تازيون خبرون

موجوده سنڌي ادبي سنگت جي حيثيت ؛سرواڻ چانڊيو

سنڌي ادبي سنگت جي چونڊن کان ٻه ٽي ڏينهن اڳ ۾ سنگت جي ڪردار ۽ سنگت جي رهجي ويل ڪارج جي حوالي سان هڪ بحث شروع ٿي ويو آهي، ان بحث کي ذاتي تناظر ۾ ڏسڻ نه گهرجي پر انهن سڀني رخن تي جاچڻ گهرجي ته سنڌي ادبي سنگت ڇو ۽ ڇا جي لاءِ پنهنجي اصل مقصد کان هٽي صرف پنهنجون چونڊون ڪرائڻ تائين محدود رهجي وئي آهي ان جا سبب ڇا آهن ۽ ان جا ذميدار ڪير آهن؟

سنڌي ادبي سنگت ڪنهن دور ۾ سنڌ جي شعور جو مورچو هئي ۽ هر ان ڪاهه جي اڳيان سنڌ جا اديب سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان شيهي جي ديوار بڻجي ويندا هئا جيڪا ڪاهه سنڌ جي بنيادن، سنڌ جي سرحدن، سنڌ جي ثقافت ۽ سنڌ جي جاگرافيائي بيهڪ جي خلاف ڪئي وئي، هر دور ۾ سنڌ جي اديبن پاڻ ملهايو ۽ ڪيتريون ئي قربانيون ڏنيون ۽ انهن اديبن ۾ شعور سنڌي ادبي سنگت جي دستوري گڏجاڻين وسيلي آيو جنهن ۾ سينئر اديب جونئير اديبن جي بغير لالچ ۽ لوڀ جي سکيا ڪندا هئا. اسان وٽ ته ٻارڙن کي پڙهائڻ جي لاءِ به ٻن ٽن ڪلاڪن لاءِ ٽيوشن جي مد ۾ هزارين روپيا ورتا وڃن ٿا پر سنڌ جي اديب بنا ڪنهن لالچ ۽ لوڀ جي صرف سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان نوجوانن کي سکيا ڏني ۽ انهن کي معاشري ۾ اهو مقام عطا ڪرڻ ۽ ڏاڍ جي مقابلي لاءِ تيار ڪيو ۽ اهو به بنا ڪنهن ٽڪو ٽڪر وٺڻ جي.

سنڌي ادبي سنگت ڪنهن وقت ۾ حڪمرانن جي لاءِ ڇرڪائيندڙ خواب هئي ۽ سنڌي ادبي سنگت جون چونڊون پڻ ائين مانيٽر ٿينديون هيون جيئن عام چونڊن جي مانيٽرنگ ٿئي ٿي ۽ سنڌي ادبي سنگت جي چونڊ به ڪنهن اسيمبلي جي چونڊ کان گهٽ نه هوندي هئي. چونڊ شيڊول پڌرو ٿيندي ئي سرگرميون ايتريون ته وڌي وينديون هيون جو وستي وستي واهڻ واهڻ اديب گهمندي نظر ايندا هئا ۽ پنهنجي پينلن يا پنهنجي اميدوارن جي لاءِ ننهن چوٽي جو زور لڳائيندا هئا. سنڌي ادبي سنگت جون چونڊون ان حوالي سان به مشڪل هونديون هيون جو ڪنهن شعور کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪرڻ ۽ پنهنجو حمايتي بڻائڻ ڏاڍو مشڪل هوندو هو ڇو ته اديبن جي حمايت حاصل ڪرڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه نه هوندي آهي.

سنڌي ادبي سنگت آهستي آهستي پنهنجو اهو مقام وڃائي ڇڏيو ۽ جمود جو شڪار ٿي وئي ان جا ڪارڻ ڪهڙا آهن ان طرف سڀني کي ڌيان ڏيڻو پوندو، صرف ڊاڪٽر مشتاق ڦل تي اهو الزام هڻڻ ته سندس دور ۾ سنڌي ادبي سنگت پنهنجو وجود وڃائي ويٺي آهي، بلڪل وڏي ناانصافي ٿيندي ڇو ته سنڌي ادبي سنگت ڊاڪٽر مشتاق ڦل جي دور کان اڳ ۾ ئي پنهنجو اصل ڪارج وڃائي ويٺي هئي ۽ صرف نالي جي ادبي سنگت رهجي وئي هئي جنهن مان هاڻي ڪنهن دشمن کي ڪو به خوف نه آهي. ڀلا ڊاڪٽر مشتاق ڦل کان اڳ ۾ سنگت حڪمرانن جي لاءِ ڪيتري اهميت جوڳي رهجي وئي هئي ان حوالي سان غور ۽ فڪر ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ سنڌي ادبي سنگت سنڌ سان ٿيندڙ ويساهه گهاتين تي ڪهڙا عملي قدم کنيا، سنڌ جي تاريخي ضلعن کي ٽڪر ڪيو ويو ان حوالي سان سنڌي ادبي سنگت ڇا ڪيو، انهن سڀني ڳالهين تي غور ۽ فڪر جي ضرورت آهي.سنڌي ادبي سنگت جي ڪارج جي حوالي سان جيڪو بحث شروع ڪيو ويو آهي ان کي ان سطح تي پهچايو وڃي، جيئن سنڌي ادبي سنگت ٻيهر فعال بڻجي سگهي. ڀلا جيڪڏهن ڊاڪٽر مشتاق ڦل ٽيون ڀيرو چونڊن ۾ سيڪريٽري بڻجڻ جو اعلان ڪيو ته ٻي ڌڙي پاران ان جي رستا روڪ جي لاءِ اياز گل، ادل سومرو، تاج جويو سميت ٻيا اهي اديب ڇو مقابلي ۾ نه آيا جيڪي سمجهن ٿا ته سنڌي ادبي سنگت پنهنجو وجود وڃائي رهي آهي جيڪڏهن اها ڳالهه آهي ته پوءِ سنڌي ادبي سنگت ڪنهن هڪ ڌڙي يا شخص جي جاگير نه آهي پر سنڌي ادبي سنگت سنڌي اديبن جي تنظيم آهي، هن کي بچائڻ جي لاءِ صرف خطائي ٿيٻو جي ذميواري نه آهي جنهن وٽ مهم هلائڻ جي لاءِ روپيو به نه آهي ۽ جيڪو شخص پنهنجي چونڊ مهم هلائڻ لاءِ ٻارن جي کير پيئڻ جي رڍ ۽ ٻڪري وڪڻي ٿو، پر ان کي سهارو ڏيڻ جي لاءِ ڪو به نٿو اچي، ٻئي گروپ پنهنجي جاءِ تي وڏي هام هڻن ٿا ته سڀ کان وڌيڪ ڪم اسان جي دور ۾ ٿيو آهي، پر اهو ڪم ڪهڙو ٿيو آهي ان جي حوالي سان ڪنهن به قسم جو ڪو به رڪارڊ موجود نه آهي، ڀلا سنڌي ادبي سنگت پاران ڪيترن اديبن جا ڪتاب ڇپائي پڌرا ڪيا ويا آهن ۽ ساليانو بنيادن تي ميرٽ تي ڪنهن کي ايوارڊ ڏنا ويا آهن، يا لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ جي لاءِ ڪهڙيون ڪوششون ڪيون ويون آهن.ٻنهي ڌرين کي سنڌي ادبي سنگت صرف چونڊن وقت ياد اچي ٿي ۽ هڪٻئي جي خلاف بيان بازي جا ڌوڙيا مچايا وڃن ٿا ۽ چونڊن کانپوءِ خاموشي قبرستان وانگر لڳي ٿي، ٻئي ڌريون پنهنجي منهن ميان مٺو بڻجڻ جي پوري ڪوشش ڪن ٿيون، ڀلا ٻنهي ڌرين جي نالي وارن اديبن پاران ٻڌايو وڃي ته انهن جا سربراهه ڪيترا دفعا سنڌي ادبي سنگت جي دستوري گڏجاڻين۾ نوجوانن جي سکيا لاءِ وقت ڪڍي وڃن ٿا، ادل سومرو، اياز گل، تاج جويو، ڊاڪٽر ذوالفقار سيال، ڊاڪٽر مشتاق ڦل ۽ ٻيا اديب مهيني ۾ ڪيترين گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪن ٿا، انهن جا انگ اکر به پڌرا ڪيا وڃن، سنڌي ادبي سنگت جي چونڊن ۾ سدائين ٻه گروپ تاج بلوچ ۽ تاج جويو گروپ هڪٻئي جي سامهون ٽڪرن ٿا،

تاج بلوچ گروپ هن وقت ڊاڪٽر مشتاق ڦل جي شڪل ۾ موجود آهي جڏهن ته تاج جويو گروپ عملي طور تي ڪٿي به نظر نٿو اچي ۽ جيڪو به تاج بلوچ گروپ جي سامهون ماڻهو اچي ٿو ان کي پنهنجي گروپ جو پٽڪو ٻڌرايو وڃي ٿو پر ان گروپ جي ورڪ جي لاءِ انهن ناليوارن اديبن مان ڪو به ڪنهن به شهر ۽ شاخ جو دورو ڪرڻ جي زحمت نٿو ڪري، سواءِ موبائيل تي مسيج جي سنگت دوست ۽ سنڌ سنگت پينل جا ايس ايم ايس موڪلي پنهنجو فرض پورو ڪرڻ کي ترجيح ڏني وڃي، هن سڄي ماٺار ۽ سنڌي ادبي سنگت جي تباهي جون ذميدار ٻئي ڌريون آهن جيڪي هڪٻئي جو هٿ روڪڻ جي لاءِ عملي ڪوششون ئي نٿيون ڪن، جيڪڏهن سنڌي ادبي سنگت ايتري ئي اديبن لاءِ اهم آهي ته پوءِ ان کي بچائڻ جي لاءِ اپاءُ ۽ قدم به اهڙا ئي کنيا وڃن. باقي صرف بيانن وسيلي سنڌي ادبي سنگت کي نه ته بچائي سگهجي ٿو ۽ نه ئي وري ان ۾ ڪو روح ڦوڪي سگهجي ٿو.

ڪجهه دوستن جي اٿاريل اعتراضن ۽ نقطن کانپوءِ ان ڳالهه جي تمام گهڻي ضرورت آهي ته سنڌي ادبي سنگت جي آچر ڏينهن ٿيندڙ چونڊن کي ملتوي ڪيو وڃي ۽ انهن سمورن اديبن جو هڪ اهم اجلاس گهرايو وڃي ۽ هڪ متفقه طور تي باڊي جوڙي وڃي جيڪا سنڌي ادبي سنگت کي ٻيهر فعال ڪري ۽ ان نئين باڊي ۾ سڀ جا سڀ ناليوارا اديب کنيا وڃن جن جي ڪا اهميت آهي جن ۾ ٻنهي گروپن جي اڳواڻن کان سواءِ حميد سنڌي، امداد حسيني، ڊاڪٽر آڪاش انصاري، جاويد قاضي، جامي چانڊيو، اعجاز منگي، عزيز سولنگي، نور الهديٰ شاهه، انيتا شاهه لڪياري،اسحاق انصاري،آپا مريم مجيدي، ارباب نيڪ محمد، نقاش علواڻي، حفيظ ڪنڀر، حليم باغي، نصير مرزا، انعام شيخ، زيب سنڌي،اقبال رند، آدرش سميت ناميارن صحافين قاضي اسد عابد، علي قاضي، اسحاق مڱريو سميت ٻين اديبن ۽ صحافين کي شامل ڪيو وڃي ۽ سنيئر اديبن کي فعال سنڌي ادبي سنگت جي وڃايل ساک بحال ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪرڻ گهرجن. ان کي ڪنهن جي به بيعزتي تصور نه ڪيو وڃي پر ادارن جي ڀلائي ۽ خاص طور تي سنڌي ادبي سنگت جيڪا سنڌي اديبن جي لاءِ هڪ اهم پليٽ فارم آهي تنهن جي بقاءُ لاءِ سوچيو وڃي ۽ سڀئي قدم اتفاق راءِ سان کنيا وڃن ۽ اها اهڙا وڏي ڳالهه به نه آهي جنهن تي سانڃاهه وند متفق نه ٿين ڇو ته سنڌي ادبي سنگت اسان جي لاءِ نه مقدس ڳئون آهي ۽ نه ئي وري ڪنهن جي ڪمائي جو ذريعو هجڻ گهرجي پر سنڌي ادبي سنگت صرف سنڌي ادب جي واڌ ويجهه جو ذريعو ئي هجڻ گهرجي ته ان ۾ ئي اسان جو فخر آهي ۽ عزت آهي.

سنڌ ۾ هن وقت صرف ادبي سنگت نه پر پورو ادب ئي تباهي جي ڪنڌي تي پهچي ويو آهي ۽ جڏهن ادب ۾ به چاپلوسي ۽ دڙا بندي جي صورت ۾ واهه واهه ڪئي وڃي ته پوءِ ان جا اثر يقينن ادارن تي به پون ٿا ۽ ان جو واضح مثال ادبي سنگت جي تباهي آهي جتي پڻ ڌڙا بندي جي شڪل ۾ واهه واهه جي ڪار لڳي پئي آهي. سنڌي ادبي سنگت جي تباهي جا ذميدار ڪير به هجن پر هاڻي انهن تي ويهي سوچڻ بدران سنڌي ادبي سنگت کي فعال ڪرڻ ۽ ان کي ان مقام تي پهچائڻ جي ضرورت آهي جيڪو سنڌي ادبي سنگت جو مقصد آهي ۽ اسان کي ڄنڊا پٽ ۽ هڪٻئي کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ بدران پنهنجين ذميدارين جو احساس ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن اسان الزام بازي جاري رکي ته پوءِ ٻنهي ڌڙن مان اهڙو ڪو به نه آهي جنهن کي سنڌي ادبي سنگت جي تباهي جي ذميداري کان آجو قرار ڏئي سگهجي ڇو ته سنڌي ادبي سنگت جا عهديدار جيڪڏهن رهيا آهن ته اهي ٻه گروپ رهيا آهن انهن کانسواءِ سنڌي ادبي سنگت کي قبرستان ۾ پهچائڻ وارو ٻيو ڪو به نه آهي، ان جي لاءِ سڀني سانڃاهه وندن کي فوري طور تي سنڌي ادبي سنگت جي چونڊن کي ڪجهه وقت جي لاءِ ملتوي ڪرائي ان کي ٻيهر زنده ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻڻ گهرجن.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *