تازيون خبرون

هُو ميرانپور جو پانڌيئڙو: جئه پرڪاش موراڻي

جڏهن سَر نِسرندا آهن ۽ اُتر اوتون ڏيندو آهي ته سڄڻن جون ساروڻيون سڪايل من کي محرومين جي منڊ ۾ منڊي ڇڏينديون آهن. هي به اُها ئي رُت آئي آهي. اڄ وري ميرانپور ۾ ميلو متو آهي، جهوڪ جي جهونجهارن جي ڏيهه ۾ سنڌ هنڌ کان پريم ۽ پيار جي پانڌيئڙن اچي ٻاريون وسايون آهن، تڙ تڙ ٿي ”تون ئي تون“ جي تنوار آهي پر اڄ هو هتي ناهي آيو. اڌ صدي جي سچ، محبت ۽ محبت جي هن ساٿ ۾ شايد اهو پهريون ڀيرو ٿيو آهي جو هُن محبوب جي محفل ۾ ڀيرو ڀڳو آهي. اڄ شاهه عنايت جو سڄو اڱڻ سينگاريل آهي صوفين ۽ سچائي جي پروانن سان پر محبوبن جي مزار جي عين سامهون موجود اُن ٻاري ۾، جتان سدائين محبوب جي محبت جا ٻول ٻُرندا هئا، اڄ ڪجهه ته کُٽل آهي، ڪجهه ته ويراني آهي. هو جيڪو پهرين عاشقِ ستار ٿيو هو ۽ پوءِ عشق ستار جي رنگ ۾ اهڙو ته رنگجي ويو جو سندس ان چائنٺ سان ازلي عشق ٿي ويو. هو سدائين اهو ئي چوندو هو ته ”اسان اوهان کان اهان کي گهريو، اوهان مليا ته سڀ ڪجهه مليو“. واقعي هُن کي هِن در تان سڀ ڪجهه مليو، عزت مالڪ کيس اڻ مئي نصيب ڪئي، شهُرت ۾ ساڻس ڪنڌ هڻڻ جي هام ڪو نٿو هڻي سگهي، محبتون ته هو سدائين ورهائيندو هو، مسڪراهٽ سندس چهري تي سدائين چانڊاڻ وانگر چمڪندي هئي پر هو نه رڳو نالي ۾ پر دل سان فقير هو. کيس تن ۾ توڙي من ۾ صرف هڪ ئي تات هئي ته محبوب سدائين مهربان هجن. انهيءَ لاءِ هو نچي ڪڏي راڻل کي ريجهائڻ جي ڪوشش ڪندو هو ته جيئن سندس اها ادا محبوبن جي حضور ۾ قبول پئجي وڃي.

سندس والدين ڏاڍي هيج سان کيس ”دين جي امام“ جو نالو ڏنو هو پر جڏهن هُو سائين ستار جي در تان سُرت جي سُتي جي سُچيت ٿيو هو ته يڪدم چئي ڏنائين ته ”نام ڪس ني رک ديا ميرا امام الدين مگر بي نام هوُن، اس نام سي ميرا واسطا ڪوئي نهين.“

واقعي نالي ۾ ڇا رکيو آهي هو بي نام هوندي به سوين نام ڪٺين نالي وارن کان وڌيڪ نامدار هو. هو جيڪو قصرِ قلندر جي هال ۾ ٿيندڙ راڳ ويراڳ جي محفل ۾ جڏهن صاحب ڪريم جي سامهون ويهي پنهنجي يڪتاري جي هڪ ئي تار تي پنهنجي آڱر جي ڇهاءُ سان راڳ جي شروعات ڪندو هو ته هر طرف سندس شاعري جي خوشبوءَ ماحول کي وحدت الوجود جي مهڪ سان مهڪائي ڇڏيندي هئي.

اها حقيقت آهي ته ”صوفي جي سوز ۽ ساز کي سدائين سمجهڻ ڏکيو ئي هوندو آهي پر هن اهي عشق جون رمزون ايڏيون ته آسان ڪري پنهنجي شاعري ۾ پيش ڪيون جو سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سندس وائي جي واهه واهه هئي. هو سائين عبدالستار جو سچو عاشق ۽ صاحب ڪريم سان بي پناهه پيار ڪندڙ پانڌيئڙو هو.

اهو ڪجهه ورهيه اڳ جو ئي قصو آهي جڏهن سڄڻن جو سڏ ٿيو ۽ آئون رشيد سومري کي ساڻ ڪري جهوڪ جي ميلي جي ٻي ڌمال تي اڌ رات ڌاري حاضر ٿيو هئس. ان وقت سندس ٻاري تان اڏامندڙ آواز ڪنائيندي اوڏانهن قدم خودبخود هلي پيا هئا. اها ڪجهه گهڙين جي تعارفي گڏجاڻي اهڙي ساٿ جو ”شڀ مهورت“ ثابت ٿي جيڪو هاڻي رت ۾ رچي ويو آهي. ان بعد هر سال ميلي جي موقعي تي مکا ميلو ٿيندو رهندو هو، هر ڀيري محبت جي سُنگ مان سُرت جون نيون سرڪيون نصيب ٿينديون هيون. سندن محبت جو مانڊاڻ ايڏو ته اٿاهه هو جو هر ڪو اهو ڀائيندو هو ته هي واهڙ صرف منهنجي لاءِ ئي وهي پيو. مون ان ٻاري تي شهيد بشير خان قريشي کي راڳ جي رمز ۾ جهومندي ڏٺو ته وري گذريل سال صنعان کي به پنهنجي والد جي وِڌل راهه و رسم نڀائيندي ڏٺم. هن ٻاري تي مون گهوٽڪي جي تڏهوڪي ڊپٽي ڪمشنر کي اڀي پيرين بيهي راڳ ڳائيندي ٻڌو ته صاحب ڪريم کي پڻ ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويهي فقير محفوظ، وزير علي شاهه ۽ ٻين کان ٻول ٻڌندي ڏٺو. ٻن ڪمرن ۽ هڪ ورانڊي سان گڏ اڱڻ تي ٻڌل هي ٻاري، ڄڻ ته هر وقت سڀني لاءِ ٻانهون کولي آتي هوندي آهي ۽ انهيءَ ٻاري تي ”همه اوست“ جي پيروڪارن جي پيهه سدائين برقرار پڻ رهندي آهي، اڄ ان ٻاري تي سُر ته گونجندا، فقير محفوظ ”دعا“ به چوندو هو پر انهن سُرن ۾ سوڳواري ڪيفيت سڀني تائين پهچندي هوندي.

شاهه عنايت جي آڳنڌ انهن عاشقن جو آستانو رهي آهي جيڪي سچ جي شمع تي پتنگن وانگر پهچندا اهن ۽ انهيءَ باهه ۾ پچي راس ٿيندا آهن. هن اڱڻ تي اچڻ واري دروازي تي جڏهن توهان جي تلاشي ورتي ويندي آهي ته مون کي ائين محسوس ٿيندو آهي ته ڄڻ اهي گارڊ آپي، انا، خودي ۽ خود سري کي ٻاهر ئي ڪڍي ڇڏيندا آهن، انهن عادتن کي اندر اچڻ جي بنهه اجازت ناهي هوندي. هتي سڀڪو پرين ۾ پاڻ پسندو آهي ۽ محبوب ۾ کيس محبت جي معراج نصيب ٿيندي آهي. هتي ٻيائي کي ٻاهر ڇڏي اندر ايندڙ پروانا هيڪڙائي جي حقيقت کي دل سان قبول ڪندا آهن. هي اهو اڱڻ آهي جتي مذهب ماڻهن کي منجهائڻ جو ست ساري نه سگهندا آهن. هتي رام ۽ رحيم کي مڃڻ وارا نه رڳو هڪ ئي دستر خوان تي کائيندا، هڪ ئي راڳ ڳائيندا آهن پر هڪ کي قبرستان ۾ بنا ڪنهن فرق جي آرامي ٿيندا اهن. هتي به گڏ، هُتي به هيڪڙائي…

جهوڪ شريف جي نگري مان جيڪو پيغام دنيا تائين پهتو ۽ اڄ تائين پهچايو پيو ُوڃي اهو عالمي اخوت ۽ ڀائيچاري جو پيغام آهي. هتي جيڪو سبق پڙهايو ٿو وڃي اهو انسانيت جو سبق آهي. هتي ماڻهن کي پريت جي ريت سيکاري ويندي آهي ۽ کين رڳ رڳ ۾ سمايل ان هستي سان هيڪڙائي جو حرف سيکاريو ويندو آهي جيڪو هن رنگبرنگي دنيا ۾ پاڻ پسائڻ لاءِ پهتل آهي. هي اهو در آهي جتي نه ڪو ننڍو آهي نه ڪو وڏو، هي اها درگاهه آهي جتي آيل سمورا ”انسان“ هوندا آهن نه ڪو هندو رهندو آهي نه ڪي مسلمان هوندا آهن. دنيا جي داداگيري هن هنڌ هرگز ناهي هلندي.

مون کي پاڻ ئي ٻڌايو هئائون ته جڏهن کين هڪ نالي چڙهي حاڪم پڇيو هو ته قبرن ۾ ڇاهي رکيل ته پاڻ ورندي ڏني هئائون ته قبرون ڪروڙين آهن، ڪنهن ڪنهن جي مٽيءَ کي مان ملندو آهي. انهيءَ مان ۾ شان هوندو آهي. انهيءَ ڪري سنڌ سڏي وئي صوفين جي سرزمين. هتي صدين کان جيڪو ڀائيچاري جو پرچار ڪيو ويو ان جو اثر اڄ به نظر اچي ٿو، ڀلي آس پاس ۾ ڪجهه سازشون ٿينديون هجن پر جيت وري به ”انسانن“ جي ٿيندي. اهو ئي هن درسگاهه جو درس به آهي.

جڏهن سال اڳ اسين اڄوڪي ڏينهن تي جهوڪ جي حاضري ۾ حاضر ٿيا هئاسين تڏهن به باوجود سمورين بيمارين، ڪمزورين ۽ عمر جي تقاضائن جي هِن ٻاري جو رنگ ۽ فقير جو آواز به ايترو ئي بلند هو جو هر ڪنهن کي حيرت ٿي رهي هئي. ان وقت اهو هرگز پتو نه هو ته ڪا هي آخري ملاقات آهي. اچڻ مهل اڪير سان آڌر ڀاءُ ڪرڻ ۽ موڪلائڻ وقت محبت سان مُرڪي الوداع ڪرڻ واري ريت ان وقت به اوتري ئي گرم جوشي سان ادا ٿيندي هُئي جيتري ورهين کان اڳ شروع ٿي هئي.

ڊکڻن جو هي فقير سڄي حياتي پرين جي پاڇي ۾ رهيو. هُن سان مُرشدن جي محبت اوتري ئي سوائي هئي جيتري هن فقير کي پنهنجن محبوبن سان اڪير هئي. ان ڪري هيل هي ميلو ماڻهن جي آمد جي لحاظ کان ته اوترو ئي ڀريل آهي جيترو سدائين هوندو آهي پر هڪ ماڻهو جي کوٽ هزارين ماڻهن جي آمد کان وڏي ته به محسوس ٿئي. سچ جي پانڌيئڙن کي سدائين کان اها سُتي ڏني ويندي آهي ته ميلاپ ۽ وڇوڙا حياتي جي سفر جون ويساهيون هونديون آهن، جتي گهڙي پل لاءِ ساهي کڻي سگهجي ٿي پر محبت جي منزل ماڻڻ لاءِ پنڌ هميشه پراهون هوندو آهي. ان ڪري سفر کي جاري رکڻو آهي، اهو ئي اڄ فقير محفوظ ۽ سندس ڀائٽا ڪري رهيا آهن دعا آهي ته اهو ساٿ سلامت رهي ۽ سفر منزل ضرور ماڻي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *