيئي دهشتگرد فرار ٿي ويا ۽ هنن لاقانونيت جي ور چڙهيل ڀرپاسي وارن افغان صوبن ۾ پناهه گاهون ڳولي ورتيون.

ان جي ڪر ڇا ٿيو جو، ٻنهي هڪٻئي تي دٻاءُ وڌايو، نتيجي ۾ ٻنهي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا ئي خراب ٿي ويا، حقيقت ته هي آهي ته ٻنهي رياستن ۾ تڪرار ۽ ڇڪتاڻ جو فائدو دهشتگرد ئي حاصل ڪري رهيا آهن، حقيقت ۾ صورتحال جي گهرج اها آهي ته رابطو وڌائي ٻنهي ملڪ لاءِ الڳ الڳ خطرو بڻيلن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي، اهو احساس هئڻ باوجود ٻئي ملڪ  خطي جي مضبوطيءَ لاءِ ڪو مڪينزم جوڙڻ ۾ ناڪام ويا آهن.

ماضيءَ وانگر افغان جنگ نه رڳو داعش پر ڪيئي علائقائي ۽ عالمي قوتن کي پاڻ ڏانهن ڇڪي رهي آهي، عراق ۽ شام مان فرار ٿي داعش افغانستان ۽ پاڪستان جي انهن علائقن ۾ پناهه ڳولي رهي آهي، مختلف دهشتگرد گروهن کان ڌار ٿيل ڌڙا، شيعا مخالف گروهه ۽ سلالفي افغان طالبان جي اسلام قومپرستيءَ وارن مفروضن جي ڀيٽ ۾ داعش ۾ گهٽ بين الاسلامي ڪشش ڀانئن ٿا. داعش جو اڀري اچڻ حقيقت ۾ افغان طالبان سان رابطي جو جواز پيدا ڪيو آهي.

افغان طالبان سان رابطي لاءِ مختلف علائقائي ۽ عالمي طاقتن ۾ اتفاق پيدا ٿي رهيو آهي، روس، چين ۽ پاڪستان هڪ پاسي افغان سان رابطن تي زور ڏئي رهيا آهن ته ٽرمپ انتظاميا جو نئون دفاع وارو وزير ۽ قومي سلامتيءَ جو مشير وري افغان فوج جي مضبوطي چاهن ٿا، ۽ داعش سان نبرڻ لاءِ افغان طالبان سان رابطي جي امڪانن کي وزن ڏئي رهيا آهن.

صورتحال جي گهرج آهي ته ان ڏس ۾ گهڻ طرفي سفارتڪاري شروع ڪيئي وڃي، جنهن ۾ دلچسپي رکندڙ سمورين ڌرين کي شامل ڪيو وڃي، سرحد جي نگرانيءَ واسطي گڏيل مڪينزم قائم ڪرڻ لاءِ افغانستان، آمريڪا ۽ پاڪستان ۾ ٽه ڌرين ڳالهين جي بحاليءَ جي ضرورت آهي، سڀ کان اهم ڳالهه ان ڳالهه تي اتفاق آهي ته افغان طالبان سان ڪهڙي ريت رکجي، جيڪڏهن اهي ڳالهين لاءِ راضي ٿين ته پوءِ کين ڳالهين جي ميز تي اچڻ لاءِ جنگبنديءَ تي راضي ڪيو وڃي، پر جي اهي مفاهمت تي راضي نه ٿا ٿين ته پوءِ انهن کي طاقت جي زور تي ٽڙيو وڃي.

آپريشن ضرب عضب جي ڪاميابيءَ سان پڄاڻي ۽ سڄي ملڪ اندر آپريشن رد الفساد شروع ٿيڻ جي ڪري پاڪستان اهڙا اپاءَ وٺڻ جي پوزيشن ۾ آهن، جن سان جي اوڀر توڙي اولهه وارن ٻنهي پاڙيسرين جا خدشا ختم ٿي سگهن.

اهو سڀ ڪجهه ادلي بدلي طور ئي ٿي سگهي ٿو، موٽ ۾ افغانستان ۽ ڀارت ٻنهي کي ڳجهيون لڙايون روڪڻ تي راضي ٿيڻو پوندو، ڇو جو انهن جو مقدر خاص ڪري افغانستان ۽ پاڪستان جو مقدر هڪٻئي سان ڳنڍيل آهي، علائقي ۽ بين الا علائقائي رابطي توڙي توانائي ۽ واپار جون …نيون راهون کُلي رهيون آهن، بس هاڻ رڳو طئي ڪرڻو آهي ته هڪٻئي جو رت وهائجي يا هڪٻئي مان فائدو حاصل ڪجي.

****

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *