تازيون خبرون

هي زهر جو ڪاروبار اڃا ڪيترا گهر اجاڙيندو؟: واحد پارس هيسباڻي

ٽنڊومحمدخان جي ڪريم آباد ۽ سومرا پاڙي ۾ ڪچو شراب پيئڻ سبب جيڪو 40 کان وڌيڪ قيمتي انساني جانين جو نقصان ٿيو آهي، اِهو ڪنهن وڏي سانحي کان گهٽ نه آهي. جيتوڻيڪ انهيءَ واقعي کانپوءِ ٽنڊي محمد خان جي ايس ايس پي، ڊي ايس پي ۽ ايس ايڇ او کي معطل ڪيو ويو آهي، پر مان نٿو سمجهان ته ايڏي وڏي سانحي جي ڀيٽ ۾ هي ڪا وڏي سزا آهي، پوليس کاتي ۾ معطلي کي سزا نه پر ’آرام‘ جو نالو ڏنو ويندو آهي. اِهو ممڪن ئي ناهي ته ڪنهن شهر جي گهٽي گهٽي ۾ ڪچي شراب جون بٺيون هلندڙ هجن ۽ مقامي پوليس کي ڪا خبر ئي نه هجي. پوليس کي نه صرف سڀ خبر هوندي آهي پر هِن قسم جو ڪڌو ڪاروبار اڪثر سندس سرپرستي ۾ ئي ٿيندو آهي، جتان روزاني، هفتي ۽ مهيني جي حساب سان سندس حصو پتي مقرر ٿيل هوندو آهي، جنهن ذريعي اها پنهنجو ڀڀ ڀري قيمتي انساني جانين کي انهن منشيات فروشن جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏيندي آهي. مان ته اِن خيال جو آهيان ته هي جيڪا منشيات فروشي آهي، اها به دهشتگردي کان گهٽ ناهي. هڪڙا اهي دهشتگرد آهن، جيڪي گوليون هڻي، بم ڦاڙي بي گناهه ماڻهن کي موت جي وادين طرف ڌڪي ڇڏين ٿا ۽ ٻيا اُهي منشيات فروش آهن جيڪي ماڻهن جي رڳن ۾ نشي جهڙو زهر لاهي انهن کي موت جي وادين طرف ڌڪي ڇڏين ٿا، جيڪي به دهشتگردن کان گهٽ ناهن. جهڙي نموني دهشتگردن خلاف آپريشن هلندڙ آهي اهڙي نموني هنن منشيات فروشن خلاف به ڀرپور آپريشن ٿيڻ گهرجي، جنهن ۾ سندن صفايو ٿيڻ کپي. موجوده آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا اِن ئي ٽنڊي محمد خان ضلعي سان واسطو رکندڙ آهي، هن جي چارج سنڀالڻ جي ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ٿيل ايڏو وڏو واقعو سچ پچ هِن لاءِ ٽيسٽ ڪيس آهي، هاڻي ڏسڻو اِهو آهي ته هي پنهنجي ڊپارٽمينٽ ۾ موجود هنن ڪارين رڍن سان ڪهڙو حساب ڪتاب ڪري ٿو جيڪي ڏهاڙي جي چڪر ۾ قانون، انصاف ۽ انسانيت جا ليڪا لتاڙي رهيا آهن. پاڻ ڪجهه ڏينهن اڳ هنن ئي صفحن ۾ اي ڊي خواجا کي اِن اميد سان ويلڪم ڪيو هيوسين ته هو نه رڳو امن امان جي مجموعي صورتحال کي بهتر بڻائيندو پر پنهنجي کاتي ۾ موجود انهن ڪنين مڇين کي به هڪ پاسي ڪندو جيڪي هِن ڊپارٽمينٽ لاءِ سچ پچ ڪنهن داغ مثل آهن.

چيو پيو وڃي ته ٽنڊي محمد خان جي پوليس کي نه صرف ڪچي شراب جي بٺين جي مڪمل طور تي ڄاڻ هئي، پر عوامي شڪايتن تي لڳ ڀڳ 2 مهينا اڳ ڇاپو هڻي هڪ هزار کان مٿي ڪچي شراب جا ڊرم هٿ ڪيا ويا هئا، جن ۾ هزارين ليٽر شراب موجود هو، اِهو شراب سڌي سنئين ڳالهه آهي ڪو واٽر ڪپن يا غيرآباد زمينن تان هٿ نه ڪيو ويو هوندو، ضرور ان جا ڪي ٺاهيندڙ ۽ وڪرو ڪندڙ هوندا، پر انهن جو ڇا ٿيو ۽ کين ڪهڙي سزا ملي، ان بابت ڪابه خبر چار ڪانهي، اسان وٽ اڪثر ڪري ان قسم جا ڇاپا وقت گذرڻ سان گڏوگڏ ڇپر ڪيا ويندا آهن ۽ ڳالهه کي ڄاڻي واڻي آيو ويو ڪيو ويندو آهي. هي ڪو پهريون موقعو ناهي، جنهن ۾ ڪچو شراب واپرائڻ سبب قيمتي انساني جانين جو نقصان ٿيو هجي، پر اسان وٽ ماضيءَ ۾ به اهڙي قسم جا ڪيترائي واقعا ٿي چڪا آهن. خاص ڪري مختلف تهوارن جي موقعن تي هن قسم جا واقعا ٿيندا رهيا آهن، پر هر ڀيري ڪجهه ڏينهن ميڊيا تي خبرون هلڻ کانپوءِ معاملو ماٺ ميٺ جو شڪار ٿي ويندو رهيو آهي ۽ وري هڪ نئون واقعو سامهون ايندو رهيو آهي. هن قسم جي واقعن کي روڪڻ لاءِ جنهن قسم جي سنجيدگيءَ جي ضرورت آهي ۽ جنهن قسم جي ڪارروائيءَ جي ضرورت آهي، اها ڪڏهن به نظر نه آئي آهي. هڪڙا عنصر ته اُهي آهن، جيڪي زهر وڪڻي گهر اجاڙين ٿا ۽ ٻيا عنصر اهي آهن، جيڪي انهن زهر وڪڻندڙن جي پشت پناهي ڪن ٿا، جن ۾ پوليس کان وٺي بااثر سياسي ماڻهو شامل آهن. ٽنڊي محمد خان ۾ ٿيل واقعي بابت به اِهي ئي خبرون آهن ته اِهو ڪچو شراب مقامي سياسي اڳواڻ ۽ مشهور ملهه پهلوان جي بٺي تان خريد ڪيو ويو، جيڪو سرعام ڪچو شراب وڪڻندو آهي. جيتوڻيڪ ماڻهن ڪاوڙ ۾ ان جي بٺي سميت گهر ۽ اوطاق کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو آهي، پر هي منشيات فروش فرار آهي، 40 کان وڌيڪ ماڻهن جي هن قاتل سان ڪهڙو حساب ڪتاب ٿيندو، اِهو سوال بهرحال پنهنجي جڳهه تي قائم آهي. جيڪڏهن ماضيءَ جي واقعن جيان هِن واقعي کي به وقت گذرڻ سان گڏ آيو ويو ڪيو ويو ته اِهو سچ پچ هڪ وڏو الميو هوندو. جنهن گهر مان هڪ ئي وقت 3-3 جنازا کڄيا هجن، ان گهر جي حالت ڇا هوندي ۽ ان گهروارن تي ڇا گذرندو هوندو، هڪ انساني دل رکندڙ ان درد کي چڱيءَ طرح سمجهي سگهي ٿو.

جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته منشيات فروشي وارو هي مسئلو صرف هڪڙي ٽنڊي محمد خان تائين محدود ناهي، پر سنڌ جي هر شهر ۽ هر ڳوٺ ۾ سرعام اڏا قائم ٿيل آهن، جتان سرعام هر قسم جو نشو ملي وڃي ٿو، پوءِ اُهو ڪچو شراب هجي، پڪو شراب هجي، هيروئن هجي، چرس هجي، آفيم هجي، گٽڪو هجي، مين پڙي هجي يا ڪو ٻيو نشو هجي. اڄ جي معاشي تنگي، گهريلو مسئلن ۽ سماجي اڻ برابري واري هِن ماحول ۾ ماڻهو نشي ۾ پناهه وٺڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، جيڪو کين هر گهٽيءَ ۾ ڏاڍي سولائيءَ سان ملي وڃي ٿو. هتي ڪير به اهڙو ناهي جيڪو ماڻهن جي ذهنن کي تبديل ڪري، سندن مسئلن جي حل جي سلسلي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ۽ کين زندگي طرف واپس موٽائي اچي ۽ انهن کي اِهو شدت سان محسوس ڪرائي ته نشو ڪنهن به مسئلي جو حل ناهي، اُهو پنهنجي زندگيءَ کي پاڻ تباهه ڪرڻ آهي. اسان وٽ حڪومتي سطح تان نشي جي لعنت کي ختم ڪرڻ ۽ منشيات فروشن خلاف ڪارروائي جا اعلان ته وڏي واڪي ٻڌڻ ۾ اچن ٿا، پر عملي طور تي جيڪو ڪردار ادا ڪرڻ ۽ جيڪا ڪارروائي ڪرڻ جي ضرورت هجي ٿي، اُها نٿي ٿئي. هڪ رپورٽ مطابق روزانو ڪروڙين رپين جو نشو وڪرو ٿئي ٿو، جنهن مان منشيات فروشن کي ڪروڙين روپيه ڪمائي ٿئي ٿي، اسان جو نئون نسل ڏاڍي تيزيءَ سان منشيات جي باهه ۾ سڙي ڀسم ٿي رهيو آهي. ڪير به ڪونهي جيڪو هنن منشيات فروشن جي موت جي وکر واري دڪانداري بند ڪرائي. بس ڳالهيون آهن، جن ذريعي ماڻهن جي دل وندرائي وڃي ٿي.

هر شهر ۽ هر ڳوٺ ۾ منشيات جو اِن انداز ۾ سرعام وڪرو ٿي رهيو هجي ۽ مقامي انتظاميا کي ان جي خبر ئي نه هجي، اِهو ڪيئن ممڪن آهي؟ جيڪڏهن ڪير اهڙي قسم جي نڪ جي پڪائي ڪري ٿو ته اِن کي نااهلي کانسواءِ ٻيو ڪهڙو نالو ڏئي سگهجي ٿو؟ حقيقت اِها آهي ته سڀني کي خبر آهي، پر هڪڙا ڪن فائدن تحت خاموش بڻيل آهن، ٻيا انهن منشيات فروشن جي اثر رسوخ سبب خاموش بڻيل آهن ۽ ٽيان ”منهنجو ڇا“ واري سوچ تحت خاموش آهن، انهن ۾ مقامي انتظاميا به اچي وڃي ٿي، سياسي سماجي ڌريون به اچي وڃن ٿيون ته عام ماڻهو به اچي وڃن ٿا ۽ اِن سوچ هِن منشيات جي ڪاروبار کي وسيع ڪرڻ ۾ مدد ڏني آهي. هن صورتحال ۾ جڏهن اسان کي مقامي انتظاميا جي ڪردار جي سڄي خبر آهي ته اُهو ڪهڙو آهي، تڏهن بجاءِ ان جي آسري تي ويهڻ جي ڪجهه مڙسي عام شهرين کي به ڪرڻي پوندي ۽ منشيات جي اڏن کي بند ڪرائڻ ۾ پنهنجو پريشر سامهون آڻڻو پوندو. هي منشيات فروش ڀلي ڪيتري به پٺ رکندڙ هجن، پر اُهي عام شهرين کان ڏاڍا ناهن، جيڪڏهن عام شهري هنن خلاف هڪ ٿي وڃن ته کين پنهنجي زهر واري دڪانداري هر صورت ۾ بند ڪرڻي پوندي. ٽنڊي محمد خان واري واقعي تي صرف افسوس جو اظهار ڪرڻ ڪافي ناهي، پر هِن واقعي جي مڪمل طور تي جاچ ڪري ملوث عنصرن خلاف سخت ڪارروائي جي پڻ ضرورت آهي. رڳو ايترو ئي نه پر منشيات فروشن خلاف اهڙو ئي آپريشن ڪرڻ جي ضرورت آهي، جهڙو دهشتگردن خلاف ڪيو پيو وڃي.

wahidparas@yahoo.com

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *