تازيون خبرون

مولانا صاحب جي ٽياڪڙي ۽ سنڌ جو افسوس!؛عديل مهر

پي ٽي آءِ وارن جي استعيفائن تي عمل ڪرڻ لاءِ زور ڏيندڙ مولانا صاحب مرڪزي سرڪار جي گذارش تي گهر لنگهي وڃي ڪراچيءَ وارن کي استعيفائون واپس وٺڻ لاءِ منٿ ڪري مڃائي ته ورتو پر ان ڳالهه تي پنهنجن جي نِرڙ ۾ جيڪي گهُنج پيا اٿس، اُهي ڪيئن ڪڍندو؟! هن جي نائن زيرو- ياترا ڪيترا ڪاوڙايا آهن، همدرديءَ کي جيڪو هاڃو رسيو تنهن جو ڇا ٿيندو!؟

پنهنجا فرض ۽ واجب وساري ڪنهن جي نياپي تي نِڪري پوڻ کان اڳ ۾ جي اهو پارٽي ڏسي ها ته نياپو ڪنهن جو آهي، اهو نيڻو ۽ ڏيڻو ڪهڙي قسم جي ماڻهن کي آهي؟ ته شايد پرائي غرض کي پنهنجو عرض بنائڻ جو فيصلو نه ٿئي ها- پر پارٽيءَ وارن کي به اخبارن ٻئي ڏينهن ٻڌايو ته انهن جو قائد ڪلهه ڪٿي هو! جنهن سان طرزِ سياست ۽ نظريي جو پلس مائنس جهڙو فرق هجي، تنهن ڏي پرايا پيغام کڻي پهچڻ مولانا قسم جي ماڻهن جي منصب جو ڪم ناهي، جيڪڏهن ضروري هو ته اهو به طئي ان جي پارٽيءَ کي ڪرڻو هو، اهو انفرادي سطح جهڙو قدم نه هو. جڏهن ائين ٿيو آهي ته ان تي افسوس ٿيڻ انهن لاءِ فطري ڳالهه آهي، جيڪي ڪارڪن سياست کان ايمان کي مٿانهون سمجهن ٿا.

ان جي ضرورت ڪهڙي هئي؟ ملڪ ۽ عوام جو ڇا پيو وڃي، جيڪو وارو وارو ڪري مولانا بچائي ورتو؟ هيءَ رياست ۾ سياست جي راند آهي کيڏڻ وارا کيڏن ٿا، ڪڏهن هي ٿو کٽي، ڪڏهن هُو ٿو کٽي. اُهي هڪ ٻئي کي ڪٽڻو، ڪڏهن هي ٿو ڪٽي ڪڏهن هو ٿو ڪٽي، وچ ۾ ڪنهن جو ڇا وڃي! ان ۾ رُسڻ روٽين جو عمل آهي ۽ پرچڻ عادت واري ڳالهه! ان ۾ اُن شخصيت جو ڇا وڃي، جنهن جا لکن جي تعداد ۾ پيروڪار هجن ۽ پيروي ثواب سمجهي ڪئي ويندي هجي. مولانا صاحب، جي پنهنجي منصب کي ڏسي ها ته هنن ڏي نه اچي ها. سوچي ها ته ڀلا جي هو سچ ۾ استعيفائون ڏين ٿا ته غلط ڇا ٿا ڪن؟ داداگيريءَ سان ورتل مينڊيٽ جيڪڏهن، داداگيري نه ٿي سگهڻ تي سيڪ کائي موٽائي ٿا ڏين ته اها ڳالهه ته چڱي چئبي. هنن جي اهڙي ڪاوڙ ۾ ته برڪت پوڻ کپي، مولانا دعا جا ٻه هٿ کڻي چوي ڌڻي! دڳ اهوئي وٺائين، من ان ملڪ جو خير هجي! مولانا صاحب سوچي ته هنن جي انهيءَ مينڊيٽ جنهن جو هي خير ٿو گهُري، ڪراچيءَ جو ڪهڙو حال ڪيو آهي؟ مولانا صاحب هنن جي ذريعي ڪراچيءَ کي ڇا ٿو ڏيڻ چاهي!؟ انهن ڪوششن جو ڪو ڪارج!؟

استعيفيٰ ڏيڻ وارن کي رنجش جا دورا پوندا آهن. هنن رُسڻ جو به رڪارڊ قائم ڪيو آهي ته پرچڻ جا به مثال قائم ڪيا اٿائون. جيئن بجلي اچي ۽ وڃي، بلب وِسن ۽ ٻَرن، تيئن هي به رُسن ۽ پرچن!! هنن جي ”مُوڊ- شيڊنگ“ آهي ئي آهي! ڪڏهن مُنهن سُڄيل، ڪڏهن ٽوٿ پيسٽ جو اشتهار!! اهڙن ڏي وڃي ايلاز ڪرڻ ائين آهي جيئن بجلي وڃڻ تي ڪوئي گرڊ اسٽيشن وڃي عرض ڪري ته ٻيلي سياڻا ٿيو پاور کوليو ۽ جواب مليس ته تون هل بجلي ڪڍ اچئي ٿي! وقت جو وڏو زيان آهي، هجي ڪو پهريون ڀيرو ٿيندو، هجي ڪو قومي نقصان ته پوءِ صلح به ثواب هوندو آهي. هي مفادن جي ويڙهه آهي، مصلحتن جو ٺاهه آهي، انهيءَ ۾ انهن جي عمر گذري آهي ۽ سرڪارن جا سَن گذريا آهن. هي مفاهمت ڪرڻ وارن کي پنهنجو اهڙو موالي بڻائي ٿا ڇڏين جو اهو نشو ڪرڻ وارو نقصان ڄاڻندي به پنهنجي جان نه ڇڏائي سگهندو آهي. مواليءَ کي ٻاڙ لڳي ۽ وزم لاءِ موڪلي ته ڀلا هليو اچجي ڇا!؟ هي واسطي رکڻ وارن کي ونگي ٿا ڇڏين، هي ڪم ئي اهڙو ٿا ڏين جو وٺڻ وارو وساري نٿو سگهي، وڇوڙي جي ويل وتي ٿو مددگار ڳوليندو. هنن جي مدد فل ٽائيم جاب آهي، جيڪو واندو هجي ته ڪري، ڪنهن پارٽيءَ واري قائد جو هي ڪم ناهي. هنن استعيفائون ڏنيون آهن، آپريشن مان جان ڇڏائڻ لاءِ،

ڪراچي وارن جون چلولايون بند ٿي ويون آهن. چندو نٿا ڪري سگهن، اوڳاڙي نٿا ڪري سگهن، قربانيءَ واري عيد مٿئون آهي، کلون نه کڻي سگهندا. ٻاهران اچڻ بند آهي، گهرئون ٿا کائن ويٺا، کائي کائي کُٽي ويا آهن. سندن اهڙا ڪيترا ئي جهليل آهن، جيڪي هٿڙي هڻي ايندا آهن، باقي ڀؤ کان نٿا نڪرن، دڳ بند ٿي ويا آهن، رستن تي رينجرز وارا ويٺا آهن، ڇنڻ وارا پنڻ جهڙا ٿي پيا آهن. جهڙي عام ماڻهوءَ سان ڪندا هئا تهڙي ساڻن ٿئي پئي. آپريشن کين عام جام ڪري ڇڏيو آهي. ٺهيو ڪرڻ ۽ ٺاهه ڪرڻ هنن جي مجبوري آهي. هنن کي ڪو چوڻ وارو کپندو هو، هي تيار بيٺا هئا، مولانا هنن کي چيو ۽ هنن ها ڪرڻ ۾ دير نه ڪئي.

پر مولانا صاحب اهو ڪم ڪري مرڪز ۾ ته مارڪون کنيون هونديون پر سنڌ ۾ پنهنجو پيپر ڪسو ڪري ڇڏيو. هو پنهنجي ماڻهن کي هيڏي اوپرو ٿو ڪري. هن جا ڪارڪن پنهنجي ان قائد جو دفاع نه ڪري سگهندا. ڪندا ته اڪيلا رهجي ويندا. اهو انهن جي ”شهيد“ جي محنت تي پاڻي پيو ڦِري. هاڻي جيڪو ڊاڪٽر خالد محمود جي خيال مان نڪرندو، تڏهن قائد جي تازي قدم جو دفاع ڪري سگهندو. مولانا صاحب سنڌ جي عوام جي دل آزاري ڪري وڌي آهي. ڊاڪٽر شهيد سنڌ جي حقن جي ڳالهه ڪندو هو ته ڏاڍو وڻندو هو، اهو ئي سبب آهي جو هن جي شهادت تي سنڌ ڏاڍو رُني هئي. سنڌ هڪ شهيد بينظير جي شهادت تي رُني ٻيو ڊاڪٽر خالد محمود جي شهادت سنڌ کان سُڏڪا ڀرايا. انهن کي پنهنجو هٿ ڏيڻ پسند نه ڪندو هو جن کان هن جي قائد پاڻ تي گُل ڇٽايا آهن. هن سنڌ جي سڄي وجود کي نظرانداز ڪري سنڌ جي نڪ تي ويٺل مک سان ميل جول کي اهميت ڏئي ڄڻ ته هن ديس جي سونهن تي چٿر ڪئي آهي. ڪراچي سنڌ جو مٿو آهي، انهيءَ سر کي سنڌ جي سرير کان جدا ڪرڻ وارن جي عزت افزائي ڪري مولانا پنهنجو ئي ايڏو نقصان ڪيو آهي، جنهن کي پورو ڪرڻ لاءِ کيس سئو جلسا ڪرڻا پوندا.اخبارن ۾ هن جي ڪارڪنن جي بيچيني رپورٽ ٿي آهي. ممڪن آهي هو مذهبي عقيدت ۾ پنهنجو ڏک وساري ڇڏين ۽ چون ته اهڙيون رنجشون پنهنجي قائد جي موڊ تان قربان پر هو به سنڌ جي  موڊ کي نظرانداز نه ڪري سگهندا. سنڌ کي ڇڏيو، هو پنهنجا شهيد ڪيئن وساري ڇڏيندا. مفتي نظام الدين شامزئي کان ويندي مفتي محمد يوسف لڌيانوي تائين ڪيترائي ڪنهن جا شهيد آهن، اهي ڪٿي قتل ٿيا هئا؟ ڇا هنن کي ياد نه هوندو ته مسجدن ۽ مدرسن کي دهشتگردي جا اڏا ڪير ڪوٺيندو آهي؟ ڇا هنن کان وسريو هوندو ته سنڌ ۾ ٻٽو نظام ڪنهن پئي لاڳو ڪرايو؟ سنڌ کي ورهائڻ جي سازش ڪنهن جي آهي، الڳ صوبو ڪنهن جي گهُر ۽ تحريڪ آهي. سڀني کي سڀ ياد آهي، انهيءَ ڪري ڪو به سنڌ مان نائن زيرو تي نه ويو، اظهار لاءِ ڪجهه وڌيڪ جرئت کپندي آهي.

ليڪن چهري جا تاثرات سنڌ جي ڪيفيت جي نمائندگي ضرور ڪندا هوندا. لڳي ٿو ته مولانا صاحب جو سنڌ جي نبض تي هٿ ڪونهي. هاڻي پتو پيو ته هن جو پنهنجي ڪارڪنن جي به نبض تي هٿ ڪونهي؛ تڏهن ته وفاق جي مطلب لاءِ سنڌ جي حالت کي نظرانداز ڪري ٿو پر اُميد اها آهي ته شهيد خالد محمود واري سنڌ دوستي پنهنجي قيادت کي قائل ڪرڻ جي ڪوشش ضرور ڪندي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *