تازيون خبرون

هارٽ ايشاءُ ڪانفرنس ۽ افغانستان جو ڀڀڪيون….!!: غلام مصطفي جمالي

سنڌ سنڌي ۾ اها چوڻِي تمام گهڻو مشهور آهي ته هڪ ڪوئي کي هيڊ جو ڪو ذرو هٿ آيو،انهي هيڊ تي ذري تي هر ڪنهن کي چوندو پئي وتيو ته هوُ پنسار جو دڪان ٿو کولي،انڪري افغانستان جيڪو پنهنجي ملڪ اندر ته هڪ سولي نموني سان سوئي به ٺاهي نه ٿو سگهي،پر انڊيا جي ڀر ۾ ويهي ڪري پاڪستان تي ڇوهه ڇنڊي رهيو آهي،ڪالهه انڊيا اندر هارٽ ايشاءُ ڪانفرنس ٿي جنهن اندر پاڪستان جي پاڙيسري ملڪ افغانستان جيڪو هميشه کان وٺي دهشتگردن جي پناهه ڏيندو پيو اچي ۽ اڄ به انهي افغانستان اندرڪيترائي دهشتگرد موجود آهن،ڀارت اندر ٿيندڙ هارٽ ايشاءُ ڪانفرس اندر ڀارت توڙي افغانستان ٻنهي ملڪن گڏجي ڪري پاڪستان کي تنقيد جو نشانو بڻايو،افتتاحي تقريب اندر ٻنهي ملڪن جي تقرير جو پهرين تقرير ڪندي به رڳو پاڪستان مٿان الزام لڳايا پر ايتري حد تائين افغانستان چئي ويٺو ته پاڪستان دهشتگردن جي پناهه ٿيندڙ ملڪ هي.هڪ طرف پاڪستان ۽ ڀارت نه صرف پاڙيسري ملڪ آهن.پر ٻنهي  ملڪن جي وچ ۾ هميشه گهڻي عرصي کان وٺي پاڻ ۾ تمام گهڻي ڪشيدگي رهي آهي.پاڪستان اندر ڪهڙي به سياسي پارٽي ڇو نه هجي ۽ انڊيا ۾ به ڀلي ڪهڙي به سياسي پارٽي ڇو نه هجي. پر ٻنهي ملڪن جا پاڻ ۾ تعلقات ڪجهه خاص بهتر ناهن رهيا.پراها به حقيقيت آهي ته ٻنهي مڪلن جا پاڻ ۾ ايترا ويڇا پيدا ٿيا آهن. جنهن جو گهڻي ڀاڱي زميوار انڊيا ئي آهي.انڊيا هميشه اڳرائي ڪري پاڪستان جي سرحدن جي ڀڇڪڙي ڪئي آهي.۽ ورڪنگ بائونڊري تي پاڪستاني سرحدن،جتي گهڻي آبادي واراعلائقا آهن.انهن علائقن اندر فائرنگ ڪري ڪيترن ئي بي گناه پاڪستانين جو رت وهايو آهي.پاڪستان ۽ انڊيا جا تعلقات جيتوڻيڪ ننڍي کنڊ جي ورهاڳي کان وٺي بهتر ناهن رهيا.ان ڪري ٻنهي ملڪن جي معيشت ۾ پڻ ايترو سڌارو نه اچي سگهيو آهي.۽ اهو زنده مثال آهي ته جيڪي ملڪ پاڪستان ۽ انڊيا کان پوءِ آزاد ٿيا اهي ملڪ هن وقت ترقي جي اڏام تي پرواز ڪري رهيا آهن.جن جي نه رڳو معيشت مظبوط آهي. پر سندس قومن به تمام گهڻي ترقي ڪئي آهي.جڏهن ته انهن ملڪن جي ڀيٽ ۾ پاڪستان ۽ انڊيا جي پاڻ ۾ ڪيشدگي نه رڳو ملڪن معيشت کي نقصان ڏنو آهي اتي قومن جي ترقي جي راهه ۾ خاصي رنڊڪ پيدا ڪئي آهي.ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ تي نظر وجهجي ته سترسال پوئتي وڃڻو پوندو.پر جڏهن کان مودي سرڪار انڊيا جي حڪمراني جون واڳون سنڀاليون آهن.تڏهن کان وٺي انڊِيا جي جارحيت ۾ تمام گهڻو اضافو ٿي چڪو آهي.پاڪستاني ورڪنگ بائونڊري تي حملا. ۽ خد انڊيا اندر انتهاپسندي جو وڌي وڃڻ.جنهن جي ڪري انڊيا اندر مسلمان جو قتل عام ٿيڻ ۽ هندو گهٽ ذات وارن کي مارڻ.پاڪستان اندر هڪ اجينڊا طور “را“کي داخل ڪري پاڪستان جو امن تباه ڪرڻ.اهو سڀ ڪجهه مودي سرڪار جي اچڻ کانپوءِ ٿيو آهي.جڏهن ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڪڏهن به امن ڳالهيون ناهن ٿيون..مودي سرڪار جي اچڻ کان پوءِ هندوانتهاپسند شوسنا کي ته ڄڻ کلي ڇوٽ ملي وئي آهي.جنهن انڊيا ۽ پاڪستان جي سموري لاڳاپن تي حڪومتي ڌر بنجي ڪري سري عام مخالفت ڪري ڇڏي آهي.جنهن راند جي ميدان کان ويندي.

پاڪ انڊيا جي سمورن معاملن جي نه رڳو مخالف ڪئي آهي.پر انهن معاملن تي ڳالهيون ڪرڻ لاءِ پڻ حڪومت کي خطرناڪ تنيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏيندي رهي آهي.تازو انڊيا جي مشهور اداڪار عامر خان جنهن جو ڏوهه هو ته هو هڪ مسلمان آهي جنهن جي ڪري شوسنا پاران نه رڳو موت مار ڌميڪون مليون پر کيس ٿڦڙ هڻڻ واري کي انعام جي لالچ پڻ ڏني وئي هئي.جنهن کان تنگ ٿي عامر ملڪ ڇڏڻ تي مجبور ٿي ويو هو. ڀارت ۾ وڌندڙ انهاپسندي ۽ پاڪستان اندر امن جو مسئلو وڌي رهيو آهي.جڏهن ته ٻنهي ملڪ جي وچ ۾ جيڪو اهم مسئلو آهي اهو ڪشمير جو آهي.جيڪو ڪنهن به معاملي تي حل ٿيڻ جو نالو نه پيو وٺي.جڏهن ته پاڪستان ڪيترائي دفعا انڊيا سان ڪشمير معاملن تي ڳالهيون ڪرڻ جي آڇ ڪئي آهي.پر انڊيا پاڪستان سان ڪشمير مسئلي تي ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار ئي ناهي.جنهن جي ڪري ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڪشمير جو مسئلو هميشه تڪراري رهيو آهي اهڙِي ريت جڏهن ڪالهه ڀارت اندر هارٽ ايشاءُ ڪانفرس جو پهريون مرحلو جيئين شروع ٿيو ته ڀارت جي شهر امرت سر ۾ سکهه برادري جي وڏي انگ هڪ جاءِ تي گڏ تي ڪري ڀارت جي وزيراعظم نيندر مودي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو،مظاهرو ڪندڙ جو اهو به چوڻ هو ته ڀارت مظلوم ڪشميرن مٿان ظلمن جا پهاڙ ڪيئرائي رهيو آهي ۽ مظلوم ڪشميرين جي بي گناهه قتل ڪري رهيو آهي،سکهه برادري جي ماڻهن سموري معاملو جو زميوار نيندر مودي کي قرار ڏنو انهن اهو به واضع چيو ته ڪشمير اندر جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو پاڪستان نه پر ڀارت ڪري رهيو آهي،انهن نيندر مودي جي باري ۾ چيو ته هندوانهتاپسندن سموري ملڪ اندر سکهن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي ۽ سکهه برادري سان ڏاڍ ۽ جبر ڪيو پيو وڃِي جيڪو هن حڪومت طرفان هٿ ٺوڪيو ايجنڊا آهي،جنهن ڪري اها ڳالهه ته واضع آهي ته جنهن ملڪ جي عوام انهي انهتاپسندي جي خلاف اٿي بيهي ته انهي ملڪ تي پاڪستان تي اهڙي تنقيد نه ڪرڻ گهرجي، ڪالهه جيڪا ڀارت اندر “هارٽ آف ايشاءُ ڪانفرنس ٿي آهي .جنهن جي صدارت جي ڀارت وزيراعظم نيندر مودي ڪئي.جنهن اندر افغانستان جي صرد اشرف الغني پاڪستان تي دهشتگردي جا الزام لڳايا،جنهن مان اها ڳالهه صاف ظاهر آهي ته افغانستان ڀارت جي ڀر ۾ ويهي ڪري پاڪستان سان هر معاملي تي مهاڏو اٽڪائڻ ٿو چاهي ۽ افغانستان جا پاڪستان مٿان لڳايل الزام به انهي ڳالهه جو ثبوت آهن ته افغانستان کي آمريڪا ۽ ڀارت جي ڀرپور سپورٽ حاصل آهي، ڪجهه مهينن کان ڏسجي ته پاڪ افغان تعلقات به ڪجهه بهترناهن رهيا.پاڪستان ۾ هلندڙ ضرب عضب جن ۾ ڪيترائي دهشتگرد مارجي ويا  ۽ ڪيترائي پاڪستان ڇڏي افغان سرحد اندر لڪي ويا آهن.جن جي مارڻ ۽ ختم ڪرڻ لاءِ پاڪستان افغانستان سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ افغستان  ۾ وڃي ميان نواز شريف ۽ پاڪستاني اڳوڻي جنرل  راحيل شريف پاڪ افعان امن تي ڳالهيون ڪيون هينون پر ان وقت به افغانستان ان معاملي تي پاڪستان سان ڳالهين جو سلسلو رکڻ ۾ سنجيدا نه  هو. جنهن ڪري پاڪساني فوج کي وزيرستان اندر انهن دهشتگردن سان وڙهندي خاصو وقت گذري ويو.۽  ضرب عضب آپريشن اندر هن وقت ڪيترائي پاڪستاني فوجي نواجوان شهيد ٿي چڪا آهن. افغانساني صدر اشرف الغني جو ڀارت اندر  “هارٽ ايشاءُ ڪانفرنس“ ۾ شامل ٿيڻ ۽ انهي ڪانفرنس پڻ انهي ڳالهه جو اشارو آهي هوُ انڊِيا جي ڀر ۾ ويهي ڪري پاڪستان لاءِ ڪڏهن به سٺو نه ٿو سوچي. ڀارت اندر“هارٽ ايشاءُ ڪانفرنس ٿي رهي آهي.انهي مان پاڪستان کي ضرور فائدو وٺڻ گهرجي.افغانستان سان پاڪ افغان امن ڳالهيون ڪري ٻنهي ملڪن اندر امن قائم ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪيون وڃن. جڏهن ته انڊيا سان ڪشمير مسئلي تي پڻ ڳالهيون ڪيون وڃن.ڀارت ۽ پاڪستان لاءِ ڪشمير مسئلو اهم آهي.جنهن تي هن وقت تائين چار جنگون ٿي چڪيون آهن هي وقت آهي جو پاڪستان انڊيا سان انهي ڪمشير مسئلي تي ڳالهيون ڪري سگهي ٿو.جڏهن ته هارٽ ايشاءُ ڪانفرسن اندر پاڪستان پاران سربراهي ڪندڙ پاڪستاني پرڏيهي معاملي جي وزير سرتاج عزير پنهنجي بيان ۾ اهو به چيو ته افغانستان پنهنجي الزام بازين کان باز اچي،۽ افغانستان جيڪي پاڪستان مٿان الزام بازيون لڳائي رهيو آهي اهي سڀ بي بنياد ۽ ڪوڙيون آهن جن مان اهِڙي ڪا به صداقت ناهي،انڪري مان سمجهان ٿو ته سرتاج عزيز جي اها ڳالهه به سورهن آنا سچ آهي ته افغانستان جيڪي پاڪستان مٿان الزام بازيون لڳايون آهن اهي سڀ بي بنياد ۽ ڪوڙيون آهي،ها جيڪڏهن افغانستان انهي الزام بازين ۾ سچو آهي ته وٽس ڪهڙو ثبوت آهي جنهن تحط جو پاڪستان تي الزام لڳائي رهيو آهي،هارٽ ايشاءُ ڪانفرنس اندر پاڪستان انهي ڳالهه جي به واضع ڪيو ته پاڪستان ڪنهن به حال ۾ جنگ نه ٿو چاهي پاڪستان هيمشه امن پرست ملڪ رهيو آهي ۽ پاڪستان ايشاءٌ جي خطي سميت پنهنجي ملڪ اندر به امن ئي چاهي ٿو،.

 

 

 

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *