تازيون خبرون

نوجوان نسل جي ڪتابن کان دُوري ؛زهريٰ

انسان جو تعلق ڪتاب سان تمام گهڻو پراڻو آهي. ڪتاب نه صرف انسان جو بهترين دوست آهي پر ڪتاب انسان جي علم، هنر ۽ ذهني نشوونما ۾ اضافي جو باعث آهي. قومن ۽ تهذيبن جي ترقي ۾ ڪتاب جو ڪردار تمام گهڻو اهم آهي. هن وقت ٽي وي چئنلز جي ڀرمار آهي، موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ جهڙي جديد ٽيڪنالاجي سبب ڪتاب پڙهڻ جو رجحان ختم ٿي رهيو آهي. غير معياري ڪتابن جي اشاعت ۽ قيمتن ۾ اضافي سبب ماڻهن جي ڪتابن مان دلچسپي ختم ٿيندي پئي وڃي. گهڻو ڪري ڪتابن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي جيڪڏهن هڪ ٻئي کي ڪو ڪتاب تحفي ۾ ڏنو وڃي ته ان سان پڻ بهتر نتيجا حاصل ڪرڻ جي توقع آهي.

بازار ۾ ڪو نئون ڪتاب آيو آهي، جيڪو پڙهڻ لائق آهي؟ انور صاحب جيڪو هڪ سرڪاري ملازم هو ۽ هاڻ رٽائرڊ ٿي چڪو آهي. رٽائرمينٽ کان پهرين ۽ هاڻ به جڏهن ان سان ملاقات ٿيندي آهي ته سڀ کان پهرين هو اهو ئي سوال ڪندو آهي ۽ پاڻ اهڙي ڪتاب جي تلاش ۾ رهندو آهي، جيڪو ان جي ذوق مطابق هجي. ان وقت تمام گهڻي مايوسي ٿيندي آهي، جڏهن ڪوبه معياري ۽ علمي ڪتاب ڪوشش ڪرڻ جي باوجود مارڪيٽ مان ملي نه سگهي. ڪتاب پڙهڻ اسان جي بهترين روايت جي عڪاسي ڪري ٿي. چين ۽ روس جي انقلابن ۾ ڪتابن ۽ لٽريچر جي ڪردار کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. ڪتابن جي اهميت جي لحاظ کان فرانسيسي ليکڪ والٽيئر چيو هو ته ”وحشي قومن کان سواءِ باقي سڄي مهذب دنيا تي ڪتابن جي حڪمراني آهي.“ ۽ حقيقت به اها آهي ته دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ خاص طور تي مهذب ملڪن ۾ ڪتابن ۾ دلچسپي جو عالم اهو آهي ته اهي ماڻهو سفر دوران ڪو نه ڪو ڪتاب پڙهندا رهن ٿا ۽ سدائين ڪنهن سٺي ڪتاب جي تلاش ۾ ڪتابن جي دڪانن تي چڪر هڻندا رهندا آهن. اهوئي سبب آهي جو انهن ملڪن ۾ معياري ۽ نوان ڪتاب شايع ٿيندا رهندا آهن.

تاريخ جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته تهذيبن جي نشوونما ۽ قومن جي زندگي جو عمل ڪتاب کان پهرين آهي. ڪتابن جو علم ۽ دانش هڪ نسل کان ٻئي نسل تائين منتقل ٿيندو رهيو آهي، پر اهو چوڻ اڃا به وڌيڪ درست ٿيندو ته مطالعي جي عادت تهذيب جي علامت آهي ۽ جيڪڏهن ڪتاب جي اشاعت ۽ مطالعي جو عمل رُڪجي وڃي ته پوءِ قومن جو رهيل شعور به ختم ٿي ويندو. موجوده دؤر ۾ ڪتاب دوستي ۽ ڪتاب پڙهڻ جي رجحان ۾ تمام گهڻي گهٽتائي آئي آهي ۽ ان جو سبب هي آهي ته جديد دؤر جي طرز زندگي ۾ ڪيتريون ئي نيون تبديليون اچي چڪيون آهن. جديد ٽيڪنالاجي جي عيوض عام ماڻهو جي دلچسپي موبائيل، ڪمپيوٽر، انٽرنيٽ ۽ ٽي وي چينلز تائين محدود ٿي وئي آهي. 20-25 سال پهرين هي صورتحال ايتري ڳنڀير نه هئي. ماڻهو ڪتاب پڙهندا هئا ۽ نوان ڪتاب خريد ڪرڻ لاءِ مارڪيٽ ۾ تلاش جاري رکندا هئا. ان وقت ليکڪ ذوق ۽ شوق سان ڪتاب لکندا هئا. اسان جي ملڪ ۾ ڪتاب لکڻ ۽ پڙهڻ جي رجحان ۾ تمام گهڻي گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي آهي. ٻار جن سان اسان جو مستقبل وابسته آهي، هر وقت موبائيل ۽ انٽرنيٽ جي دنيا ۾ گم هوندا آهن، پنهنجي نصابي سرگرمين لاءِ به انٽرنيٽ جو سهارو وٺن ٿا. افسوس جي ڳالهه هي آهي ته ڪتاب کي نظرانداز ڪري آن لائن پڙهڻ جي رواج ۾ واڌارو ٿيو آهي. هڪ سينئر صحافي هن سلسلي ۾ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته ”آن لائن پڙهڻ ۾ تمام گهڻيون ڏکيائيون آهن.“ هن جو چوڻ هو ته آن لائن تي پڙهيل مضمون اسين وساري ڇڏيندا آهيون، پر ڪتاب وارو مضمون اسان کي ڪڏهن به نه وسرندو آهي. ٻارن ۾ مطالعي جي عادت پيدا ڪرڻ والدين ۽ استادن جي ذميواري آهي، جنهن کان پوءِ استادن تي اها ذميواري عائد ٿئي ٿي ته هو ٻارن کي مطالعي طرف راغب ڪرڻ لاءِ پنهنجون سڀئي صلاحيتون ڪتب آڻين.

اڄڪلهه والدين ٻارن کي خانگي تعليمي ادارن ۽ اڪيڊمين تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي ۽ مائٽن اهو طئي ڪري ورتو آهي ته اسان پنهنجون ذميواريون صحيح طريقي سان نڀائي رهيا آهيون. ٻار به پنهنجن والدين کان موبائيل، ليپ ٽاپ، آئي پيڊ ۽ ڪمپيوٽر وٺي ڏيڻ جو مطالبو ڪندا رهندا آهن. اڄڪلهه تمام گهٽ ٻار اهڙا آهن، جيڪي ڪتاب جو مطالعو ڪندا آهن. تعليمي معيار جي ڪمزوريءَ جو عالم هي آهي ته اسان تعليمي شرح جي لحاظ کان پاڻ کان پوءِ آزاد ٿيندڙ ملڪن کان به تمام گهڻو پوئتي رهجي ويا آهيون. هڪ طرف ملڪ ۾ تعليمي شرح گهٽ آهي ته ٻئي طرف مهانگائي سبب ڪتاب دوستي ۾ گهٽتائي آئي آهي. ڏک جي ڳالهه اها آهي ته هڪ دائري تائين محدود رهڻ جو سبب تمام سٺو تخليقي ڪم نظر نه اچڻ آهي.

ماضي ۾ پاڪستان ٽيليويزن تي پيش ٿيندڙ ڊرامن تمام گهڻي مقبوليت حاصل ڪئي، ڇاڪاڻ ته اهي عوامي امنگن ۽ گهرجن مطابق هئا، جيڪي ڏسندڙن ۾ تمام گهڻي حد تائين پسند ڪيا ويندا هئا. ان ڳالهه مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته اسان وٽ سٺو ۽ معياري ادب تخليق ٿيندو رهيو آهي.

هڪ وقت اهڙو هو جو اسان جا پبلشر باذوق ۽ ادبي، علمي تقاضن کي نظر ۾ رکي ڪتاب ڇپرائيندا هئا، پر هاڻ پبلشرن ان کي ڪاروبار بڻائي ڇڏيو آهي. ڪيترائي پڙهيل لکيل بيروزگار ماڻهو ڪجهه پئسن خاطر ڪتاب لکي پنهنجو گذر سفر ڪري رهيا آهن. اهڙي صورتحال ۾ معياري ڪتابن جو ڇپجڻ ڏاڍو مشڪل آهي. مارڪيٽ ۾ جڏهن معياري ڪتاب موجود نه هجي ته پوءِ پڙهندڙ جي به دلچسپي ختم ٿي ويندي آهي.

ڪتابن جي اهميت جي پيش نظر ۽ ماڻهن ۾ ڪتابن متعلق شعور بيدار ڪرڻ لاءِ دنيا ۾ هر سال 23 اپريل تي ڪتابن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويندو آهي. هن ڏينهن کي ملهائڻ جو تصور اسپين جي علائقي ڪانگونيا کان مليو، جتي ڪيتري ئي عرصي کان ماڻهو عوامي هيرو سينٽ جارج جي ياد ۾ ملهائي ويندڙ ڏينهن جي موقعي تي هڪ ٻئي کي گلاب جي گلن جا تحفا ڏيندا هئا، خاص طور تي ڪانگونيا جي گادي واري شهر بارسلونا جي رستن، گهٽين ۽ بازارن ۾ لڳل اسٽالن تي لکن جي تعداد ۾ گلاب ۽ ڪتاب وڪرو ٿين ٿا، پر هن ڏينهن کي عالمي سطح تي ڪتابن جي ڏينهن طور ملهائڻ جو هڪ سبب هي به آهي ته عالمي ليول جي ٻن نامور اديبن انگريز ڊرامه نگار وليم شيڪسپيئر ۽ هسپانوي شاعر دي سير دانتي جي وفات جي تاريخ به اها ساڳي آهي. هن فيصلي جو ڪيترن ئي ملڪن آڌرڀاءُ ڪيو. دنيا ۾ سؤ کان وڌيڪ ملڪن ۾ ڪتابن ۽ ڪاپي رائيٽس جو عالمي ڏينهن ملهايو ويندو آهي. هن ڏينهن جو مقصد ڪتاب پڙهڻ جي شوق کي فروغ ڏيڻ ۽ سٺا ڪتاب لکندڙ ليکڪن جي حوصلا افزائي ڪرڻ آهي.

اسان جو شايد اهو سماجي رويو آهي ته وقت گذرڻ کان پوءِ اسان کي اهو ياد ايندو آهي ۽ جيڪڏهن ڪنهن کي اهو ياد به هوندو آهي ته سيمينار وغيره ۾ ڪجهه ڳالهيون ڪري پنهنجو فرض پورو ڪيو ويندو آهي. جيڪڏهن ڪتابن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ماڻهن ۾ اهڙي دلچسپي پيدا ٿي پوي ته ڪتاب دوستي کي تمام گهڻي اهميت ملندي، پر هتي افسوس جهڙي ڳالهه اها آهي ته ماڻهو اها ڳالهه سمجهن نه ٿا يا وري سمجهڻ ئي نٿا چاهين.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *