تازيون خبرون

هنن سياسي ڪرتبن جو ڪو دنگ به آهي؟: شفيق الرحمان شاڪر

هن وقت ملڪ جون حالتون مونجھارن،مسئلن ،معاملن ۽ مشڪلاتن جي جنهن دڳ تي بيٺل آهن انهن جو اندازو ۽ ادراڪ اڃا تائين شايد اسان جي هن نام نهاد  حڪمران اشرافيا کي نه ٿيو آهي.ملڪ جي سلامتيء ۽ بچاء واري بيهڪ،معاشي ڪمزوريءجو قصو،سياسي ڇڪتاڻ وارو ماحول، مختلف رياستي ادارن جي پاڻ ۾ اڻبڻت، غيرملڪي دٻاء،امن امان جي ابتري،حڪومتي ادارن جو غير فعال بڻجي وڃڻ، مزاحمتي تحريڪن ۽ احتجاجي ڌرڻن جون ڌمڪيون، عدالتن سان محاذ آرائي ،هر هنڌ  معصوم ٻارن سان ٿيندڙ جنسي زيادتيون ۽ قهري قتل،آس پاس جي خطي ۾ تيزيء سان تبديل ٿيندڙ صورتحال،عدالتن جا پاڻ مرادو ورتا ويندڙ نوٽيس،هر قومي ۽ سرڪاري اداري اندر ظاهر ٿيندڙ ڪرپشن جاڀنڊار،ڏينهن ٻن ۾ لاهور جي مال روڊ تي  مچندڙخوفناڪ سياسي ميلو.مطلب ته ان کان وڌيڪ هيجاني ۽ بحراني ڪيفيت ٻي ڪهڙي ٿي سگھي ٿي؟ اسان سڀ آخر ڪهڙو انتظار ڪري رهيا آهيون؟ ڪو منترياجادو جنتر ٿيندويا ڪو تعويذ لکيو پيو وڃي يا ڪو ڌاڳو ڦوڪيو پيو وڃي جنهن سان سڀ سڻايون ٿي وينديون.يا قوم جا ڪي اعليٰ دماغ هڪ هنڌ ويهي مٿن تي هٿ ڏيئي ڪو ترياق ڳولهي رهيا هجن.ڪي ڏاها ۽ دانشور گڏجي انهن سختين جو سٽ سلجھائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هجن.يا ڪي ساڃاهه وند پنهنجن سوچن جو ست کپائي انهن مصيبتن جو منهن موڙڻ جي محنت ڪري رهيا هجن.يا اسان جا “دورانديش” ۽ “حڪمت سان مالامال“ حڪمران پنهنجون ننڊون ڦٽائي ملڪ کي ان خطرناڪ ڌٻڻ مان ڪڍڻ جا پهه پچائي رهيا هجن.ڪنهن وڏي سانحي کان بچڻ لاء  هرطرف ڏيهه ۾ڏاهپ جا ڏيئا روشن ٿي ويا هجن يا ملڪ کي مونجھاري مان ڪڍڻ لئي ڪيئي مانجھي ميدان ۾ لهي پيا هجن.

اهڙو ته ڪجھه به نظر ڪونه ٿو اچي.“اها ئي ڪهاڙي،اهائي وڍڻ جي وار” يا “ اها ئي چري اهوئي جنڊ.” يعني اهي ئي الزامن سان ڀريل آواز،اهي ئي نفرتن سان تمٽار ٽهڪ،اهي ئي گارين سان ڀريل گفتا،اهي ئي حقارت سان معمور حرف،اهي ئي تهمتون ،طنز،طعنا،تبرا،اهي ئي زبان مان نڪتل زهرآلود تير،اهي ئي غصي کي ڀڙڪائيندڙ ڀالا،اهي ئي سياست جا سڀ سنڌا لتاڙي ذاتيات جو پوسٽ مارٽم،هي سڀ ڪجھه ڇا آهي؟ سياست آهي،ساڃاه ۽ شعور آهي،سنجيدگي آهي،جوش ، جذبو يا جنون آهي،مستي آهي،زور آزمائي يا زور نمائي،قصو ڪرڻ کان ڳرو آهي.سڌريل ۽ باشعور قومون مشڪلن ۽ بحرانن جي نازڪ مرحلن مان انهن افعالن سان اڪري پار پونديون آهن؟رهبر راه هلندڙ اڻ ڄاڻڻ جي ان نموني رهنمائي ڪري کين دڳ لڳائيندا آهن؟مايوسين جي اٿاه اونهاين ۾ غوطا کائيندڙ عوام کي ايئن گهلي ٻاهر ڪڍبو آهي؟ايئن ٿو لڳي ته ملڪ حقيقي رهبري ۽ ليڊريء جي خزاني کان ئي خالي ٿي ويو آهي.وڏا نالا،وڏا نعرا، وڏيون تصويرون،وڏا بيان،وڏيون ڳالهيون،وڏا عزم،وڏا ارادا،عوام کي زمين تان کڻي آسمان تي پهچائڻ جون دعوائون،ملڪ کي جنت بنائڻ جا اعلان،ترقيء جا اٺ جي آنڊي جيڏا اشتهار پر ملڪ ۽ عوام ڪٿي بيٺل  آهي؟

سڀني قصن ۽ ڪهاڻين جي آخر ۾  اهو عذر ته اسان جي خلاف سازش ٿي رهي آهي، اسان جا هٿ پير بڌل آهن،اسان کي ڪم ڪرڻ نٿو ڏنو وڃي.انهن کان ڪو هي سوال به پڇي ته هي جو ٻاهرين ملڪن ۾ اوهان جي مال ۽ دولت جا چرچا هلن پيا،اها دولت دوسو يا هوشوء جي ته ناهي.اها دولت ٺاهڻ ۾ ته اوهان جا هٿ پير ٻڌل ناهن.پنهن جي ذاتي فائدن ۽ ڪاروبارن جي ترقيء جي لحاظ کان ته اوهان هميشه پنهنجي دل جا بادشاه رهيا آهيو.نه ڪو پڇڻ وارو نه ڪو ڳاڇڻ وارو. باقي جڏهن ڳالهه اچي عوامي ڀلائيء جي ته توهان کي پنهنجا ٻڌل هٿ پير ياد اچيو وڃن.هي ڪنهن کي بيوقوف بنائي رهيا آهن؟سندن ئي هم نوائن مان ڪي چون ٿا ته ميان! سياستدان ويچارن جو ڪهڙو قصور! اصل ته سڄو کيل ئي اسٽيبلشمينٽ جو آهي.ڳالهه ته صحيح آهي پر ان کيل لاء اسٽيبلشمينٽ کي گھربل اداڪار ڪٿان حاصل ٿين ٿا؟ مارشلائن کي مرحبا چوڻ وارا ۽ جنرلن جا هٿ چمڻ وارا به اهي ئي سياستدان آهن.اهي پاڻ جيستائين اسٽيبلشمينٽ جو حصو آهن تيستائين امن ۽ انصاف آهي پر جڏهن اتان کين ڪو ٿڏو لڳي ٿو ته وڏا “نظرياتي” بڻجيو ويهن.آمرن جيڪو ملڪ جو حال ڪيو ان کان ڪنهن کي اختلاف آهي.اسٽيبلشمينٽ ماضيء  ۾ جيڪا راند رچائيندي رهي آهي انهيء ۾ ڪهڙي شڪ جي گنجائش آهي.جنرلن عوامي حڪومتن تي قبضو ڪري جيڪو زهر پکيڙيو ان جو اثر اڄ تائين اسان جي فضائن مان ناهي هٽيو پر هي به اهڙا پاڪدامن ناهن جهڙا پاڻ کي سڏائين ٿا.اڄ ملڪ جو جيڪو حال آهي ۽ جن مشڪلن ۾ اسين ڦاسي چڪا آهيون انهن جا اهي به اسٽيبلشمينٽ سان گڏ هڪجهڙا ذميدار آهن.بيوسين جو ماتم ڪرڻ بدران انهن سياسي ادارن کي مظبوط ۽ خودمختيار ڇونه بنايو.قومي نفعي بخش ادارا ڪيئن تباه ڪيا؟ميرٽ جو قتل عام ڪيئن ڪيو؟ عوام جيڪو هنن جي اصل طاقت ٿي پئي سگھيو تنهن کي تعليمي  ۽ معاشي طور تي پاڻ ڀرو ڪري ڇونه بيهاريو؟ انهن سوالن جو جواب بهرحال انهن کي ئي ڏيڻو پوندو.پاڪستان ۾ اختيارن ۽ ادارن ۾ سياسي تڪرار موجود رهندو ٿو اچي پر اهي ان تڪرار جو حقيقي نبيرو نه پر ان تڪرار کي سياسي طور تي ڪيش ڪرڻ ٿا گھرن.اهي پنهنجون سڀ معذوريون ،مجبوريون،نااهليون ۽ نالائقيون ان تڪرار جي جمنا ۾ ڌوئندا آيا آهن ۽ آئنده به ايئن ئي ڪندا. اهي سڀ جا سڀ ڪنهن نه ڪنهن نموني اهو مڃي چڪا آهن ته پاڪستان ۾ ٿيندڙ هر چونڊ جا نتيجا پهرين ئي مرتب ٿيل هئا پر ڇا انهن ۾ ايتري اخلاقي جرئت آهي جو ايندڙ چونڊن کان اڳ سڀ متفق ٿي اصل اختيار ڌڻين سان وڏي واڪي کلي ڳالهائين ته چونڊن کان پهرين ان سياسي تڪرار جو نبيرو ٿيڻ گھرجي ته حقيقي اقتدار ڪنهنجو هوندو؟ پر اهي ايئن هرگز نه ڪندا جو انهن جي ڪمزور ۽ معذور سياسي جسم کي هروقت ڪنهن نه ڪنهن مضبوط ڪلهي جي ضرورت رهي ٿي ۽ انهن جي ماضيء جي اخلاقي ۽ معاشي بدعنوانين جي قصن سان ڀريل هزارين خفيا فائيل انهن جا هانء ڏاري وجھن ٿا!

اسٽيبلشمينٽ،سياستدانن،حڪمرانن، عدالتن ،ميڊيا، مذهبي جمائتن ۽ ٻين سمورين ساڃاهه وند ڌرين کي سنجيدگيء سان سوچڻ گھرجي ته گھڻو ٿيو،هاڻي غلطيء جي ڪا گنجائش باقي نه رهي آهي  جو اسان جي رياست جي گاڏي حالتن جي جنهن موڙ تي بيٺل آهي اتي اهو سائين بورڊ نظر اچي رهيو آهي ته

“ خبردار!  اڳيان خطرناڪ کڏ آهي.”

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *