تازيون خبرون

هي ڪهڙو سماجي شعور آهي؟: شفيق شاڪر

جپان دنيا جو هڪ صنعتي ترقي يافته ملڪ آهي ۽ جپان اها ترقي تمام مختصر وقت ۾ ڪئي آهي. جپان جو مشهور هوائي اڏو نيريٽا جنهن کي هاڻي ٽوڪيو  انٽرنيشنل ايئر پورٽ به چيو وڃي ٿو اهو دنيا جي ڏهن وڏن مصروف ترين هوائي اڏن مان هڪ آهي جيڪو جپان جي اٽڪل 50 سيڪڙو هوائي مسافرن جي لاء استعمال ٿئي ٿو پر حيرت جي ڳالھ اها جو اهو هوائي اڏو روزانو رات جو يارهين وڳين کان صبح ڇهين وڳين تائين هر قسم جي هوائي ٽريفڪ لاء بند ٿي وڃي ٿو. اهو ڪنهن سيڪيورٽي رسڪ جي پيش نظر بند نٿو ڪيو وڃي پر ان لاء بند ڪيو وڃي ٿو جو جيئن ته اهو شهري آباديء جي وچ ۾ آهي ان ڪري اتان جي شهري ميونسپل انتظاميه طرفان حڪومت تي اها پابندي لڳل آهي ته رات جو انهن شهرين جي ننڊ ۽ آرام ۾ هرگز رخنو نه پوڻ گھرجي جيڪي سڄي ڏينهن جي محنت کان پوء رات جو ڀرپور ننڊ جا مستحق هوندا آهن ته جيئن ٻئي ڏينهن تي بنان ڪنهن ٿڪاوٽ ۽ بي زاريء جي واپس ملڪ جي ترقيء ۽ بهتريء جي لاء پنهن جون مقرر ڪيل ذميداريون سهڻي نموني ادا ڪري سگھن.جيئن ته اتان جون ميونسپل حڪومتون عوام جي بنيادي حقن جي تحفظ جون ذميدار هونديون آهن ۽ عوام جي جذبن ۽ احساسن جون نمائنده هونديون آهن سو مرڪزي حڪومت کي اهو اختيار ئي ناهي جو اها انهنجي فيصلن کي تبديل يا رد ڪري سگھي.جپان جي ان هوائي اڏي جو مون ذڪر ان ڪري ڪيو جو اسان پنهنجوپاڻ کي عظيم تهذيب جا وارث سڏيندا آهيون ۽ انگريزن توڙي دنيا جي ٻين قومن جا صرف عيب ڪڍندا رهندا آهيون پر انهن جي اختيار ڪيل سهڻن اصولن جي تعصب سبب پيروي ته پري رهي پر جائز تعريف به نه ڪندا آهيون.

دنيا جي سڌريل ملڪن ۾ قانون جي پيروي ڪرڻ اتان جي شهرين جي عادت ۾ شامل ٿي چڪو آهي جڏهن ته قانون کي ٽوڙڻ اسان جهڙن ملڪن ۾ اسان جي قومي سڃاڻپ بڻيل آهي. اهي ڪڏهن به ڏسي وائسي ٽريفڪ سگنل جي خلاف ورزي نٿا ڪن.هنڌ هنڌتي گندگي نٿا ڦهلائين.ٻين شهرين لاء تڪليف ۽ پريشانيء جو سبب نٿا بڻجن.اهو سڀ ڪجھ ڇا آهي؟ انهيء کي شهري يا سماجي شعور Civic Sense چئبو آهي.جنهن قوم ۾ اهو شعور جيترو وڌيڪ پختوهوندو ان معاشري ۾ اوترو ئي وڌيڪ نظم ۽ ضبط ڏسڻ ۾ ايندو ۽ قومون پنهنجي زندگيء ۾ ايندڙ ڏکئي کان ڏکين موڙن ۽ مرحلن جو مقابلو صرف نّظم ۽ ضبط سان ئي ڪري سگھنديون آهن.جنهن معاشري ۾ ماڻهو نه سوچ ۾ منظم هجن،نه جسماني طور تي منظم هجن ۽ نه ئي سماجي طور تي منظم هجن ان معاشري ۾ افراتفري ۽ ڀڃ ڊاھ ته ڏسي سگھجي ٿي پر قومي يڪجهتي، سماجي ايڪتا ۽ سياسي استحڪام جا صرف خوبصورت خواب ئي ڏسي سگھجن ٿا.جنهن سماج ۾ هڪٻئي جي اهنج ۽ ايذاء جو خيال نه رکيو وڃي،ٻئي جي پريشانين ۾ اضافو ڪرڻ کي ڪو ڏوھ ئي نه سمجھيو وڃي ۽ هڪٻئي جي بنيادي حقن جو عملي انڪار ڪيو وڃي ته اهڙي سماج جا  شهري سدائين هڪ ٻئي کان بي زار نظر ايندا.جنهن جو نتيجو آخرڪار سماج ۾ نفرت، بغاوت ۽ تشدد جي صورت ۾ ئي ظاهر ٿئي ٿو. اسان وٽ ته قانون جڙندا ئي ان ڪري آهن ته انهنکي ٽوڙيو وڃي. خود قانون جوڙيندڙ ۽ انهن تي عمل ڪرائيندڙ ئي قانون جا بکيا اڍيڙڻ ۾ اڳيان اڳيان نظر ايندا.ڇا اسان جي ملڪ ۾ پوليس جو ڪو سپاهي وڏين گاڏين ۾ گھمندڙ اشرافيا کي روڪڻ لاء اشارو ڪرڻ جو تصور ڪري سگھي ٿو؟ان ڪري جو اسان اڃا تائين پنهن جي وحشي دور واري تاريخ مان آزاد نه ٿيا آهيون جتي قانون صرف ڪمزورن جي پيرن جي ٻيڙي بنيل هوندو آهي.

اها ته ٿي وڏن ماڻهن جي ڳالھ پر اسان مان هرڪو جنهنکي جيترو اختيار آهي قانون ٽوڙڻ ۽ ٻئي جي حق تلفي ڪرڻ ۾ وسان نٿو گھٽائي. اڄ ڪلھ هڪ برگر فيشن به اسان جي معاشري جي سڃاڻپ بڻيل آهي.سمجھ ۾ نٿو اچي ته اها جھنگلي ٻوٽي اوچتو ئي اوچتو ڪٿان پيدا ٿي آهي جنهن پوري سماج کي پنهن جي لپيٽ ۾ آني ڇڏيو آهي. موٽر سائيڪلن جي هٿ سان ڦاڙيل سائلنسرس جو شور،مٿان پريشر هارنن جي ملايل موسيقي ۽ گڏوگڏ انهن تي سجايل اسپيڪرن مان ايم پي ٿري جي ذريعي فل واليوم سان نڪرندڙ سر سنگيت، نه وقت جي پابندي ۽ نه ئي جاء جڳھ جو خيال، بس سفر جاري آهي.ايترو خيال به نٿو ٿئي ته ڪو بيمار سڄي رات تڙپي مس ستو هجي ۽ توهان جي ان شوق ان جي ننڊ زهر ڪري ڇڏي هجي!موٽر سائيڪلن جي ان نرالي شوق ۾ صرف اشرافيا جا ئي ٻار ڪونهن پر عام طور تي ته موٽر سائيڪل هوندي ئي وچين يا هيٺئين طبقي جي ماڻهن وٽ آهي.انهيء انسان آزار ڪلچر جو شڪار صرف جاهل ۽ اڻ پڙهيل ئي نه هوندا آهن پر ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ پڙهندر شاگرد،مدرسن ۾ ديني تعليم حاصل ڪندڙ کٿابي، ايستائين جو ٻارن کي تعليم ۽ تربيت ڏيندڙ ڪجھ استاد به وڏي فخر سان اهڙين موٽرسائيڪلن کي ڊوڙائيندي نظر ايندا آهن.جڏهن ڪنهن معاشري ۾ معزز استاد صاحبان جن کي رول ماڊل سمجھيو ويندو آهي اهي به ان سماجي شعور کان وانجھيل هجن ته پوء سماج جو اهو ئي حشر ٿيڻو آ جيڪو اسان کي نظر اچي رهيو آهي. اسان جي تعليمي ۽ تربيتي نظام ۾ ڪا بنيادي خّامي ضرور آهي جو سماج طرف اسان جا رويا مثبت گھٽ ۽ منفي زياده آهن.اسان پنهن جي گهر جو گند بنان هٻڪ جي ٻئي جي گھر اڳيان ڦٽو ڪري پنهن جي ذميداري پوري ڪرڻ ۾ فخر محسوس ڪندا آهيون.پر ٻئي جي گھر جي اڳيان گندگي ڦٽي ڪرڻ جي ڪري جيڪا اذيت انهن گھر وارن کي برداشت ڪرڻي پوي ٿي انهيء جو احساس نه اسان کي پاڻ ٿئي ٿو ۽ نه ڪو ٻيو اسان کي اهو احساس ڏياري ٿو.اهڙيء طرح ڪا شيء کائي يا استعمال ڪري انهيء جي ٿيلي يا ڪاغذ جتي آيو اتي ڦٽي ڪرڻ به اسان جي قومي مزاج ۾ شامل آهي.

اهڙيء طرح ڪنهن سرڪاري يا نجي عمارت کي پنهن جي مذهبي، سياسي، سماجي ۽ تجارتي تشهير جو مرڪز بنائڻ کي به ڪو اخلاقي ڏوھ نٿو سمجھيو وڃي.هتان ڪنهن عمارت تي رنگ ٿيو ناهي هتان انهيء تي ان عمارت جي مالڪ جي مرضيء سوا انهيء تي رنگ برنگي اشتهار،مذهبي گڏجاڻين جون دعوتون، سياسي جلسن جون ڪوٺون، مختلف حڪيمن جاڏس پتا، ايستائين جو نفرت پکيڙيندڙ نعرا ۽ گار گند جو وسيع ذخيرو پڙهڻ لاء نظر ايندو. ظاهر آهي ته اهو ڪم اڻ پڙهيل ته ڪري نٿا سگھن،اهي سڀ پڙهيل لکيل مخلوق جا سونهري ڪارناما هوندا آهن.اهو سڀ ڪجھ اسان ان عمارت کي پنهنجي ذاتي ملڪيت سمجھي ڪندا آهيون ۽ عمارت جي مالڪ جي بنيادي حقن جواسان کي ذرو به خيال نه ايندو آهي.موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ جي سهوليت ته اسان آسانيء سان حاصل ڪري ورتي پر انهن کي به ڪنهن تعميري ۽ مثبت رخ ۾ استعمال ڪرڻ بدران اڪثر ٻين جي آزار جي لاء استعمال ڪيو وڃي ٿو ۽ انهن شين جي استعمال جي بنيادي اخلاقيات اسان اڃا تائين نه سکي سگھيا آهيون.نيٽ تي اڻ وڻندڙ زبان جو استعمال ۽ موبائيل جي استعمال ۾ وقت ۽ موقعي جو خيال نه رکڻ ۽ ڪنهن جي آرام وقت فضول قسم جا ميسيج موڪلڻ ،انهن شين کي اسان شهري شعور جي خلاف ڪڏهن سمجھيو ئي ناهي.شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ڪروڙن جي خرچ سان ٺهيل بنگلا ۽ عمارتون ته اسان کي ٺهيل نظر اينديون پر ان بنگلي مان ڊرينج سسٽم جو ٻاهر نڪتل پائيپ ان ڪري اتي جو اتي ڇڏي ڏيندا آهيون جو اسان اها ذميداري ٽائون يا ميونسيپل ڪميٽي جي سمجھندا آهيون ته اها انهيء کي ڪنهن گٽر سان ملائي ڇڏي.جيئن ته اسان جي ملڪ ۾ سرڪاري ادارا پنهنجو مقرر ڪم ايترو تيزيء ۽ آساني سان ڪندا ناهن انڪري اهي کليل پائيپ گھٽين ۾ گندگي جو ڍير ۽ ڪني پاڻي جو سمنڊ ڪٺو ڪندا رهندا آهن حالانڪه جڏهن بنگلي تي ڪروڙين روپيا خرچ ڪري سگھجن ٿا ته ٻه ٽي هزار ان جي مناسب ڊرينيج تي به خرچ ڪري سگھجن ٿا.پر جيئن ته اسان  تهادارا پري رهيا ،پنهن جي گھر جي گھٽيء جي به مالڪي ڪرڻ لاء تيار ناهيون ان ڪري اها صورتحال پيدا ٿئي ٿي.هر شيء ۽ هر خرابي جيڪر حڪومت جي کاتي ۾ وجھڻ سان اسان جو ڪو مسئلو حل ٿئي ٿو ته پوء ايئين به ڪيون پر سڀ مسئلا صرف حڪومتون ئي حل ڪري نٿيون سگھن. هڪ ننڍڙي مثال مان سمجھون. مثال ڪا ميونيپل ڪميٽي ڪنهن گھٽيء۾ پاڙي وارن جي سهوليت لاء ڪا بتي لڳائي ٿي پر ان پاڙي جا ٻار ان بتيء کي پٿر هڻي ٽوڙي ڇڏين ٿا .

ميونسيپل طرفان بار بار اها بتي بدلائي وڃي ٿي ۽ بار بار ان پاڙي جا ٻار انهيء جو ساڳيو حشر ڪن ٿا. نه پاڙي جو ڪو ماڻهو ان بتيء جي مالڪي ڪري ٿو ۽ نه ئي ٻارن کي ان حرڪت کان منع ڪري ٿو ته پوء آخر ميونسيپل ڪميٽي ڇا ٿي ڪري سگھي.اهو ننڍڙو مثال آهي پر ٻين معاملن کي به ان مثال ذريعي سمجھي سگھجي ٿو. اسان جون سماجي تڪليفون تيستائين گھٽجي نه سگھنديون جيستائين اسان ۾ سماجي شهري شعور بيدار نه ٿيندو ۽ اهو شعور تيستائين بيدار نه ٿيندو جيستائين اسان انهن شين جي مالڪي نه ڪنداسين.اهي جملا ته توهان پڙهيل لکيل ماڻهن جي وات مان اڪثر ٻڌندا رهندا آهيو ته “ سرڪاري مال آهي اسان جي گھران ڇا ٿووڃي!”جڏهن اسان پنهن جي فائدي لاء قائم ڪيل ادارن ۽ شين کان لاتعلقيء وارو رويو اختيار ڪيون ٿا ته پوء پبلڪ پارڪن ۽ قومي لائبريرين جو به اهو ئي حشر ٿئي ٿو!

******

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *