تازيون خبرون

هن مرڪ مهانگيءَ دنيا ۾…..!!: پروفيسر منير ڊومڪي          

شيخ اياز جي شاعري صرف حسن ۽ رومانس جي شاعري ناهي،پرهن جي شاعري ڏکن ۽ غمن جي نه کٽندڙ داستانن سان به ڀريل آهي.هو پنهنجي نرالي ۽ فلاسفيڪل شاعري جي ذريعي نه فقظ ڏک جي فطرت ۽ علاج جي باري ۾ ٻڌائي ٿو،بلڪه ان جو فلسفو به ڳوڙهي نموني بيان ڪري ٿو.ان کان علاوهه، ايازڪنهن هڪ عدد ڏک جي ڪري مغموم ناهي،هو ته هر طرف کان ڏکن ۾ وڪوڙيل نظر اچي ٿو.شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ اسان کي هن جو ذاتي ڏک، زندگيءَ جو ڏک، سنسار جو ڏک، محبوبا جو ڏک، عاشقن جو ڏک، ديس ۽ ڌرتي جو ايذائيندڙ ڏک ۽ ڪل انسانيت جو ڏک اڻ کٽ نظر اچي ٿو.سورن، ڏکن ۽ دانهن جي اظهار کانپوءِ هو اسان کي ڏک جي فطرت جي باري ۾ سمجهائي ٿو.اياز جيئن ته مهان قوي هو،هن پنهنجي شاعريءَ ۾ دانسته ڏک کي خوشيءَ جي مٿان ترجيح ڏئي ٿو،هوته خوشي جي گھڙي جي عدم موجودگي ۽ ان جي عارضيت ۽ فانيت واري فطرت تي سوال ڪندي ۽ درد جي دائمي صورت تي هر وقت ويچاريندي نظر اچي ٿو،ايتري تائين جو باوجود ننڊ ۽ موت جي،جن کي اڪثر درد جي انت جا ذريعا سمجهيا ويندا آهن،اياز درد جوپنهنجو هڪ الڳ آزاد وجود سمجهي ٿو.

اي خوشي!تون زندگيءَ ۾ ڪيترو اڻ لڀ هئينءَ.

**

ياد جنهن جي اچي پئي پل پل،

سا خوشيءَ جي گهڙي ڪٿي آهي؟

**

خوشيءَ جا راڳ ڳائيندا به ڪيسين آشيان وارا!

افسوس آه وفغان سان گونجندا رهندا؟

**

درد کي پنهنجو وجود آهي اياز،

موت آهي ننڊ وانگر ڏينهن رات.

خوشي ماڻهوءَ جي زندگيءَ ۾ اڪثر اڻ لڀ آهي ۽ جيڪڏهن ٿورڙي گھڻي خوشي آهي به ته ان جي فطرت فراريت آهي ۽ جڏهن ته غم مان ڪوئي فرار ناهي،ماڻهو پنهنجي غمگين جيءُ کي ريجهائي ته ڀلا ڇا سان ۽ ڪيئن ريجهائي؟

ڪوئي غم مان فرار ناهه،اياز.

اياز جي نظر ۾ غمگين جيءُ کي بهلائڻ جو علاج پوءِ يا ته خود غم ۾ آهي يا وري ماڻهو کي ان جي علاج لاءِ فطرت ڏانهن لڙڻ کپي.

اي خوشي!تون زندگيءَ ۾ ڪيترو اڻ لڀ هئينءَ،

مون ته سارو وقت غم سان جي بهلايو هو.

**

آءُ بادل مان به روئان تون به رو،

مان به غم جا داغ ڌوئان تون به ڌو.

پڙهندڙن کي شيخ اياز جو فلسفهءِ ڏک سمجھڻ ۾ جيتريون آسانيون نظر اچن ٿيون،ته اتي ئي انهن کي وري اوترين پيچدگين سان به منهن ڏيڻو پوي ٿو.هڪ طرف ايازڏک جي گھٽ ڪرڻ يا ان جي ختم ڪرڻ لاءِ فطرت ڏانهن وڃڻ جو ڏس پتو ڏئي ٿو ته ٻئي طرف ان ساڳئي فطرت ڏانهن ويندي اياز جا پنهنجا پراڻا سور ۽ ڦٽ اوچتو ٻيهر جاڳي پون ٿا:

اي اياز اوچتو ڦًٽ کولي وئي،

چيٽ جي چاندني،هير ولهار جي.

**

آئي رات رابيل جي، دل ۾دود دُکيو.

**

سمنڊ اونهو، اداس سانجهي آ.

ايازمطابق انسان جي اهميت ٻين کان ان ڪري به وڌيڪ آهي،ڇو ته هن جي اندر دک ۽ انسانيت جا ڪومل احساس ۽ معصوم تمنائون آهن،جن کان فطرت توڙي خدا جي ٻي مخلوق نراهه آهي.غمذدهه دل جي اڻ پورين خواهشن جي شدت ۽ اهميت جي،بهارين(خوشين)کي ڪهڙي پروڙ؟!

دل افسرده جون تمنائون،

هو سراپا بهار ڇا ڄاڻي!

هڪ انسان جو ٻئي انسان سان وڏي ۾ وڏو رشتو ڪهڙو هوندو آهي؟هن جي نظر ۾ اهو درد جو رشتو هوندو آهي.شيخ اياز جي ڏک جو فلسفو هن نقطي تي اچي پنهنجي انتها تي پڄي ٿو،جڏهن هو چوي ٿو ته اهو صرف ڏک ۽ درد جي رشتي جو ڪمال هوندو آهي،جنهن سان سڀ انسان پاڻ ۾ هڪ ٿي ڳنڍيل هوندا آهن ۽ جڏهن ته سک جي رشتي جي ڳوڙهي ڳنڍ ايتري ڳوڙهي نه هوندي آهي، جيتري اها نظر ايندي آهي.

سڀ انسان ٻڌا پيا آهن،

ڏک جي ڪنهن رشتي ۾،

اهڙي ڳوڙهي ڳنڍ نه آهي،

سک جي ڪنهن رشتي ۾.

۽ ڏک جي بندهن جو ڪمال اهو به آهي ته:

جيئڻ مرڻ جي هر ناتي کي،معنى ڏين ٿو.

ان کان علاوهه پنهنجي مٿين ڳالهه جي تائيد ڪندي اياز اهو به سوال اٿاري ٿو ته:

ڏک ۾ ڪو ڪو ڏڍ ،سک ۾ ساٿي ڪيترا؟

درد جي ڀوڳنائن مان ماڻهو کي هيکلو گذرڻو هوندوآهي،ته پوءِ درد ڄڻ ته ڪنهن ڄاڻو استاد وانگر ڀوڳنائن مان گذرندڙ ان ماڻهو کي اهو ڪجهه سيکارين ٿا،جيڪي دنيا جا مصنوعي ڏيکاءُ ۽ سکيا جا اداراهه به نٿا سيکاري سگهن.اهو ئي سبب آهي،جو اياز جو من به ڏکن جي دولت ۽ هر آفت لاءِ هر وقت لڇيو پئي ۽ هو درد جي ڀوڳنا جي رات آزمائڻ ۽ ڏک جي ڏات ڳائڻ لاءِ اسرار ڪري ٿو.

ملي منهنجي من کي،دُکن جي دولت،

اچي هر آفت، وڏا هار هنئين کي.

**

درد جي رات آزمائي ڏس،

جا ڏني ڏک ڏات ڳائي ڏس.

اياز جو ته نسورو وجود سور آهي،پوءِ ڀلا هو ڪيئن نه دانهي؟اهڙي درد جي ايذائن مان گذرندڙ تخليقڪار کان خوشي جي ڳيچن جي توقع ڪرڻ هن جي ڳلي کي وڌيڪ تڪليف ڏيڻ جي برابر آهي.هن جي من ۾ دک جو ڪويل ڪوڪي ڪوڪي ايئن ساڻو ٿي پيو آهي جيئن ڇوڙَ وٽ سنڌو وهندي دانهي ٿي.

سڄو سور آهيان ڀلا ڪئن نه دانهيان!

اڃا ڳيچ ڳايان؟ گُهٽين ٿو گلو ڙي!

**

جيئن ڇوڙَ وٽ سنڌو وهندي آهي؛

۽ دک منهنجي من ۾ڪويل وانگر،

ڪُوڪِي ڪُوڪِيساڻو ٿي پيو آهي.

ماڻهو پنهنجي ذاتي ڏک کي ته ڪڏهن ڪڏهن وساريو ڇڏي،پر پرين پيارن جي ڏهاڳ جو ڏک ساهه کي هڪ پل لاءِ به سکيو نٿو رکي.

آئي رات رابيل جي، دل ۾ دود دُکيو،

ناهه ساهه سکيو،تو بن پل ليءِ اي پرين.

جيئن مٿي اڳ ۾ ئي اسان اياز جي درد جي ڳوڙهي فلسفي جو ذڪر ڪري آياسين،ته هو خوشي کي ڏک جو عدم موجود ڪوٺي ٿو،اهو ئي سبب آهي جو اياز درد توڙي دردِ يار کي هڪ ڪري پڪاري ٿو،ڇو ته درد کان بغير ڪا به مسرت مڪمل ناهي.

تو بنا ڪا خوشي مڪمل ناهه،

آءُ اي درد يار! موٽي آ!

اياز هڪ مڪمل قوي هو،هو درد ۽ پيڙا وارن اذيت ڏيندڙ گھڙين ۾ نه فقط پنهنجي پرسانِ حال کي ساري ٿو،پرهوانهن غمذدهه عاشقن کي به ياد ڪري ٿو،جن جون اکيون اڃايل ۽ دل دردن سان دکايل آهن.

اکيون عاشقن جو اڃايل اڃايل،

دليون درد واريون،دکايل دکايل.

اياز جي گهايل من جا گيت صرف پرين ۽ ڏکايل عاشقن جي ڏک تائين محدود ناهن،بلڪه هن جو هڪ هڪ گيت هن جي ڌرتيءَ جي ڏکن ۽ هانوَ کي وڍ ڏيندڙ واڪو واڪاڻ ۽ نه کٽندڙ داستانن سان به ڀريل آهي،هو پنهنجي ديس جي اٿاهه درد کي پنهنجي ئي وجود جو حصو سمجهي ٿو ۽ ان جي ڪنڊ ڪرڇ مان ٻڌندڙن ڪهڙن ڪهڙن دانهن جي دانهن ڏي ته ڪنهن کي ڏي ڀلا؟

گيت منهنجو ڌرتيءَ جي دانهن….

دانهون دانهون ديس جي،

ڪنهن کي دانهن ڏيان!

**

اي ڌرتي، ڇا ڇا دانهن ٻڌي،

مون تنهنجي واڪي واڪي ۾،

۽ تنهنجي گهايل مُرڪَ ڏٺي،

مون پنهنجي لُونءَ لياڪي ۾.

شيخ اياز هڪ دورانديش شاعر هو،هن کي ان ڳالهه جي اڳواٽ سڌ هئي،ته سنڌ ديس جي سورن ۾ گذرندڙ وقت سان يا ايندڙ وقت ۾ به شايد ئي ڪمي اچي،جيستائين وفاق پنهنجي ذهن مان سنڌ سان تعصب ۽ ٻٽي روش ۾ گھٽتائي نٿي آڻي.اڄ به سنڌ ڌرتيءَ جا دک اهي ساڳيا آهن،جيڪي اياز جي عهد جا هئا.اڄ، اياز جي دور جو ون يونٽ جو دور ته ناهي،پرحاليه حالتن ۾ ان جي جهلڪ ضرور نظر اچي ٿي.اڄ به بند ٻورين ۾ لاش آهن،

هي سنڌوءَ جي ڇر ۾ تنهنجو لاش پيو آ…

سنڌ ۾ پيئڻ جو صاف پاڻي۽ بجلي اڻلڀ آهن.وفاق جي معشيت ۾ 65 سيڪڙو پنهنجو حصو ڳنڍيندڙ اياز جي سنڌ جي اڪثر ماڻهن جي حالت غربت جي لڪير هيٺ گھاريندڙ آهي.گئس کي ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ جهجي مقدار ۾ پيدا ڪندڙ سنڌ،ان وٽ خود گئس ڪونهي.اڄ به ٿر جي ڪاري سون(ڪوئلو)کي ۽ ”ڪاري باغ“کي ٺاهڻ ۽ سنڌ کي سڪائڻ جا هاڃيڪار منصوبه تلوار وانگر لٽڪيل آهن.ڪن ڪن ماروئڙن اڳيان ان ڪڻا آهن،سنڌ جي اڪثر ڳوٺن ۾ وڃي ڏسو، ته اتي ڪيئن ماڻهو صرف ماني بصر ۽ لوڻ تي پنهنجو گذارو ڪن ٿا.باقي سڄي ڌرتي بک ۾ پاهه آهي.ڪيترائي سج اڀري ۽ لهي ويا،پر اياز جي سنڌ جي ڏوٿيئڙن جا ڏک اڄ به اهي ئي ساڳيا اهن،جيڪي اياز پئي ڏٺا.

عمر گذري وئي،

دُک هن ديس جا،

اڄ به ساڳيا هئا،

جي هئا مون ڏٺا،

سال چاليهه اڳ،

ڪو به ڦيرو نه آ،

ديس جي دانهن ۾!

**

ڪنهن ڪنهن آڳر اَن ڪڻا ڀونءِ نِسوري بُکَ،

ڪهڙا ڪهڙا مون ڏٺا، ڏوٿيئڙن جا ڏُکَ!

سنڌ نه سنڀري، اُڀري سِجَ لهي ويا.

شيخ اياز جيئن ته عالمي قد ڪاٺ جو شاعر هو،انهيءَ ڪري هن پنهنجي شاعريءَ جي ذريعي نه فقط پنهنجي ماروئڙن جي ڏکن جا نوحا ڳايا،پرفلسطين کان وٺي هيروشيما ۽ ناگاساڪي تائين اياز هر انسان جو ڏک پنهنجو ڏک سمجهي،انهن جي دردن جي داستانن کي نه فقط ڳوريءَ دل سان ڳايوپرانهن دکي انسانن سان بي لوث گڏ هجڻ جو يقين به ڏيارايو.

جنهن تي به ٿيو،جنهن وقت ٿيو،جنهن جاءِ ٿيو،

سو مون تي ظلم ٿيو آهي،

ڪا ٻانهه وڍي،مون دانهن ڪئي،جو ڪانهه ڪپيو،

سو منهنجي ڪنڌيءَ جو آهي،

ڪوئي به ڪُٺو جيڪو به ڇرو جنهن تي به هليو،

سو منهنجيءَ رتُ رتو آهي.

**

آءُ اوهان سان گڏ آهيان،دکي انسانو!

هو،جنهن سنڌ توڙي سڄي سنسار ۾ جتي ڪٿي ناتوان ۽ هيڻن انسانن جا بي تهاشا ڏک ڏٺا ۽ پنهنجن توڙي انهن دکي ماڻهن جي نيڻن ۾ايندڙ لڙڪن کي هر وقت پئي اگھيو،آخر تائين دکدائڪ ٿي اهو ڏک به ڇڏي ويو ته:

هن مرڪ مهانگيءَ دنيا ۾،

مان ڪنهن جا ڪنهن جا لڙڪ اگھان.

(ليکڪ انگريزي ادب جو استاد ۽ ايم.فل اسڪالر آهي)

Muneerdomki84@gmail.com

 

 

 

 

 

 

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *