تازيون خبرون

مڪاني چونڊن جون تياريون ۽ تبديليءَ جي ضرورت!؛خالد ٻانڀڻ

مڪاني چونڊن جي موسم اچڻ واري آهي، سياسي شطرنج جي رانديگرن هاڻي کان سندرا ٻڌڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن. لڳي ايئن رهيو آهي ته هن ڀيري چونڊن جي سڻڀن عهدن تي اڪثريت پوين آزمايل گهٺل پيٺل سياستدانن ۽ سردارن جا پٽ، ڀائر، ڀائٽيا، سئوٽ، ماسات اڪثريت سان ايندا، ڇو ته ڏسڻ ۾ ايندڙ تياريون ڪجهه اهڙي طرح جون شروع ٿي ويون آهن. اسان وٽ سياست هر ڀيري موروثيت جو شڪار ٿيندي پئي وڃي، نتيجن ڪا به تبديلي نه اچڻ سبب سياست ۾ به جمود واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي. سو هن ڀيري ان جمود کي ٽوڙڻ ۽ تبديلي واري فضا کي ڦهلائڻو پوندو. ماڻهن ۾ شعور جي مهم کي تيز ڪرڻو پوندو، ڇو ته هاڻي وقت ڪافي تبديل ٿي چڪو آهي، جيڪڏهن ان جو ڀرپور فائدو نه ورتو ويو ته وري ساڳين خاندانن جا رڳو چهرا مَٽجي، اسان جي سامهون ايندا.

هاڻي پاڻ اچون ٿا انهيءَ ڳالهه تي ته سکر ضلعي ۾ مڪاني چونڊن جو منظرنامون ڪيئن بيهندو؟ سکر ۾ ضلعي ڪائونسل ميونسپل ڪارپوريشن سان گڏ 5 ٽائون ڪميٽيون ۽ ميونسپل آهن، ان سان گڏ 5 تعلقا جنهن ۾ سکر سٽي، نئون سکر، روهڙي، صالح پٽ ۽ پنوعاقل شامل آهن، جڏهن ته ان سان گڏ 26 يونين ڪائونسلون پڻ پرويز مشرف جي دور ۾ جوڙيون ويون هيون. هن ڀيري جيڪي مڪاني چونڊون  ٿينديون، اهي انهن سيٽن تي هونديون. سکر ضلعي جون 2 ايم اين اي، 3 ايم پي اي جون سيٽون سدائين پيپلز پارٽي وٽ رهيون آهن. جڏهن ته هڪ شهر واري ايم پي اي جي سيٽ متحده وٽ آهي. اها سيٽ به گذريل اليڪشن ۾ پارٽي جي اندروني اختلافن جو شڪار ٿي متحده وٽ هلي وئي آهي. هن ڀيري مڪاني چونڊن ۾ لڳي رهيو آهي ته اپوزيشن ليڊر سيد خورشيد احمد شاهه ۽ سينيٽر اسلام الدين شيخ ٻئي هڪ پارٽي ۾ هوندي پنهنجا جدا اميدوار آڻڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهن. جيڪڏهن ايئن ٿيو ته فائدو متحده، (ن) ليگ، تحريڪ انصاف، فنڪشنل ليگ کي ٿيندو. ڇو ته سکر سٽي تان 2 دفعا لاڳيتو ايم پي اي رهندڙ ڊاڪٽر نصرالله بلوچ جيڪو سيد خورشيد احمد شاهه جو ويجهو مائٽ آهي، ان جي اها ڪوشش آهي ته سکر ميونسپل ڪارپوريشن تي ميئر جي سيٽ ڊاڪٽر نصرالله بلوچ کي ملي. جڏهن ته اسلام الدين شيخ جي ڪوشش هوندي ته هو پنهنجي پٽ بئريسٽر ارسلان شيخ کي ميئر جي لاءِ پارٽي کان ٽڪيٽ وٺي. ساڳي ريت سيد ناصر حسين شاهه جيڪو هينئر مڪاني ادارن جو صوبائي وزير آهي، ان جو پٽ پڻ سياست ۾ لٿل آهي ۽ تقريبن ۾ رڌل آهي. صوبائي وزير جي ضرور خواهش هوندي ته هو ڪنهن وڏي عهدي تي پنهنجي پٽ کي ڏسي. ساڳيءَ ريت متحده جي دعويٰ آهي ته هنن جو شهر ۾ ووٽ بئنڪ آهي، ميئر ڪو هنن جي پارٽيءَ جو اچي.

هن ڀيري صورتحال ڪجهه هن ريت به تبديل آهي ته (ن) ليگ جو ايترو ووٽ ناهي پر فنڪشنل ليگ ۽ تحريڪ انصاف وارا اليڪشن جي ڪايا کي پلٽي سگهن ٿا. جيڪڏهن کٽي نه سگهن تڏهن به نَنهن چوٽيءَ جو زور لڳائي سخت مقابلي واري صورتحال پيدا ڪري سگهن ٿا. پيپلز پارٽي جي ستن سالن جي دورِ حڪومت ۾ سکر ۾ ڪا وڏي تبديلي نظر ڪونه پئي اچي، جيڪا هو کڻي اليڪشن ۾ عوام وٽ ويندا. فنڊن جو ڪو حساب ڪتاب ڪونهي ڪو؛ شهرن جي ڀينگ لڳي پئي آهي. سو هن ڀيري صحيح اميدوار چونڊجڻ لاءِ سول سوسائٽي، سماجي تنظيمن، ميڊيا، وڪيلن کي پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. عوام ۾ سجاڳي مهم جي هاڻي کان ابتدا ڪرڻي پوندي. سيپٽمبر ۾ عمران خان به سنڌ جا دورا شروع ڪندو، پنهنجي پارٽي کي کٽرائڻ لاءِ. اسان کي ماضي جي غلطين کي ورجائڻ کان پهرين ڪا حڪمت عملي جوڙڻ جي ضرورت آهي، جنهن جي سخت کوٽ آهي. هاڻي اهو زمانو ناهي جو ووٽ خيرات ۾ ڏجي. ٻي هڪڙي اهم ڳالهه ڪندو هلان ته 2010ع واري مها ٻوڏ دوران لکن جي تعداد ۾ جيڪا لڏ پلاڻ ٿي هئي، اُن نه رڳو سکر پر سنڌ جي 50 سيڪڙو شهرن تي نوان اثر ڇڏيا هئا. انهن مان سوين خاندان هن وقت به واپس پنهنجن ڳوٺن گهرن ڏانهن وڃڻ بدران نقل مڪاني ڪري ويٺل آهن. ڪيترن ئي ڳوٺن جا نشان ختم ٿيل آهن. سو اليڪشن ڪميشن کي اليڪشن کان پهرين مردمشماري، گهر شماري ڪرائڻي پوندي. ان بنياد تي نيون تڪ بنديون ڪرڻ سان گڏ اهو به جائزو وٺڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ته سنڌ کان علاوه جيڪي ٻاهران هتي لڏي اچي پنهنجا شناختي ڪارڊ ٺهرائي سڃاڻپ وٺي ويٺا آهن، انهن جو ووٽ ڪيئن ڪاسٽ ٿيندو؟جيڪڏهن مڪاني چونڊون بايو ميٽرڪ سسٽم تحت ٿين ته جيڪر سئو سيڪڙو اڇا ڪارا پڌرا ٿي وڃن. پارٽين تي قابض شخصيتن، پارٽين جا منشور ۽ نظريا تباهه ڪري ڇڏيا آهن، اسان وٽ رڳو خانداني سياست ٿي وئي آهي. مخصوص خاندانن پنهنجي مفادن خاطر سنڌ جو اسٽرڪچر تباهه ڪري ڇڏيو آهي. پورو سماج ڄڻ انارڪيءَ ڏانهن پيو وڃي. ’هيڏا هاڃا ٿين بري هن ڀنڀرو ۾‘ تڏهن به اسان خاموش رهون. آخر ڪڏهن سجاڳ ٿينداسين؟ اهو ڪڏهن احساس پيدا ٿيندو ته سماج ۾ تبديلي اسان کي ئي آڻڻي آهي، ٻاهران اچي ڪو اسان کي سڀ ڪجهه ٺيڪ ڪري ڪونه ڏيندو. چئجي ته هر شيءَ ڪو هٿ تي اچي رکندو، اهو صرف خواب ئي ٿي سگهي ٿو. جيڪي خوابن ۾ رهندا آهن، اهي ڪڏهن ساڀيان کي ڇهي ناهن سگهندا. مڪاني چونڊون به ٻوڏ وانگر ڪامورن جي ڪمائيءَ جو رڳو ذريعو نه بڻجڻ گهرجي. جيڪڏهن پاڻ جيئن آهي تيئن جي بنياد تي هلڻ چاهيون ٿا ته پوءِ ڪڏهن به ترقي نه ايندي، سڀ ڪجهه ڌوڙ ٿي ويندو.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *