تازيون خبرون

ننڌڻڪو ڪراچي ۽ آدمشماري بابت خدشا: صاحب خان ڀٽي

گذريل ڪيتري ئي عرصي کان آدمشماري نه ٿيڻ سبب سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ ڳڻتي واري لهر پکڙيل آهي پر سڀ کان وڌيڪ ڳڻتي سنڌ جي ماڻهن کي آهي ڇاڪاڻ ته ڪجهه عرصي کان سنڌ ۾ طاقتور ڌرين جي آشيروارد سان ڌارين جي لوڌ آباد ٿيڻ جو سلسلو جو جاري آهي، جنهن کي صوبائي حڪومت روڪڻ ۾ ناڪام رهي آهي، جنهن سبب قومپرست ڌريون به احتجاج رڪارڊ ڪرائينديون رهيون آهن پر ان باوجود صوبائي حڪومت توڙي وفاقي حڪومت ڌارين جي آبادڪاري کي روڪڻ ۾ ناڪام رهيون آهن. وفاقي حڪومت هجي يا وري صوبائي حڪومت ڪنهن به سنڌ جي ماڻهن جي ڌارين جي آبادڪاري بابت خدشن کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي. ڪراچي هجي يا سکر، مطلب ته سنڌ جو ڪو اهو شهر نه بچيو آهي جتي ڌارين جي لوڌ آباد نه ٿي هجي، جيڪڏهن ڪو احتجاج  به ڪري ٿو ته ان جي احتجاج جو به ڪو نوٽيس نه ٿو ورتو وڃي، مون کي اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جا اهي لفظ اڄ به ياد آهن، جنهن پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو هو ته جيڪڏهن هو ڌارين جي لوڌ کي روڪين ٿا ته مٿان انهن کي حڪم ٿئي ٿو جنهن سبب هو انهن کي سنڌ ۾ داخل ٿيڻ کان روڪڻ ۾ بي وس بڻجي وڃن ٿا،

جيڪڏهن وزير به اهڙا بيان ڏين ته ان مان صاف ظاهر ٿي وڃي ٿو ته انهن وزيرن کي سنڌ بابت فيصلن جا ڪيترا اختيار ڏنل آهن ۽ اهي پنهنجا اختيار ڪيتري حد تائين استعمال ڪري سگهن ٿا. جيڪڏهن هڪ صوبي جو وڏو وزير پنهنجي فيصلي تي عمل نه ڪرائي سگهي ته پوءِ آخر اهو وڏو وزير پنهنجي صوبي ۾ بيروزگاري ۽ امن ڪهڙي ريت ڪرائي سگهي ٿو ۽ ان جو اندازو اسان اڳوڻي وڏي و زير قائم علي شاهه جي دور مان به لڳائي سگهون ٿا، جنهن جي وڏ وزارت واري دور ۾ ڪراچي اندر ڪيترو امن هوندو هو. بهرحال هاڻ نه ته سيد قائم علي شاهه وڏو وزير رهيو آهي ۽ نه ئي وري اهڙو جرئت وارو بيان ڏيڻ وارو ڪو هن وقت تائين پيدا ٿي سگهيو آهي، هن وقت به جڏهن عدالت جي حڪم بعد آدمشماري ڪرائڻ جو اعلان ويو آهي تڏهن به سنڌ جا ماڻهو مطالبو ڪري رهيا آهن ته ڌارين جي لوڌ کي الڳ ڳڻيو وڃي ته جئين سنڌ جا ماڻهو پنهنجي وسيلن جو اختيار حاصل ڪري سگهن. هن وقت ته اهو به ٻڌڻ ۾ اچي رهيو آهي ته جئين جئين آدمشماري ويجهو اچي رهي آهي تئين تئين ڪامورا به ميدان تي لهي آيا آهن جيڪي سنڌ جي ماڻهن کي اها هدايت ڪري رهيا آهن ته آدمشماري سنڌي ماڻهن جي زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي، جنهن ۾ ڀرپور حصو ورتو وڃي،

جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته جيڪي به ڪامورا اهڙا بيان ڏئي رهيا آهن تنهن جا بيان ته تمام گهڻو وڻندڙ آهن پر انهن جي زبانن تي اهڙا بيان تمام گهڻو عجيب لڳي رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته اهي ڪامورا ان وقت خاموش هوندا آهن جڏهن ڌارين جي لوڌ کي هتي آباد ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون وينديون آهن ۽ اهي ڪامورا اسيمبلين ۾ خاموش ويٺا هوندا آهن جڏهن ڌارين جي لوڌ کي سنڌ ۾ آباد ڪرڻ جون ڳالهيون ٿي رهيون هونديون آهن ، جڏهن اهي ڪامورا ان وقت خاموش هوندا  آهن ته اهي هاڻ وڏا وڏا پٽڪا ٻڌي وڏا وڏا جلسا ڪهڙي ريت ڪري رهيا آهن، اڄ جيتري به ڌارين جي لوڌ سنڌ ۾ آباد آهي، اها به انهن ڪامورن جي ڪري ئي آباد آهي ۽ اهڙا خاموش تماشائي بڻيل  ڪامورا به ڌارين جي لوڌ کي آباد ڪرائڻ واري ڏوهه ۾ برابر جا شريڪ آهن، جيڪي اهڙن فيصلن کي بنا احتجاج قبول ڪري وٺندا آهن. جيڪڏهن اهي ڪامورا ڌارين جي لوڌ کي آباد ڪرڻ واري وقت قومپرست ڌرين جي احتجاج  جي مخالفت نه ڪن ها ۽  قومپرست ڌرين  جو ساٿ ڏين ها ته شايد ڪنهن کي به ايتري همت نه ٿئي ها جو ڌاري لوڌ کي آباد ڪرڻ جا فيصلا ڪيا وڃن ها، جيڪڏهن هن وقت به ڌارين  جي ڳڻپ بابت حڪومت فيصلو نه ڪيو ته متان ائين نه ٿئي ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ڌاري لوڌ جي انگ کي وڌيڪ ڏيکاريو وڃي ۽ هڪ 60 گز جي گهر ۾ به 200 ماڻهو ڳڻيا وڃن،

بهرحال هن وقت سنڌ ۾ ڌارين جو انگ تمام گهڻو وڌي ويو آهي، جنهن سڀ کان  وڏو انگ افغانين جو به آهي، جنهن بابت وزيراعظم جي صلاحڪار سرتاج عزيز گڏيل قومن ۾ چيو هو ته هنن 50 لک افغانين کي نوڪريون ڏنيون ۽ ٻيون سهولتون به فراهم ڪيون ۽ اهو به چيو هو ته هنن افغان مهاجرن کي ڪميپن ۾ ترسائڻ بدران شهرن ۾ ترسايو، بهرحال جڏهن کان افغانستان مان مهاجرن جي پاڪستان آمد جو سلسلو شروع ٿيو آهي، تڏهن کان ملڪ جون حالتون افغانستان کان به وڌيڪ خراب رهيون آهن، ڪڏهن مسجدن ۾ ڌماڪا ڪيا ويا ته ڪڏهن وري امام بارگاهن کي دهشتگردن نشانو بڻايو، ڪڏهن وري اسڪولن اندر معصوم ٻارڙن کي نشانو بڻايو، ڪجهه حملا ته سڪيورٽي ادارن تي به ڪيا ويا، مطلب، نه ته عوام محفوظ رهيو آهي ۽ نه ئي وري سڪيورٽي ادارا دهشتگردن جي نشاني کان بچي سگهيا آهن، جڏهن ڪوئيٽا سانحو ٿيو هو ته ان وقت بلوچستا جي گهرو وزير به جذباتي بيان ڏنا هئا ۽ چيو هو ته مهاجر عزت سان هليا وڃن ته انهن کي ڌڪا ڏئي ڪڍيو ويندو،

بهرحال مارچ ۾ ٿيندڙ آدمشماري ۾ ڪجهه ڏينهن اچي بچيا آهن پر حڪومتي سطح تي ڪي به اهڙا خاص قدم نه کنيا ويا آهن جن سان سنڌ جي ماڻهن جا خدشا ختم ٿي سگهن. ايس يو پي سربراهه سيد جلال محمود شاهه جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ سنڌ آدمشماري مانيٽرنگ ڪميٽي کي بحال ڪيو ويو آهي، اجلاس ۾ سياسي، سماجي، ادبي، تنظيمن ماهرن ۽ سول سوسائيٽي جي ماڻهن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ مارچ ۾ ٿيندڙ آدمشماري بابت به غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس ۾ آدمشماري جي پهرين 40 لک غير ملڪين جي ڳڻپ ڪري انهن کي سنڌ جي آدمشماري کان الڳ رکڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. سيد جلال محمود شاهه چيو آهي ته سنڌ جي حق حاڪميت ۽  وسيلن تي اختيارن جو لاڳاپو صوبي ۾ موجود آبادي جي ڳڻپ سان آهي، آدمشماري کي سنڌ جي بقا جو سڀ کان اهم آئيني ۽ سياسي اخلاقي فرض سمجهندي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهن.جهڙي ريت هن وقت قومپرست جماعتون به هن اهم مسئلي تي  سنجيده نظر اچي رهيون آهن تنهن مان لڳي رهيو آهي ته سنڌ ۾ آدمشماري بابت جاڳرتا مهم وڏي زور شور سان هلائي ويندي، اسان اها اميد ڪنداسين ته ٻيون تنظيمون به هن اهم ۽ حساس مسئلي تي پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪنديون ۽ سمورا اختلاف ختم ڪري هن قومي ڪاز تي پنهنجو ڪردار ادا ڪنديون،

جيڪڏهن هن وقت سموريون قومپرست ڌريون هن حساس معاملي تي گڏ ٿي حڪومت تي ڌارين جي لوڌ جي ڳڻپ واري معاملي تي دٻاءُ نه وڌو ته سنڌ دشمن عنصر پنهنجي ناپاڪ اردان ۾ ڪامياب ٿي ويندا، خاص طور تي هونءَ ته سڄي سنڌ کي هٿ وٺي حڪمرانن ننڌڻڪو بڻائي ڇڏيو آهي پر جهڙي ريت ڪراچي کي قومپرست جماعتن توڙي پيپلزپارٽي ننڌڻڪو بڻائي ڇڏيو  آهي، ان جو مثال تاريخ ۾ به ملندو، ڪراچي جي شهرين اهو وقت به ڏٺو آهي جڏهن دهشتگرد رينجرز، پوليس ۽ حساس ادارن جي هوندي به روڊن تي لاش اڇلائيندا هئا ۽ روڊن کي رتو رت ڪري ڇڏيندا هئا ۽ هڪ فون تي سڄو شهر بند ٿي ويندو هو جنهن جو نه ڪو والي  وارث نه هوندو،  سڪيورٽي ادارا به نوگو ايريا ۾ وڃڻ کان لنوائيندا هئا، جڏهن به ڪراچي جون حالتون خراب ٿينديون هيون ته نه ته سڪيورٽي اهلڪار نظر ايندا هئا ۽ نه ئي ماڻهو روڊن تي نظر ايندا هئا، صرف دهشتگرد پلن ۽  چودڳين تي فائرنگ ڪندي نظر ايندا هئا، جنهن جا فوٽيجز به ڪيترن ئي نيوز چينلن تي هلندا رهيا آهن، انهي دور ۾ ڪجهه خانگي ٽي وي چينلن تي به حملو ڪيو ويو هو،

بهرحال هڪ سياسي جماعت جي سربراهه جي تڪراري تقرير بعد ڪجهه طاقتور ڌرين همت جو مظاهرو ڪيو هو ۽ ان جي تقرير تي پابندي لڳائي ڇڏي هئي ۽ متحده ڌڙن ۾ ورهائجي وئي آهي ۽ ان سان گڏوگڏ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ٿرٿلي ۾ اچي ويا هئا، ڪراچي ۾وڏي تعداد ۾ جديد هٿيار هٿ ڪيا ويا هئا، جيڪي شايد تاريخ ۾ ڪڏهن به هٿ نه ڪيا و يا هئا، جيڪي به ماڻهو گرفتار ٿي رهيا هئا انهن بابت به ميڊيا کي ڪا خاص ڄاڻ نه ڏني  وئي هئي، پر جڏهن نائن زيرو کي سيل ڪيو ويو هو ته ان وقت رينجرز طرفان چيو ويو هو ته هنن مڪا چوڪ ويجهو جديد هٿيار هٿ ڪيا، بهرحال ان آپريشن کانپوءِ ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال قائم ٿي هئي پر هاڻ هڪ دفعو ٻيهر ڪراچي جون حالتون ساڳي طرف وڃي رهيون آهن ۽ اهي طريقا استعمال ڪيا پيا وڃن جيڪي ڪراچي ۾ ماضي استعمال ڪيا ويندا هئا، اڳ ۾ جڏهن به ڪو جلسو يا ريلي ڪڍي ويندي هئا ته ماڻهن کي ٻڪرين ۽ رڍن ذريعي گهلي گهرن ۽ دڪانن ڪڍيو ويندو هو جيڪو سلسلو آپريشن کان پوءِ ختم ٿي ويو هو پر هاڻ اهو سلسلو هڪ ڀيرو ٻيهر شروع ٿي ويو آهي ۽ ان ساڳئي طريقي سان ماڻهن کي گهرن ۽ دڪانن مان زبردستي ڪڍي پيو وڃي جنهن جو شايد ڪو به نوٽيس نه وٺي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ڪراچي ۾ آپريشن ٿيڻ بعد هڪ طاقتور ڌر جا اختيار ٻئي اڀرندڙ طاقتور ڌر منتقل ٿي رهياآهن، جنهن بابت اڳ ئي ڪيترائي ساڃاهه وند چئي چڪا آهن ته انهن جو مثال پراڻي شراب نئين بوتل ۾ تبديل ڪرڻ برابر آهي،

هاڻ جڏهن آدمشماري جو وقت ويجهو اچي چڪو آهي اسان جو ڌيان ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر تي به هئڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته جهڙي ريت ڌارين جي لوڌ کي انهن شهرن ۾ ڀريو ويو آهي، اهڙو ڪنهن ٻئي هنڌ ناهي ڀريو ويو ۽ انهن شهرن ۾ سنڌ دشمن قوتون ڌارين جي ڳڻپ وڌيڪ ڏيکاريندا جيڪو گذريل ڪيتري ئي عرصي کان ٿيندو رهيو آهي ۽ افغان مهاجرن کي به ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ وڏي انگ ۾ آباد ڪرڻ به ان جي هڪ ڪڙي ئي لڳي رهي آهي، جيڪڏهن هن وقت ئي ساڃاهه وندن سنڌ حڪومت تي ڌارين جي لوڌ ڌار ڳڻڻ جو  فيصلو نه ڪيو ته افغان مهاجرن جي ڪراچي ۾ ڳڻپ سان سنڌ کي تاريخي نقصان ٿيندو، جنهن جا ذميوار صرف هتان جا ڪامورا نه پر اسان به هونداسين، ڇاڪاڻ ته اسان جو به اهو قومي فرض آهي ته سنڌ دشمن عنصرن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻايون. باقي رهي اهي ڳالهه انهن ماڻهن جي، جن ڌارين جي لوڌ کي سنڌ ۾ آباد ڪري هاڻ رڙيون ڪري رهيا آهن ته جاڳو سنڌي سنڌي جاڳو، آدمشماري ۾ ڀرپور حصو وٺو، انهن ماڻهن کي تاريخ ڪڏهن به معاف نه ڪندي، جيترو ٿي سگهي گهر ڳڻپ دوران ٽيمن سان ڀرپور  سهڪار ڪيو و ڃي ۽ ڪراچي، حيدرآباد ۾ فوج جي نگراني ۾ آدمشماري ڪرائڻ دوران ٽيمن جي مانيٽرنگ لاءِ به هڪ ڪميٽي جوڙي وڃي ته جئين سنڌ ۾ آدمشماري ۾ ٽيم جو عملو غير سنڌي نه هجي ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٻين شهرن ۾ عملو غير سنڌي هوندو ته اهو ڪڏهن درست ڳڻپ نه ڪندو  ۽ ماضي جيان متان هن ڀيري به 60 گز جي گهر ۾ 200 کان وڌيڪ ماڻهن کي نه ڳڻيو وڃي.

sahibalisindhi@gmail.com

 

 

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *