تازيون خبرون

ميهڙ جي مقتولن سان انصاف بدران مزاق ڇو؟: ڪامريڊ منان چانڊيو

ڏھن ڏينهن تائين پوليس جي ڦل پروٽوڪول ۾ هوندڙ چانڊيا قبيلي جي سردار پنهنجي دلبند ۽ ڪوٽ جي ڪنگري ڀاءُ سميت پنهنجي ئي قبيلي جي ٽن ماڻھن جي قتل ڪيس ۾ عبوري ضمانت ڪرائڻ کان پوءِ وڏي شان و شوڪت ۽ روب تاب سان مزڪوره ڪيس جي جاچ آفيسر ايس ايس پي پير محمد شاهه وٽ بيان ڏيڻ لاءِ پهتو. جنهن صاحب هن جي شاهدن جا زباني بيان ٻڌا ۽ وڌيڪ تفصيل ٻڌائڻ لاءِ نئون شهرو فيروز جي اي ٽي سي ڪورٽ ۾ رجوع ڪرڻ جي صلاح ڏني. چانڊيا نواب ڀائرن ايس ايس پي سان گپ شپ ڪرڻ کان پوءِ رات جي پيٽ ۾ ڪراچيءَ جي پوش علائقي ۾ پنهنجي محل نما گهر پهچي آرام ڪرڻ کان پوءِ صبح جو تازو توانو ٿي، ٻن صوبائي وزيرن هر هڪ مير هزار خان بجاراڻي، مير ممتاز جکراڻي، ۽ ٻين با اثر دوستن جي وچ ۾ ويهي، نهايت ئي صبر تحمل ۽ اطمينان سان پريس ڪانفرنس ڪندي فرمايو، ته 17 جنوري تي ميهڙ شھر ۾ قتل ٿيندڙ ڪرم الله چانڊيو، سندس ٻن پٽن هر هڪ مختيار ۽ قابل چانڊيو سان هنن جي ڪابه دشمني ڪونه هئي، نه وري هنن سندس ڪجهه بگاڙيو هيو. ته پوءِ ٻن ڀائرن سيمت پيءُ کي مارائڻ جهڙو ڪبيرو گناهه ڇو ڪندو؟ هن اهو پڻ چيو ته، ادا برهان خان جي رئيس مختيار سان دلي دوستي هئي. ان ڪري کين اهڙي بي وقتي موتن تي وڏو رنج رسيو آھي. ڀوتارن اهو پڻ فرمايو ته، اسان جي سياسي مخالفن خصوصن منظور معرفاڻي جي چرچ تي مقتولن جي وارثن ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو آھي، جتي همراھن پنهنجي پاڻ کي بيڏوهي ثابت ڪرائڻ لاءِ ڪيتريون ئي ڏنگيون فنگيون ڳالهيون ڪيون. اتي وري پنهنجي قبيلي خاص ڪري مسڪين ماڻھن سان چڱاين ڀلايل ڀالن جون ڪيتريون ڊگهيون ڪهاڻيون ٻڌايون. يارن جي بيان ڪيل الف ليلي ۽ طوطو مينا واري افساني ۾ ڪيتري صداقت آھي. اها خبر هڪ خدا کي ۽ ٻئي ڌرين کي، پر ٽن بي قصور مارجي ويل گهرڀاتين جي ريٽي رت جا جيڪي ڦڙا نوابن جي اڇي اجري چهري مبارڪ ۽ سفيد ڪاٽن واري پوشاڪ تي پيا آھن. اهي ڌوپڻ مشڪل آھن.

اسان کي حيرت ان ڳالهه تي آھي ته، پ پ سان لاڳاپيل ٽن مقامي اڳواڻن جيڪي چونڊيل عيوضي هجن. جن جو ووٽ بئنڪ به هجي، انهن جي بيگناهه مارجي وڃڻ تي، پارٽي وارا مقتولن جي وارثن جو ساٿ ڏيڻ بدران قاتل ڌر جا حمايتي ٿي، پنهنجو پاڻ تي يزيديت جو پيروڪار هجڻ جو ٺپو لڳرائي رهيا آھن. انهن کي اهو به خيال ڪونه ٿو ٿئي ته اسلامي نقطي نگاهه، قانوني، اخلاقي ۽ انساني ناتي سان هر مظلوم ۽ ماريل ڌر جو ساٿ ڏيڻ گهرجي. نه وري ظالم ۽ قاتل جو، ڪجھ ڏينهن اڳ سنڌي اخبارن تي نظر پوڻ سان اهو پڙهي تعجب ۽ ڏک ٿيو ته، عوامي فورم قمبر پاران ميهڙ سانحي ۾ ڄاڻايل مخ ۽ بااثر جوابدارن جي حمايت ۾ قمبر لاڙڪاڻو روڊتي ڌرڻو هڻي، ٽن ڪلاڪن تائين خلق خدا جي اچ وڃ ۾ رنڊڪ ۽ خلل وجهي ڇڏيو. ان ڌرڻي ۾ شامل ڀوتارن جي ڪمندارن، ڪاراون، نوڪرن چاڪرن، گن مينن، گلم جي توبچين، کان ويندي ڏوهاري ذهنيت رکندڙ رنگ روٽ رئيس وڏيرا، پيٽ پرست، پن جون ٽڪيون کائيندڙ، چنداخور حضرات ۽ ٿڪيل يا سڙهه ڍڳي وانگر مڪريل ڪامريڊ به شامل هئا. جن سڀني وڏي نڪ جي پڪائي سان ڪاڪڙي ڦاڙ نعري بازي ڪندي ڀوتارن جي ونگار وھڻ ۽ پاڻ وڻائڻ ۾ وسان ڪونه گهٽايو.

اسان جي نظر ۾ ڪنهن سان به ناانصافي ٿيڻ جي صورت ۾ پر امن نموني احتجاج ڪرڻ هر هڪ ڌر ۽ فرد جو حق آھي. ان ڪري ميهڙ سانحي جي مقتولن جي خون سان انصاف ٿيڻ لاءِ ٿيندڙ احتجاج سمجهه ۾ اچن ٿا. ڇو ته هڪ گهر جا ٽي فرد بي قصور مارجڻ ڪا معمولي ڳالهه ڪونهي. هڪ ته اهڙي قهري ڪاروائي ڪرڻ جي مذهب اسلام، ملڪ جي قانون توڙي اخلاقي، سماجي ۽ انساني قدرن جي سنگين لتاڙ آھي. ان ڪري مقتولن جي وارثن سان همدردي ۽ قاتلن جي جلد از جلد گرفتاري لاءِ سڄي سنڌ ۾ ٿيندڙ ننڍا يا وڏا احتجاج هڪ فطري عمل آھي. ان جي جيتري به واکاڻ ڪجي اها گهٽ آهي. ڇاڪاڻ ته اهڙي عمل سان جتي ميهڙ ۾ ٿيندڙ شهيدن جي روح کي راحت ۽ انهن جي وارثن کي آٿت ملندي، اتي وري سنڌي سماج ۾ هڪ بهتر ۽ مثبت روايت قائم ٿيندي. ان کان سواءِ قاتلن ۽ انهن جي سرپرستي ڪندڙن جي حوصلا شڪني ٿيندي، پر قاتلن جي حمايت ۾ ٿيندڙ احتجاج سان هڪ ته انصاف جي راهه ۾ رڪاوٽ پوندي، ٻيو ته قاتلن جو من وڌي ويندو. ٽيون ته ظالمن، مظلومن، قاتلن ۽ مقتولن توڙي حق ۽ ناحق ۾ فرق ظاهر ڪونه ٿيندو. اهڙي ريت قاتلن ۽ جلادن جي همٿ افزائي ٿيندي جنهن ڪري اهي سفاڪ قوتون وري ڪنهن ٻئي ميهڙ جهڙي واقعي ڪرڻ لاءِ ذهني طور تي تيار ٿي وينديون. اسان اهو واضع ڪندا هلون ته، ڪنهن به بيگناهه ماڻھو مارڻ يا وري ڪنهن ماڻھو کي بيگناهه قتل جي ڪيس ۾ ملوث ڪرڻ ڄڻ ته برابر جا گناهه آھن. پر ميھڙ ۾ برپاٿيل نسوري قيامت صرف ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار جو ڪارڻ آھي، يا ان ۾ ٽئين طاقتور ڌر جي رٿابندي آھي. ان جي اصل حقيقت ته ڌرين کي ئي معلوم هوندي. ليڪن ايڏي وڏي خوني وارڌات کي محض هڪ پراڻي جهيڙي، سوبه ڪيترا سال اڳ نبيرجڻ کان پوءِ جو جواز ڄاڻائي ڇڏجي. اها سڌي سئنين بيوقوفي خود فريبي ٿيندي. جنهن کي قبول ڪرڻ هڪ مذاق آھي.

پاڻ مٿي ڳالهه ڪري آيا آھيون قمبر ۽ ٻين شھرن ۾ چانڊيا ڀوتارن جيڪي هاڻي جوابدار بنجي چڪا آھن. انهن جي حق ۾ ٿيندڙ مظاهرن جي ته، اهو هڪ غير فطري، غير ضروري ۽ ميھڙ جي شھيدن سان مذاق آھي. جنهن جي ڪنهن به مهذب معاشري ۾ اجازت ۽ ضرورت ڪونه آھي. جيستائين ڳالهه آھي، چانڊيا نوابن تي قتل جو ڪيس داخل ٿيڻ ته، اهو ڪو عام رواجي ڪيس ڪونه آھي، ۽ جهڙي ريت ان ڪيس کي ڀوتارن پاران غير سنجيدگي سان ڏٺو پيو وڃي ۽ جهڙي ريت وري هو رونشي ڪوڏي ماڻھن پاران پنهنجي حق ۾ مظاهرا احتجاج ڪرائڻ ۽ ڌرڻا هڻائڻ توڙي بک هڙتالن جي ٻاراڻي راند کيڏي رهيا آھن. ان سان اڃا به ڀوتارن کي نه صرف پنهنجي قبيلي ۾ تڪراري، مشڪوڪ ۽ سوڙھو ڪري ڇڏيو آهي، پر ڪشمور کان ڪيٽي بندر ۽ ڪارونجهر کان ڪاڇي تائين رهندڙ لکين ڪروڙين خاص ڪري ساڃاهه وند ڌرين ۽ فردن جي نظر ۾ قاتل نه، تڏھن به قاتلن کي ھشي ڏيڻ ۽ انهن جو سهولتڪار ضرور ته صور ڪن ٿا. جنهن جو مطلب اهو ٿيو ته، هن وقت جيتوڻيڪ ڀوتار قانون جي فولادي پڪڙ ۾ ڪونه آيا آھن ۽ هو ظاهري طور آرام ۽ بي فڪري سان موجون ماڻيندا وتن پيا، پر اندروني طور تي هنن کي اها ڦپڙي لڳل آھي ته، هو ڪهڙي به وقت انصاف جي ڪٽھڙي ۾ اڀ پيرا بيهي، پنهنجي اعمالن جو ڪفارو ضرور ڀوڳيندا. اسان جو ڀوتارن سان ڪوبه مغض يا ساڙ ڪونه آهي، نه وري اسان هنن جي ڪردار ڪشي ڪري رهيا آھيون، پر حقيقت کان منهن موڙڻ ناداني ۽ منافقي ٿيندي، جيڪا پاڻ نه ڪڏھن اڳ ۾ ڪئي آھي. نه وري هاڻي ۽ سباڻي ڪنداسين.

اسان هتي ڪجهه اصل حقيقتون منظر تي آڻڻ ضروري سمجهون ٿا ته، جيئن ڀوتارن جو اصل ڪردار ۽ روپ خلق خدا اڳيان ظاهر ٿئي. مثال طوربتي ڪجهه سال اڳ ڀوتارن چانڊيا قبيلي جي هڪ برادري چولياڻي جي هڪ ڌر جو پاسو وٺي، ٻي ڌر جا ڪيترائي ماڻهو مارايا. جيڪا حقيقت رڪارڊ تي موجود آھي. ان کان علاوه سياسي مخالفت ۽ ڀوتار سان 2013ع جي اليڪشن ۾ سامهون بيهندڙ عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ سرتاج احمد چانڊيو کي وارهه شھر مان پوليس هٿاران اغوا ڪرائي ڪوڙي پوليس مقابلي ۾ مارائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي وئي هئي. ان کان سواءِ عوامي تحريڪ جي ڪيترين ئي ڪارڪنن تي پوليس هٿاران ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا ويا. پنهنجي ئي تڪ جي حمل ڍنڍ جو پاڻي بند ڪرائي، هزارين ڪاڇي واسين آبادگارن کي بيروزگار بنايو ويو. ان کان علاوه ڪاڇي جي هزارين ايڪڙ زمين جا ڪوڙا کاتا ٺھرائي، اهي زمينون پنهنجي قبضي هيٺ رکيون ويون. آخر ۾ آءُ ڀوتارن جو مختلف برادرين کي پاڻ ۾ ويڙھائڻ جي ترغيب ڏيڻ جو هڪ ڪنن ٻڌو ۽ اکين ڏٺو مثال لکڻ ضروري سمجهان ٿو.

ڪجهه سال اڳ معرفاڻي برادري جي ٻن پاڙن جهڙوڪ حملاڻي ۽ انناڻي ۾ خونريزي ٿي. ان خونريزي کي روڪائڻ ۽ ڌرين کي کير کنڊ ڪرائڻ لاءِ معرفاڻي برادري جي تمندار هڪ امن ڪٺ ڪوٺرايو. ان ڪٺ ۾ اوچتو برهان خان پهتو. جنهن اچڻ شرط چيو ته آءُ انناڻي ڌر کي هٿيار ۽ ماڻھو ڏيان ٿو ته، هو مخالف ڌر کي ماري مات ڏئي. ڀوتار جي اهڙي شرارت کي معرفاڻي برادري رد ڪري ڇڏيو. مٿي ڄاڻايل حقيقتن کان سواءِ ٻيون به ڀوتارن بابت ڪيتريون ئي تلخ ۽ ڪڙيون حقيقتون آھن. جيڪي ڪنهن مناسب وقت تي ضرور ميڊيا تي آنديون وينديون. اسين آخر ۾ چانڊيا قبيلي جي سمورين برادرين ۽ ٻين ماڻھن جيڪي ڀوتارن ۽ قاتلن جي حمايت ۾ مظاهرا ۽ احتجاج ڪري ميهڙ جي مقتولن جي خون سان مذاق ڪري رهيا آهن. اها فورن بند ڪري مقتولن جو ساٿ ڏئي، پنهجي شعور، ماڻھپي جو عملي ثبوت ڏين. ته جئين آئينده لاءِ ميھڙ سانحي جهڙا سانحا رونما نه ٿين.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *