تازيون خبرون

 هاڻي ڪير اعتبار ڪندو؟؛سهڻي پارس

“چوڻي آهي ته جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي“  ۽ اها چوڻي صولت مرزا جهڙن خطرناڪ دهشتگردن لاءِ ئي شايد ٺهي آهي، جن وٽ انساني زندگي جي نه ئي ڪا اهميت آهي ۽ نه ئي ڪا حيثيت، ان ڳالهه سان هر ڪو سهمت هوندو ته اهڙن وحشي درندن جي پڄاڻي اهڙي ئي ٿيڻ گهرجي، جيڪا صولت مرزا جي ٿيي آهي پر منهنجو ان حوالي سان موقف ٿورو مختلف آهي، خاص طور تي صولت مرزا جي ڪيس ۾ اوچتو ٿيل اڳڀراين، اعترافن، الزام ۽ رازن تان پردا کڄڻ کانپوءِ گهڻن تجزيا نگارن وانگر منهنجو به اهو ئي خيال هو ته شايد هن ڀيري ڪجهه مختلف ٿئي پر ائين نه ٿيو ۽ صولت مرزا کي ان انجام تائين پهچايو ويو، جنهن  جو هو حقدار هو، مونکي صولت مرزا سان نه ڪا همدردي آهي ۽ نه ئي ان قسم جي ماڻهن کي مان انسانيت جي دائري ۾ آڻينديس، ڇاڪاڻ ته جيڪو ماڻهو ڪنهن بيڏوهي ۽ مظلوم کان جيئڻ جو حق کسي ٿو، ان تي نه رحم اچي سگهي ٿو ۽ نه ئي دل ۾ ان لاءِ ڪا همدردي پيدا ٿي سگهي ٿي، پر هتي ڳالهه انهن رازن، اعترافن ۽ الزامن جي آهي، جيڪي صولت سان گڏ ئي شايد هزارين مڻ مٽيءَ هيٺان دفنائجي ويا آهن. صولت مرزا جي زندگي تي جيڪڏهن هڪ نظر وجهجي ته خبر پوندي ته هو عادي ڏوهاري يا دهشتگرد نه هو ، هو اسان وانگر هڪ عام انسان هو، پر سندس زندگي ۾ اوچتو آيل تبديلين سندس اندر ۾ پلجندڙ هڪ عام انسان کي وحشي بڻائي ڇڏيو ۽ اهڙي ريت سياست جي چالبازين گهٽين ۾ ڪرڪيٽ کيڏندڙ هڪ نوجوان کي اهڙو خطرناڪ وحشي بڻائي ڇڏيو، جيڪو هاڻ ان ئي گندي سياست هٿان استعمال ٿيندڙ اهڙن ڪيترن ئي گمنام نوجوانن لاءِ عبرت جو نشان بڻجي ويو آهي، صولت مرزا کي هونئن ته 16 سال اڳ گرفتار ڪيو ويو ۽ قتل ڪيس ۾ کيس ڦاهي جي سزا به ملي هئي پر ان تي وڏي عرصي کان عمل نه ٿيو، نيٺ جڏهن  کيس ڦاهي ڏيڻ لاءِ ڊيٿ وارنٽ جاري ٿيا ته هن هلندڙ سال 18 مارچ تي ڇرڪائيندڙ رزا عيان ڪري، نه رڳو ملڪي سياست ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو پر ان کانپوءِ سندس ڦاهي جي سزا تي عمل ٻه ڀيرا به روڪيو ويو ۽ پوءِ هڪ گڏيل جاچ ٽيم جوڙي سندس بيان رڪارڊ ڪيو ويو ، جنهن کانپوءِ کيس 12 مئي تي بلوچستان جي مڇ جيل ۾ ڦاهي تي ٽنگي سندس باب سدائين لاءِ بند ڪيو ويو، صولت مرزا کي جڏهن ڦاهي اچڻ واري هئي ۽ کيس يقين ٿي ويو ته هاڻي سندس زندگي جا آخري پل آهن ته هن اهي راز اوڳاڇي ٻاهر ڪڍيا، جيڪي سالن کان سندس سيني ۾ سانڍيل هئا، اهي راز ۽ اعتراف جيتوڻيڪ خطرناڪ حد تائين ڇرڪائيندڙ هئا ۽ گهڻن ماڻهن جو خيال آهي ته هن اهو سڀ ڪجهه پاڻ کي بچائڻ لاءِ ڪيو هو پر چيو ويندو آهي ته جيڪو ماڻهو زندگي جي آخري گهڙين ۾ هوندو آهي، اهو ڪوڙ ناهي ڳالهائيندي، صولت مرزا جو سڀ کان وڏو انڪساف اهو هو ته کيس ماڻهو مارڻ جا حڪم ايم ڪيو ايم جو سربراهه الطاف حسين ڏيندو هو، جيڪي کيس بابر غوري ذريعي ملندا هئا، هن اهو به راز کوليو ته جنهن ڪيس ۾ کيس ڦاهي ڏني پئي وڃي، مطلب شاهد حامد قتل ڪيس، اهو قتل به هن الطاف حسين جي حڪم تي ڪيو، جيڪو کيس بابر غوري پنهنجي گهر گهرائي ڏنو هو. اهڙي ريت هن ٻي وڏيپڌرائي اها ڪئي ته ايم ڪيو ايم جي ڏوهاري ماڻهن کي 12 سالن کان سنڌ ۾ گورنر جي ڪرسي تي ويٺل ايم ڪيو ايم جي عشرت العباد  ذريعي تحفظ ڏنو وڃي ٿو، هي اهو ئي عشرت العباد آهي، جنهن لاءِ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا چيو ته هو ماضي جي مشهور ميجر ڪليم ڪيس ۾ ملوث آهي، صولت مرزا ان سان گڏ اهو به چيو هو ته پ پ حڪومت ۾ کيس ايم ڪيو ايم جي چوڻ تي جيل ۾ سهولتون ڏنيون وينديون هيون، هن ايم ڪيو ايم ۾ شامل ڪارڪنن کي اپيل ڪئي هئي ته هو مون مان عبرت حاصل ڪن، ڇاڪاڻ ته ايم ڪيو ايم اهڙي پارٽي آهي، جيڪا ڪارڪنن کي ٽشو پيپر وانگر بلڪل ائين استعمال ڪري اڇلائي ڇڏيندي آهي، جيئن کيس استعمال ڪري اڇلايو ويو آهي. صولت مرزا جا اهي فاش ڪيل راز ۽ اعتراف ڀلي اعتبار ڪرڻ جهڙا هجن يا نه ۽ انهن کي ڀلي الزام قرار ڏنو وڃي پر هڪ اهڙو ماڻهو جيڪو جنهن پارٽي جو اهم حصو رهيو آهي، جڏهن اهو اهڙيون ڳالهيون ڪري ته پوءِ چئي سگهجي ٿو ته دال ڀلي سچي ڪاري ناهي پر ان ۾ ڪجهه ڪارو ضرور آهي،پارٽي هٿان استعمال ٿيل صولت مرزا جي اهڙن انڪشافن کانپوءِ حڪومت به وارو هٿان وڃڻ نه ڏنو ۽ سندس ڦاهي جي سزا تي عمل روڪي، هڪ گڏيل جاچ ٽيم ٺاهي، جنهن جيل ۾ آخري گهڙين ۾ صولت مرزا جو اعترافي وڊيو بيان رڪارڊ ڪيو، ان بيان ۾ هن ڇا چيو، وڌيڪ ڪهڙن  رازن تان پردو کنيو ۽ ڪهڙيون ڳالهيون ٻڌايون، اها ته خبر ناهي ۽ پاڪستان جي سياسي تاريخ تي نظر ڊوڙائي ائين چئي سگهجي ٿو ته شايد اها خبر ڪڏهن پئجي به نه سگهي ته ان وڊيو بيان ۾ ڇا آهي پر هڪ ڳالهه جو کٽڪو وري به رهندو ته هن آخر اهڙا ٻيا ڪهڙا راز فاش ڪيا جو کيس ايتري به مهلت نه ڏني وئي جو سندس آخري خواهش موجب کيس شاهد حامد جي وارثن کان معافين وٺڻ ڏني وڃي ها؟  صولت مرزا کي شايد اها خبر نه هئي ته هو جن ماڻهن کي پنهنجو اعترافي بيان ڏئي رهيو آهي اهي به کيس ائين ئي استعمال ڪري ويندا جيئن کيس پنهنجي پارٽي استعمال ڪيو.ٿيڻ ته ائين کپندو هو ته صولت مرزا جيڪي ڳالهيون ڪيون هيون، يا جيڪي راز اوڳاڇيا يا ائين کڻي چئون ته هن جيڪي الازم هنيا، انهن جي باقاعدگي سان جاچ ڪئي وڃي ها ۽ انهن ماڻهن کي في الحال حفاظتي حراست ۾ ورتو وڃي ها، جن جا نالا صولت کنيا ۽ اهي نالا هن ڳجهي نموني نه ٻڌايا پر ميڊيا تي کلي عام سندس بيان هليا، جيڪي اڄ به رڪارڊ جو حصو آهن. پوءِ اهڙي ڪهڙي مجبوري هئي جو رياست سندس ايڏن خطرناڪ رازن يا الزامن کي دٻائي ڇڏيو ۽ ڪنهن به قسم جي ڪا چرپر نه ٿي؟ اهڙي ڪهڙي ڳالهه آهي جو جنهن ماڻهو پنهنجي سڄي ڪٽنب جي جان کي خطري ۾ وجهي ايڏيون وڏيون اعترافي ڳالهيون ڪيون، ان جي هڪ به ڳالهه تي اعتبار نه ڪيو ويو؟ رياست جي نيٺ  اها ڪهڙي مجبوري آهي، جيڪا سياست  وٽ يرغمال بڻيل آهي ۽ هڪ اهڙي قيدي جي ڳالهين تي اعتبار ته پري جي ڳالهه جاچ ڪرائڻ جي به زحمت نه ڪئي وئي؟ صولت مرزا جڏهن پنهنجي ڏوهن جو اعتراف ڪندي ڇرڪائيندڙ راز پڌرا ڪيا هئا ته مون وانگر گهڻن ماڻهن جو اهو خيال هو ته هاڻ سندس موت واري سزا کي عمر قيد ۾ تبديل ڪيو ويندو پر ائين نه ٿيو ۽ سياست کانپوءِ رياست به کيس استعمال ڪري هڪ ٽشو پيپر وانگر چيري ڦاڙي اڇلائي ڇڏيو، سياست ته صولت مان پنهنجو ڪم ڪڍي وئي، پر رياست ايڏين وڏين ڳالهين کانپوءِ به اتي جو اتي رهجي وئي.

********

 

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *