تازيون خبرون

هو سنڌ جو سچو عاش هيو!:عبدالوهاب مشي

هي 1983 کان 1986ع جي دور جي ڳالهه آهي، جڏهن منهنجي پنهنجي گهر (منشي هائوس) تي پنهنجي بابا شهاب الدين منشي وٽ  سنڌ جو ناميارو اديب، ليکڪ، قلمڪار،شاعر شمشير الحيدري پنهنجي ڏُکي صحافتي دور ۾ اسان جي گهر رهندو هيو، ته اُن وقت 1986ع واري سخت دور ۾ سنڌي ماڻهن مٿان جنرل ضياءَ جي آمريت جو ڏَمر هيو،

جڏهن فوجي آمريت سنڌي نوجوانن، شاگردن کي ڌاڙيل ڄاڻائي مارائيندي هئي، ته اُن وقت مون پنهنجي گهر ۾ ضياءَ آمريت خلاف عملي، هلچل دوران ڪڏهن بشير خان قريشي، ڄام ساقي، شيخ اياز، ابراهيم جويو، مرحوم يوسف جکراڻي، عابده پروين، حليم باغي، اظهر جتوئي، ڪامريڊ مير محمد ٽالپر، سڪينه سمون، مير حسن آريسر، دستگير ڀٽي، ناز سهتو، جي اين مغل، جمن دربدر، شهمير چوهاڻ، ڊاڪٽر هرچند لوهاڻو، قاسم پٿر، علي محمدچنه، تاج جويو، سودو گهڻئي شاگرد نوجوان اُن وقت اسان جي اوطاق تي ايندي ڏٺا هيا. اُتي مون پنهنجي ننڍپڻ ۾ هڪ اڇي جي رنگ جي پوٽوهار جيپ ۾  عبدالواحد آريسر کي به ڏٺو، عبدالواحد آريسر ضياءَ جي سڄي آمريتي عرصيءَ ۾ جڏهن حيدرآباد ايندو هيو ته سندس رهائشي ٺڪاڻو منشي هائوس رهندو هو.

مون کي اڄ به چڱي طرح ياد آهي، ته هڪڙي پاسي اسان جي روڊ تي فوجي گاڏين جا دستا هلندا هيا، ته ٻئي پاسي عبدالواحد آريسر سان ملڻ جي لاءِ سنڌ يونيورسٽيءَ جي نوجوانن جا هڪڙا قافله ڪاٽن جي اڇي جوڙن، سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ پهريل نوجوان ايندي ويندي وارو منظر مان ڪڏهن نٿو وساري سگهان، عبدالواحد آريسر کي جيڪڏهن سنڌ ڌرتي جو سچو پٽ، عاشق ۽ هن وطن سان ڪميٽڊ ليڊر لکان ته اهو سچ هوندو. عبدالواحد آريسر جو  هڪڙو دور اُهو هيو

جڏهن هو حافظ قرآن هوندي ضياءَ جي آمريت ۾ روپوشي دوران کوکر پاڙي جي جورهاڻي مسجد ۾ پيش امام بڻجي پنهنجي زندگي سادگيءَ سان گذاري، اُهو سندس روپ به ڌرتي سان عشق ۽ پيار جي انتها واري دور کان گهٽ نٿو لکي سگهجي، عبدالواحد آريسر ٿر جي ريگستاني مٽيءَ کان ويندي هن ڌرتي جي ڪُنڊ ڪُڙڇ کان چڱي طرح واقف هيو.

جڏهن به سنڌ ۽ سنڌيت تي ڏُکيو وقت آيو ته مون کيس هن ڌرتي لاءِ تڙپندي ڏٺو، عبدالواحد آريسر جو منهنجي خاندان سان هڪ اڻٽُٽ رشتو ۽ بابا سان هجت ۽ قرب جي ڪري هو منهنجي تمام گهڻي عزت ڪندو هيو. 1990ع ۾ مون جڏهن باضابطه طور تي صحافتي زندگي ۾ پير رکيو، ته 1992ع ۾ شهيد بشير خان قريشي سان سينٽر جيل حيدرآباد ۾ ملاقات تي عبدالواحد آريسر سان به جيل ۾ ملاقات ٿي، مون ڏانهن نيهاري هو بشير خان قريشي کي چوڻ لڳو ”ته توکي ابو منشي جي ماڙي واري گهر جون يادگيريون هونديون، جڏهن اُتي اسين جمع ٿي ميلا مچائينداسين هياسين، مون کي اڄ به ادي آمنه جي هٿن جي اڇن چاورن ۽ ٻوڙ جي خوشبو نٿي وسري“.

عبدالواحد آريسر هڪ درويش صفت، سياسي اڳواڻ هيو، جنهن ڪڏهن رياست آڏو پنهنجو ڪنڌ ڪونه جهڪايو،ڪڏهن ڪو پنهنجي نياڻي اندرا لاءِ مال متان نه ٺاهيو، عبدالواحد آريسر جي سادگيءَ جي انتها اها هئي ته هو مون کي هميشه اهو چوندي نظر آيو، ته مان ڪڏهن پنهنجي زندگي ۾ ڪو بئنڪ اڪائونٽ ڪونهي کولرايو، جيڪڏهن تون منهنجو بئنڪ بينلس ثابت ڪري وڃي، ته مان توهان جو ڏوهاري آهيان.

هن ڳالهه کان انڪار ڪونهي، ته عبدالواحدآريسر جي چاهي ها ته هڪ خوشحال زندگيءَ گذاري ٿي سگهيو ته پر هُن سنڌ خاطر سدائين فقيري زندگي گذارڻ پسند ڪئي، کيس فقير زندگي کي مون پاڻ ڏٺو ته سندس زندگي ۾ هڪ اهڙو وقت آيو، ته عمرڪوٽ کان حيدرآباد هڪ لوڪل بس ۾ ايندو ويندو هيو،

ضرور عبدالواحد آريسر جي سياسي ۽ ادبي زندگيءَ جي گهڻن پاسن سان اختلافي راءِ رکي سگهجي ٿي جتي مان سندس تحريرن ۽ ڪالمن جو مداح آهيان، اُتي مان سندس سياسي زندگيءَ تي شديد تنقيد ڪندي ساڻس اختلافاتي راءِ به رکي آهي، مان ڪڏهن سنڌو ديش جي سياست ۽ سائين جي ايم سيد جي سياسي نظريو جو حامي ڪونه رهيو آهيان، پر سندن ادبي پورهئي کان ڪنهن صورت انڪار نٿو ڪري سگهجي.

هڪ ڀيرو حيدرآباد ۾ جيئي سنڌ ميڊيا سينٽر تي منهنجي عبدالواحد آريسر ۽ شهيد بشير خان قريشي سان ڊگهي ڪچهري جو موقعو مليو، مون ساڻن شديد اختلافات رکندي پنهنجو اهو موقف رکيو، ته جهڙي طرح توهان ايم ڪيو ايم ۽ الطاف حسين کي اڄ پنهنجي نيڪ نيتي سان سنڌ جي جهر جهنگ ۽ ڪُنڊ ڪُڙڇ ۾ وٺي وڃي رهيا آهيو، سڀاڻي هي ڪڏهن به حقيقي طور سچا ٿي توهان جو ساٿ ڪونه ڏيندا، هو ڪڏهن به پنهنجي مهاجر سياست جو نعرو ختم ڪري اصل سنڌ ڌرتي جا پٽ ڪونه سڏائيندا،

اڄ وقت پنهنجي تيز رفتاري سان گذري ويو، شهيد بشير خان قريشي ۽ عبدالواحد آريسر ته هن فاني دنيا مان موڪلائي ويا پر ايم ڪيو ايم اڄ ڏينهن تائين پاڻ کي حقيقي اصل سنڌ ڌرتي جو پٽ سڏڻ لاءِ تيار ڪونهي، ضرور عبدالواحد آريسر جون سنڌي قوم لاءِ ڪيل خدمتون ۽ ٻولي لاءِ ڪيل ويڙهه تاريخ ۾ هميشه اَمر رهندين، هو پنهنجن ڪالمن ۽ تحريرن جي شڪل ۾ پنهنجي مداحن ۽ پوئلڳن جي دلين ۾ هميشه جيئرو رهندو، هن ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته عبدالواحد آريسر جو موت سنڌي قوم لاءِ ڪنهن وڏي حادثي کان گهٽ آهي، هو نه رڳو هڪ سنڌي قومپرست پر هڪ وڏو ليکڪ ۽ نقاد هيو، سندس بيباڪ ڪردار جو رياست آڏو ڏوهه رڳو ايترو سمجهي سگهجي ٿو، ته هن سنڌ ڌرتي سان مرڻ گهڙي تائين عشق ڪيو، جنهن لاءِ فيض احمد فيض لکيوآهي:

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *