تازيون خبرون

نيون، پراڻيون ڳالهيون: مير اعظم علي ٽالپر

ٻارنهن آڪٽوبر جي تاريخ هميشه جيان ساليانه آئي ۽ گذري به وئي، پر ڪنهن به ادبي حلقي کان سرڪاري ڪاموري 12 آڪٽوبر 1970ع کي ياد نه ڪيو، جنهن تاريخ تي هڪ اهم شخصيت جو پراسرار حالت ۾ موت ٿيو هو، جنهن جي زنده هئڻ سان هڪ طرف ڪامورا شاهي کي مجال آهي جو ڪو غلط ڪم ٿي وڃي، ته ٻئي طرف شام جو شهرن ۾ ادبي محفلن جي اها شخصيت جان هوندي هئي، پر 12 آڪٽوبر 1970ع جي اچانڪ ۽ پراسرار موت بعد سندس گهرواري شهناز تي جيڪو ڪيس عدالت ۾ هلڻ لڳو ۽ ان جي ڪارروائي جيڪا روزانو عبرت اخبار 1970ع ۾ شايع ڪئي، سا ان زماني جي سڀ کان وڌيڪ پڙهندڙن ۾ مقبول ٿي ۽ ان سان روز هڪ فوٽو (بلاڪ) هوندو هو ۽ ان دور ۾ اخبارن ۾ ٽارزن جي ڪهاڻي پڙهڻ وارن جو اهم مشغلو هو، پر عبرت ۾ شهناز جي ڪهاڻي قارئين پڙهڻ لاءِ انتهائي بيتاب هوندا هئا ته ڪورٽ ۾ گذريل ڏينهن ڇا وهيو ۽ واپريو؟ ڇو ته هن زماني وانگر پل پل خبر ڏيڻ واري ميڊيا نه هئي.

هيءَ ڳالهه آهي 16 آڪٽوبر 1930ع دوران اتر پرديش جي الهه آباد ۾ پيدا ٿيڻ سبب تيغ الهه آبادي عرف مصطفيٰ زيڊي جي، جيڪو ورهاڱي بعد لاهور آيو، جڏهن ته مئٽرڪ هن يوپي بورڊ مان 1945ع ۾ پاس ڪئي، پر گورنمينٽ ڪاليج لاهور مان سول سرونٽس جي تربيت وٺڻ جي باوجود به سوشل ذهنيت وارو هئڻ ڪري انقلابي شخص هو. هن جي دماغ ۾ هر هڪ انسان جي خوشحالي لاءِ، عوام جي برتري لاءِ سوچ هئي. هن سي ايس ايس ڪرڻ جي باوجود به سوچ تبديل نه ڪئي، ان ڪري هن ڪامورڪي نظام ۾ پاڻ کي ان فٽ محسوس ڪيو، ان ڪري هن ئي سرڪاري ڪامورن لاءِ لکيو ته حڪومت جن ماڻهن کي رکندي آهي، انهن لاءِ شرط جو ڊگهو سودو هوندو آهي، ان کي قبول ڪرڻ واري کي چرين جي گهر ۾ داخل ڪيو ويندو آهي، جتي سال کن ۾ مکڻ، بيضا ۽ مرغ کارايا ويندا آهن. ان بعد هو تيار ٿي محبت ۽ دڙڪن سان گڏ اختيار کڻي ٻاهر نڪرندو آهي. مصطفيٰ زيڊي پهرين سيالڪوٽ ۾ 1956ع کان 1959ع تائين اسسٽنٽ ڪمشنر ڊويزنل مئجسٽريٽ ليئه، 1960ع ۾ جهلم جو ڊي سي 1961ع کان سنڌ ۾ نوابشاهه ۽ 1963ع ۾ خيرپور جو ڊي سي رهيو. ان بعد 1965ع ۾ ئي لاهور جو به ڊي سي مقرر ٿيو، جتي هن اڄڪلهه جي چوڌري شجاعت جي چوڌري ظهور الاهي جي اٽي جي ماڊرن فلورملز بند ڪرائي ڇڏي، جيڪا گورنر جي رسائي ٿيڻ باوجود به ظهور الاهي نه کولائي سگهيو. هن کي 1968ع ۾ تمغه ’قائداعظم‘ پڻ مليو هو. ان بعد ان ئي سال سندس خدمتن جو قدر ڪندي کيس لنڊن موڪليو ويو هو، پر مصطفيٰ کي 12 ڊسمبر 1970ع تي نوڪري مان ان وقت جي صدر يحيٰ خان (۽ ان وقت جي سندس همنوا الطاف گوهر) هٽائي ڇڏيو. هن تي الزام هو ته هن پاڳل (چريو) نالي نظم لکيو هو، جيڪو صدر يحيٰ تي هو. ان ۾ اهو به هو ته هي هڪ جيل آهي ۽ ان جو داروغو هڪ پاڳل (يحيٰ خان) آهي. هن ادب جي لحاظ کان 1963ع ۾ هڪ شاندار جشن مهراڻ خيرپور ۾ ڪرايو هو. هي هڪ حسن پرست، عاشق مزاج هو. جيتوڻيڪ مصطفيٰ سان گڏ ٻيا 303 ڪامورا به برطرف ٿيا هئا ۽ 1971ع ۾ ذوالفقار ڀُٽي به 66 ڪامورا برطرف ڪيا هئا.

هن دانشور انسان جو ضمير سان جهيڙو هو، هن ڪيترائي عشق ۽ معاشقا ڪيا، جيڪي هندستان کان پاڪستان هليا، ايتري قدر جو هن هڪ جرمن سان به عشق ڪيو هو، پر سڀ کان آخر ۾ ڪشمير ”ڪي ڪلي“ شهناز سان پيار ڪيو، جيڪا خود شادي شده هئي، جيڪا 12 آڪٽوبر تي ڪي ڊي اسڪيم نمبر بي 21 جي فليٽ ۾ مصطفيٰ زيڊي جي لاش سان گڏ هئي، جتي فائنل گوريون نڪ بستري ۽ وهاڻي ۾ هو ۽ بيهوش شهناز گل هئي.

خودڪشي جو ڪيس داخل ڪيو ويو، پر مائٽن ان کي قتل چيو هو. ان ڪري شهناز کي ان پراسرار قتل ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو هو، جڏهن ته پوليس رپورٽ ۾ شهناز ۽ مصطفيٰ جي وچ ۾ تعلقات هئڻ جو لکيو هو. مصطفيٰ پنهنجو شعري مجموعو روشني شهناز جي نالي ڪيو هو. سندس ٻيا ڪتاب زنجيرين، شهر آرزو، مورج ميري صدف صدف، گريبان قبا ساز ۽ ڪوهه ندا آهن.

اڄ به سندس ڪلامن ۾ هڪ عوامي ڪلام ”چلي هين تو ڪٽ هي جائيگا سفر آهسته آهسته“ ڪنن ۾ گونجندڙ آهي.

هن هيروشيما ۽ ناگاساڪي تي نظم ’گرپ اسٽرپٽ ڪي ڪهاني‘ جي پس منظر ۾ ”مين امن چاهتا هون“ لکيو هو. ان زماني ۾ سندس اکين واري عينڪ (چشمو) ۽ ڪپڙا اسٽائل به هڪ انداز هو، هو گجگوڙ سان شاعري ڪندو هو. هي جوش مليح آبادي جو شاگرد به هو. ان 1970ع جي زماني ۾ حيدرآباد جي تلڪ چاڙهي عينڪن جي واحد مشهور دڪان تي ٿلهي فريم وارو ’تيغ‘ ٽائيپ چشمو وٺندا هئا. راقم اڄ به اها عبرت ڏسندو آهي، جنهن ۾ شهناز گل روئي روئي عدالت ۾ اکيون سڄائي ڇڏيون هيون، پر مصطفيٰ زيڊي ڪنهن کي ياد آهي، ڪا خبر نه آهي.

پر تازيون خبرون آهن ته سنڌ ۾ مڪاني چونڊن لاءِ جتي هڪ طرف اليڪشن ڪمشنر ’چونڊن‘ لاءِ پريشان آهي ته ٻئي طرف تڪبندين جي مٿي جي سور کان سنڌ سرڪار مصيبت کي منهن ڏئي رهي آهي، ان کانسوا خود سياسي پارٽيون به اميدوارن کي ٽڪيٽ ڏيڻ ۽ بيهارڻ واري معاملي ۾ ڦاٿل آهن. پارٽي ٽڪيٽ جن کي به ملي آهي ته ان جي سامهون سندن ئي ماڻهو آزاد بيهڻ لاءِ وَرَ کنيو بيٺو آهي.

ان کانسواءِ جيالن جي پارٽي ۾ ته زنانا مهڻا اهي ملن ٿا ته آئون پنجاهه سالن کان پيپلز پارٽي ۾ آهيان، پر نئين ڪنهن ٻي پارٽي کي ڇڏي ايندڙ کي ڇو ٽڪيٽ ڏني وئي آهي؟ حالانڪه اميدوارن کي اها خبر هئڻ گهرجي ته پارٽي جي ٽڪيٽ ڏيڻ ۽ بيهارڻ جدا ڳالهه آهي ۽ ٽڪيٽ ڏيڻ لاءِ ڪيترا سال ڪير پراڻو ’پيپلو يا ليگلو‘ هئڻ ضروري نه آهي. اهو ته اصل ۾ آهي مال تي ڌمال وارو ڪم، مطلب وري نوان ماڻهو مال کائيندا، اسين رهجي وينداسين، پر هوڏانهن سنڌ سرڪار مڪاني چونڊن کي اها ڪنوار سمجهي رهي آهي، جيڪا شادي جي رات اها دعا گهري رهي هئي ته ’صبح جو ڄڃ ۽ گهوٽ کي آئون وسري وڃان ۽ مون کي هتان مائٽن مان وٺي نه وڃن.‘ ائين سنڌ حڪومت به تڪبندين ۽ ٻين حيلن بهانن چاهي ٿي ته ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان مڪاني چونڊون نه ٿين ۽ اها ڪنوار اتي ئي ويٺي هجي.

جڏهن ته هندستان جي صوبي بهار ۾ چونڊن جي پهرين مرحلي ۾ ڏهن ضلعن جي 49 سيٽن تي 12 آڪٽوبر تي پولنگ ٿي، جتي ضلعي سمپتي پور ڀاڳل پور ۾ نڪسل جهيڙن سبب صبح سوير شروع ۽ ساڍا ٽي ختم ٿي وئي، جتي مودي هڪ جلسي ۾ من ڪي بات ڪندي چيو ته هندستان جو مسلمان جهالت، بيروزگاري سان جنگ ڪري، نه ڪو ڪنهن هندو سان ۽ هندو به لڙائي ترقي لاءِ ڪن نه ڪنهن مسلمان سان فساد ڪن. ان کانپوءِ بي جي پي جي ورڪ ڪندڙ ڪنول جي گل جي گاڏين مان آنن فانن ڏسندي ڏسندي اک ڇنڀ راتو واهه ٻئي ڏينهن صبح جو هڪ ٻئي جلسي لاءِ آذان جو آواز، نعت ۽ حمد جو آواز اچي رهيو هو ۽ نعرا به تبديل هئا ته هندو- مسلم ڀائي ڀائي ۽ انهن تيز ويندڙ گاڏين کي پٺيان مسلمان ووٽر ته ڏندين آڱريون وجهي ڏسي رهيا هئا ۽ سندن سوچون پٺيان اڏامندڙ مٽي ۾ گم ٿي رهيون هيون ته هي سڀ بهار ۾ ووٽ وٺڻ جو ڪرشمو آهي يا ايڪتا جو حقيقي نمونو.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *