تازيون خبرون

نسيم کرل: وڏو ڪهاڻيڪار، وڏو انسان؛تاج جويو

آئون نٿو ڀُلجان ته مون 1978ع ۾، ايم اي سنڌيءَ جي امتحان ۾ جن ٻن ڪهاڻيڪارن تي مختصر نوٽ لکيا هئا، سي هئا: امر جليل ۽ نسيم کرل. مون کي ادب پڙهڻ جي چَسُ ته چوٿين درجي سنڌيءَ (1964ع) کان ئي هئي ۽ ڇهين درجي (1966ع) ۾ شاعري به شروع ڪري ڏني هئم؛ پر اٺين ڪلاس (1968ع) کان اِئين چئي سگهان ٿو ته مون کي ادبي سمجهه ۽ شعور حاصل ٿي چڪو هو، ڇو ته 1969ع ۾، منهنجي شاعريءَ جي اُستادَ، سائين راشد مورائيءَ، مون کي خط لکي ڄڻ ته اِهو سرٽيفڪيٽ ڏئي ڇڏيو هو ته منهنجي شاعريءَ ۾ هاڻي درستيءَ جي ضرورت نه آهي؛ ڇو ته آئون پختو شاعر ٿي ويو آهيان. اِئين 1978ع تائين پهچندي، منهنجي ادبي بالغپڻي کي ڏهه سال ٿي چڪا هئا.

مون جن ٻن ڪهاڻيڪارن تي ايم. اي سنڌيءَ جي پيپر ۾ نوٽ لکيو هو، اُنهن جو رڳو امتحاني حوالي سان مطالعو نه ڪيو هئم، پر سندن ڪهاڻيون مون کي باقاعدي وڻنديون هيون ۽ اُنهن کان متاثر به هئس ۽ ٽيون ڪهاڻيڪار هو ’علي بابا‘، جنهن کي پير حسام الدين راشديءَ ’سنڌ جي تاريخي عظمت بيان ڪندڙ ڪهاڻيڪار‘ سڏيو آهي ۽ منهنجيءَ نظر ۾ هو ’سنڌ جي روحَ جو پارکو‘ ڪهاڻيڪار آهي.

مون اُنهيءَ دور ۾ امر جليل ۽ نسيم کرلَ تي ماهوار ’سهڻي‘ جا نڪتل ’خاص نمبر‘ پڙهي ڇڏيا هئا، ۽ سندن ڪهاڻين تي ڀرپور تجزيي ڪرڻ جي قابل نه، ته به سرسري نظر وجهي سگهڻ جي اهل ضرور هئس. اُن دور ۾ اسان کي امر جليل جي ڪهاڻين جي مواد کان وڌيڪ سندس مڪالما ۽ ڊائيلاگ ياد رهندا هئا، ڇو ته انهن ۾ ٻوليءَ جي حسن سان گڏ فڪري سونهن ۽ طنزَ جي تيزي به موجود هوندي هئي. پر نسيم کرل اُهو ڪهاڻيڪارُ هو، جنهن جون ڪهاڻيون، اُنهن جا عنوان، موضوعَ ۽ اُنهن جو ’نفس مضمون‘ به ياد رهجي ويندو هو. آئون دعويٰ سان چئي سگهان ٿو ته نسيم کرل جي ڪيترين ئي ڪهاڻين جا موضوع، اڄ به عنوانن سميت مون کي ياد آهن.

نسيم کرل، پير حسام الدين راشديءَ جهڙي ديوقامت (Giant) عالم ۽ تاريخدان جي نظر ۾ ’شهر توڙي ٻهراڙيءَ جي مسئلن ۽ اوڻاين تي لکندڙ ڪامياب ڪهاڻيڪار‘ آهي. غلام محمد گراميءَ جهڙي ذهين نقاد ۽ ادب جي پارکوءَ جي نظر ۾ ’نسيم کرل، جذبات ۽ اُن جي ترجمانيءَ جو ماهر آهي. هن وٽ زندگيءَ جا موضوع به آهن ته فن به. نتيجي طور هو پنهنجي دور جو ڪامياب ڪهاڻيڪار آهي.‘ شمشير الحيدريءَ، نسيم کرل جي ڪهاڻي- ڪتاب: ’چوٽيهون در‘ جي ڊسٽ ڪوَر تي رايو ڏيندي لکيو هو ته، ’سنڌيءَ ۾ هن وقت ميدان ۾ موجود ڪهاڻيڪارن ۾ نسيم کرل سڀني کان سَرس آهي.‘ غلام نبي مغل جي نظر ۾، ’نسيم کرل پنهنجن ڪردارن جي روح کي محسوس ڪيو آهي. سماجي احساس ۽ انساني تجربات کي ڀرپور انداز ۾ پيش ڪرڻ سندس عظمت آهي. سنڌي ٻوليءَ جي چئن نالي وارن اديبن، رسول بخش پليجي، نجم عباسيءَ، آغا سليم ۽ امداد حسينيءَ- نسيم کرل جي ڪهاڻين تي سمورن ناميارن اديبن، ڪهاڻيڪارن ۽ ليکڪن کان بنهه نرالي تنقيدي راءِ ڏني آهي، جيتوڻيڪ هنن نسيم کرل جي فن کي مڃتا به ڏني آهي.

نسيم کرل، جمال ابڙي، غلام رباني آگري ۽ حفيظ شيخ کان پوءِ واري ٽهيءَ جو ڪهاڻيڪار هو. هو ذاتي طرح وڏو زميندار هئڻ جي باوجود پنهنجين ڪهاڻين ۾ نرالو، يڪتا ۽ يگانو ڪهاڻيڪار رهيو.هن پنهنجي ڪهاڻين ۾ زميندار طبقي جي زوال پذيريءَ جي نقشي سان گڏ نئين زماني ۽ جديد سوچ جا چِٽ، جنهن ذهانت، بيباڪيءَ ۽ بهادريءَ سان چِٽيا آهن، اُن جو مثال ٻين ڪهاڻيڪارن وٽ ورلي ملندو. هن سنڌي وڏيري جي ڪردار کي ’زماني جي گردش‘، ’گٽس‘، ’ڪچو رنگ‘، ’زر ۽ زور‘ ۽ ’آٿت‘ ڪهاڻين ۾ ڀرپور نموني چِٽيو آهي. هن زميندار هوندي به ’ڊپلوميسي‘ ۽ ’دوغلي پڻ‘ کان ڪم نه ورتو آهي ۽ وڏيري طبقي جي پرڪارن ۽ افعالن کي کولي بيان ڪيو آهي. عبدالقادر جوڻيجي جي لفظن ۾ نسيم کرل: ’ڪلاسيڪي سنڌي هو، سندس ڳالهين ۾ بناوٽ بدران روح سمايل هو.‘

نسيم کرل جي ڪهاڻين ۾ رچاءُ، نڀاءُ ۽فني اوچائي (climax) ڪمالَ جي هئي. هو ڪهاڻيءَ جي پلاٽ، تاڃي پيٽي، ڪردارن، مڪالمن، لفظن جي چونڊ، جُزئيات جي بيان ۽ پڄاڻيءَ ۾ ڪمال مهارت رکندو هو. هو زندگيءَ جي رنگن ۽ رنگينين، خوبصورتين ۽ رَعناين سان گڏ جيون جي قباحتن، ڪوڙاين ۽ ڪوجهاين کان به واقف هو. هن جي نظر سطحي ۽ مٿاڇري نه هئي، پر سندس مشاهداتي اکِ اُونهي ۽ ڳُوڙهي هئي، اُن ڪري ئي سندس ڪهاڻيون، عبدالقادر جي لفظن ۾ ’روح تي نازل ٿينديون هيون.‘ سندس ٽنهي مجموعن- ’شبنم شبنم ڪنول ڪنول‘، ’چوٽيهون در‘ ۽ ’ڊمي‘ جون ڪهاڻيون، اُن جي ساک ڀرين ٿيون.

آئون آغا سليم سان به سمهت نه آهيان ته ’نسيم کرل ٻاهرينءَ کل جو ڪهاڻيڪار هو.‘ ڇا سنڌي سماج ۾ موجود سمورا مسئلا اندرَ جا ئي مسئلا آهن؟ خارج تي نظر وجهڻ کان سواءِ ’داخلي ڪرب‘ ۽ پيڙا کي محسوس ئي نه ٿو ڪري سگهجي. خارجي حالتون ئي روحن کي زخمي ڪنديون آهن ۽ اندر کي آزارينديون ۽ جيءَ کي جهورينديون آهن.

آءٌ امداد حسينيءَ جي ان راءِ سان به متفق ناهيان ته ’نسيم کرل وٽ ٻوليءَ جو تخليقي پهلو نه هو.‘ پير حسام الدين راشديءَ ۽ ڊاڪٽر غلام علي الانا جا تجزيا، ان ڳالهه جا انڪاري آهن ۽ هنن جي سگهاري راءِ جو نچوڙ اهو نڪري ٿو ته نسيم کرل پنهنجي ڪهاڻين ۾ ’هڪ خاص سماج ۽ اُن ۾ استعمال ٿيندڙ ٻولي محفوظ ڪئي آهي.‘ هن کي پنهنجي ٻوليءَ تي پوري قدرت ۽ دسترس حاصل هئي ۽ اُن کي بلڪل تخيلقي انداز ۾ ڪتب آڻڻ جو وٽس وڏو ڏانءُ پڻ هو. سندس ٻولي، هڪ پوري پسمنظر ۽ ماحول کي چٽِ اُن جو اصلي ۽ نيارو روپ پڌرو ڪري ٿي. نسيم کرل نه رڳو ٻهراڙيءَ جي، پر شهر جي ماڊرن سوسائٽيءَ جي ٻوليءَ، محاورن ۽ ان جي استعمال تي مڪمل گرفت رکندو هو. آئون شوڪت شوري ۽ نسيم کرل جي راين سان سئو سيڪڙو سهمت آهيان ته ’نسيم جي ڪهاڻين ۾ هڪ لفظ ۽ جملي جي تبديلي نه ٿي ڪري سگهجي‘، خاص ڪري ’چوٽيهون در‘ ڪهاڻيءَ جي ڪلائيمڪس، جيڪا نسيم کرل بيان ڪئي آهي، اُها امداد جي تجويز ڪيل ڪلائيمڪس وارن جملن کان بهتر آهي. ’چوٽيهين در‘ ۾ ڦاٿل لاش، روهڙيءَ ۽ سکر جي صوبيدارن جي حدن جو مسئلو هو، جيڪي ’لاش‘ مان جان ڇڏائڻ لاءِ اُن کي سکر بئراج جي ’ٽيٽيهين ۽ چوٽيهين‘ درن ڏانهن ڌڪائيندا رهيا ٿي. جيڪڏهن گيج ريڊر لاش کي لوڙهڻ لاءِ رڳو در ۾ چاٻي ڦيري ها ۽ اُتي ئي ڪهاڻيءَ جي پڄاڻي ٿئي ها ۽ پوءِ ڪهاڻي اهو تاثر نه ڇڏي ها، جيڪو گيج ريڊر جي سروير کي ڏنل هن جواب کان پوءِ جُڙي ٿو ته:

”بابل، ٻنهي صوبيدارن لاش ڪونه ورتو. سو اُن کي اُن بادشاهه جي حوالي ڪيم، جنهن جون حدون تمام وڏيون آهن، هوڏانهن سکر بئراج ته هوڏانهن عربي سمنڊ.“

نسيم کرل جي ڪابه ڪهاڻي، پڄاڻيءَ جي لحاظ کان ڪَسي نه آهي. جيتريقدر ٽيڪنڪ جو سوال آهي ته اِمداد جي اها راءِ وزندار نه ٿي لڳي، جنهن ۾ هُن چيو آهي ته ’نسيم وٽ ٽيڪنڪ جي نواڻ جي سخت کوٽ آهي.‘ نسيم جي هر ڪهاڻيءَ جي ٽيڪنڪ نِرالي آهي ۽ اِها نواڻ ئي کيس پنهنجن همعصرن کان مختلف ۽ وڏو ڪهاڻيڪار ڪري بيهاري ٿي. پليجي صاحب ته مڃيو آهي ته ’نوان لکندڙ کانئس ٽيڪنڪ سِکي سگهن ٿا.‘ اِن حوالي سان نسيم کرل پنهنجي دور جو ’ٽرينڊ سيٽر‘ (Trend setter) ڪهاڻيڪار هو. نسيم نعريباز نه هو ۽ ضروري نه هو ته ’قومي مسئلن‘ کي امدادَ، پليجي يا منهنجيءَ نظر سان ڏسي ها. هر ليکڪ جي نگاهَه ۽ مسئلن ڏانهن پهچ (approach) ساڳي نه هوندي آهي ۽ نه ئي ساڳيا مسئلا ۽ ساڳيا موضوع، سمورن ڪهاڻيڪارن کي ساڳيءَ طرح متاثر ڪندا آهن ۽ اُهي انهن مسئلن تي ساڳئي انداز ۾ لکڻ شروع ڪندا آهن. ماحول ۽ ان جا موضوع ئي هڪ ليکڪ، هڪ ڪهاڻيڪار کي متاثر ڪندا آهن ۽ پنهنجي ماحول جو نسيم کرل بهترين ترجمانُ ۽ عڪاس هو، ان ڪري ئي هو ٻين کان مختلف هو ۽ همعصرن ۾ نرالو ڪهاڻيڪار هو. سندس ڪهاڻين ۾ ’دائمي رهڻ وارا قدر‘ وڌيڪ آهن. اِهو ئي سبب آهي، جو اڄ به سندس ڪهاڻيون اسان کي متاثر ڪن ٿيون.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *