تازيون خبرون

ملڪ ۾ ٿيندڙ رانديون ۽ سنڌ: ڪاشف نوراني

جيڪو لاڻن ليارن سان نفرت ڪري،

منھنجي پورھيت پنھوارن سان نفرت ڪري،

۽ درد وند ديس وارن سان نفرت ڪري،

تنھن کي چئو منھنجي نگريءَ مان نڪري وڃي

ڊاڪٽرآڪاش انصاري

چون ٿا ته سنڌي ۽ سنڌ جا ماڻهو ڪرڪيٽ مان ڇا ڄاڻن؟ سڀ ڄاڻون ٿا ته سنڌي ملڪ جي ڪرڪيٽ ٽيم تائين ڇو نه پهچي سگهيا آهن. تاريخ جي صفحن ۾ آهي ته سنڌ جي هڪ بهترين ڪرڪيٽ ٽيم هئي، جيڪا انٽرنيشنل معيار جي هئي. جڏهن سرحد صوبي ۽ پنجاب جا ماڻهو ماڊرن راندين کان اڻ واقف هئا، ان وقت انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم 1926ع ۾ سنڌ جو دورو ڪيو هو ۽ سنڌ جي ڪرڪيٽ ٽيم سان ميچون کيڏيون هيون. هندو جيمخاني ۾ ٿيل انهن ميچن وقت انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم کي باباءِ ”ماڊرن ڪراچي“ سيٺ هرچند راءِ وسنداس آجياڻو ڏنو هو. ان تقريب جون تصويرون انگلش ڪرڪيٽ ٽيم جي سنڌ جي دوري جي ثبوت طور خادم حسين سومرو جي ڪتاب ”هرچند راءِ، فادر آف ماڊرن ڪراچي“ جي صفحي نمبر 96 تي ڏسي سگهجن ٿيون. خبر ملي ته فيض گنج ۾ سائيڪل تي دنيا جو سفر ڪندڙ چائينيز ڇوڪري پهتي، سنڌ جي سرزمين سهڻي ۽ سنڌي پيارا ماڻهون آهن، توسيا جي ميڊيا سان ڳالهه ٻول خبر موجب سائيڪل تي دنيا گهمڻ نڪتل چائنا جي شهر ينتائي واسيڻ نوجوان ڇوڪري توسيا پنهنجي سفر دوران اڪري چودڳي پهچي روڊ ڪناري قائم خانگي هوٽل ۾ ريفريشمينٽ ڪئي، ان موقعي تي هن ميڊيا سان ڳالهه ٻول ڪندي چيو ته کيس سائيڪل ذريعي دنيا گهمڻ جو شوق آهي، جنهن سان صحت مند تفريح سان گڏ مختلف ملڪن جي ماڻهن جي ثقافت توڙي سندن رهڻي ڪهڻي بابت ڄاڻ حاصل ٿيندي آهي، هن ٻڌايو ته هوءَ چين کان جهاز ذريعي انڊيا پهتي جتان ڪلڪتي شهر کان پنهنجي سفر جي شروعات ڪئي آهي، جڏهن ته هاڻي ڪراچي پهچڻ بعد کيس جو يورپي ملڪن ڏانهن وڃڻ جو ارادو آهي، سنڌ جي سرزمين سهڻي ۽ هتان جا ماڻهون محبتي آهن، سنڌ ۾ مختلف جڳهن تي کيس مان ڏنو ويو ۽ اجرڪ جا تحفا ڏنا ويا آهن جيڪي زندگي ڀر ياد رهندا. اسان محبت ڪندڙ ماڻهو آهيون ۽ محبت ڪندڙ ماڻهو ملڪ جا اصل سفير هوندا آهن.

انگريز جڏهن هن ننڍي کنڊ تي قابض ٿيا ته هن خطي ۾ جن قومن ساڻن ٿوري به مزاحمت ڪئي ۽ دل سان کين نه مڃيو، انهن ۾ سنڌي به شامل هئا ۽ جن قومن سندن جي حضوري ڪئي، انهن جي فوج ۾ ڀرتي ٿي. پوءِ اهي پوري دنيا ۾ پهرين توڙي ٻي جنگِ عظيم ۾ هر هنڌ وڙهيا. سنڌين جي  عدم تعاون سبب انگريز بهادر ان سڄي قوم کي ئي ”نان مارشل“ قرار ڏئي ڇڏيو، معنيٰ سنڌي ويڙهو ناهن. اها روايت انگريزن جي وڃڻ کان پوءِ به قائم رهي ۽ ان ۾ اضافو ڪري سنڌين کي نان  مارشل سان گڏ ڄڻ ته ”نان پليئر“ به قرار ڏنو ويو. ملڪ ٺهڻ سان ئي ملڪ جي سڀ کان امير ترين صوبي جا ماڻهو راندين لاءِ نااهل قرار ڏنا ويا ۽ گذريل لڳ ڀڳ 70 سالن جي تاريخ ۾ راندين وارن ادارن جي اڻ لکيل آئين ۽ قانون تي پوري ايمانداريءَ سان عمل ڪيو پيو وڃي. نتيجي ۾ سنڌ جو ڪو نوجوان راندين کي شجرِ ممنوع طور سمجهي ويجهو اچڻ جي جرئت ئي نه ڪندو آهي. مسئلو راندين ۾ سخت جان يا نرم جان جو ناهي ته سنڌي راند کيڏي نٿا سگهن. مسئلو ۽ معاملو سهولتن جو آهي، ۽ جيڪڏهن ڪو سنڌي بنا سهولتن جي پنهنجي مڙسي تي انفرادي طور ڪنهن راند ۾ اڳتي نڪري به اچي ٿو ته ان کي راندين وارن ادارن جا اربابِ اختيار پاران ايترو تنگ ڪيو ٿو وڃي، جو هوواپسي لا۽ مجبور ٿي ٿو پوي. جيڪڏهن معاملو سخت جان هجڻ جو هجي ته پوءِ باڪسنگ ۽ فٽبال راندين ۾ ته هميشه سنڌي ۽ بلوچ ئي ٽاپ تي رهيا آهن، پر انهن سان هن ملڪ جي راندين جي روح روان عملدارن جو اهڙو رويو هجي ٿو، جو هو ٻه ويلا ماني کائڻ لاءِ به پريشان هجن ٿا ۽ ساڳين عملدارن جي ”پنهنجي رانديگرن“ سان اهڙي محبت هجي ٿي جو عرب ملڪن ۾ چرس ۽ هيروئن ۾ ٻڌجڻ باوجود هي انهن کي ڇڏرايو اچن. باڪسنگ ۾ حسين شاهه اهو واحد سنڌي باڪسر هو، جنهن 90ع جي شروعاتي ڏينهن ۾ ورلڊ اولمپڪس ۾ ملڪ لاءِ تمغو حاصل ڪيو هو. پاڪستان پاران اوڏانهن موڪليل سوين رانديگرن مان صرف هڪ ڄڻي ئي تمغو کٽيو هو، ۽ اهو  لياري جي ان سنڌي باڪسر حسين شاهه پاران هو. پر ان جي موٽ ۾ حسين شاهه کي  ادارتي ليول تي ايترو ته تنگ ڪندا هئا، جو هو صبح شام رڳو انهن پريشانين ۾ هوندو هو. پنهنجي محنت سان  اڳتي نڪري آيل سنڌي رانديگرن سان جيڪو رويو رکيو ويندو هو، سو بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهي. پوءِ ظاهر آهي نتيجا اهي ئي نڪرندا، جو حسين شاهه جهڙو عالمي سطح جو رانديگر ڪوچ جي نوڪري وٺي ڪنهن ڏکڻ آفريڪي ملڪ ۾ هليو ويو. چوڻ جو مطلب اهو آهي ته جيئن سنڌي هر شعبي ۾ هن ملڪ ۾ پٺتي ڌڪيا ويا آهن، تيئن راندين ۾ به ڪيو ويو آهي.

راندين وارن ادارن تي قابض رهندڙ قوتن پاران پذيرائي نه ملڻ سبب سنڌ ۾ جيڪا ٿوري گهڻي راندين جي مصروفيت هوندي هئي، اها به ختم ٿي چڪي آهي. پاڙن پاڙن جون ٽيمون هونديون هيون، انهن ۾ ميچون ۽ ٽورنامينٽ ٿيندا هئا، موڪل وارو ڪو ڏينهن خالي نه هو، جڏهن  ڀرسان واري شهر جي هڪ ٽيم ٻئي شهر اچي اتان جي ٽيم سان مقابلو نه ڪندي هئي.  نائيٽ مئچ لڳندا هئا، هاڪي، ڪرڪيٽ، فٽبال ته عام جام هئي. سڀ ڪجهه ختم ٿي ويو آهي. سنڌ جي شهرن جو اهو حال آهي جو سنڌ جي ڳوٺن ۾ شام جو ئي ڳوٺ جي والي بال جي گرائونڊ تي ڇنڪار ٿيندا هئا، والي بال ته ”هڻ مٿي ڏي بل اٿئي، شوٽ ڪر، واهه واهه آيو ٿئي“  جهڙن رڙين سان ڳوٺن جي مقبول ترين راند هئي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي سنڌ جي ڳوٺن مان  والي بال، ڪوڏي ڪوڏي، ونجهه وٽي، ڏيٽي ڏڪر، ملهه، اهي سڀ ڪجهه ائين غائب ٿي ويا، جيئن هئا ئي ڪونه. حڪومت جي راندين وارن ادارن ڄاڻي واڻي هٿ وٺي سنڌ جي راندين جي وارثي نه ڪئي. اڳ نوجوان راندين جي انهن گرائونڊن تي زور آزمائي ڪندا هئا ۽ هاڻي ڪلهن تي بندوقون، راڪٽ لانچر ۽ ڪلاشنڪوف کڻي پاڻ ۾ هڪ ٻئي خلاف زور آزمائي ڪندي قبائلي جهيڙن ۾ مصروف ٿي ويا آهن.

راند ڪرڻ کانپوءِ بک سٺي لڳي ٿي، ٿڪاوٽ سبب ننڊ سٺي اچي ٿي مطلب ته رانديون جسم جي اها زڪوات آهن، جن ۾ پنهنجو ئي فائدو آهي. حديث به آهي ته ”توهان  جي جسم جو توهان تي حق آهي! “ٻئي طرف ماضي ۾ حالت اها آهي ته راندين جي وزارت جي اهميت کان اڻ واقف اسان جي سنڌ جا ڀوتار سياستدان ان کاتي کي سڻڀو نه سمجهي هميشه ٻين جي حوالي ڪندا آيا آهن. سنڌ ۾ هر حڪومت ته اسپورٽس وزارت ڄڻ ٻين لاءِ مقرر ڪري ڇڏي آهي. نه ته اها به اسان جي انهن ڀوتارن جي ڀل آهي ته اسپورٽس واري کاتي ۾ پئسو ناهي. راندين ۾ ڪروڙن جا فنڊ آهن ٻاهرين ملڪن جا ٽوئر آهن، گهمڻ ڦرڻ، عزت، شان، صحت سڀ ڪجهه آهي. پاڪستان اسپورٽس بورڊ اندر سنڌين جي نوڪرين جو تعداد سندن ڪوٽا کان ڪيترا ڀيرا گهٽ بلڪه نه هجڻ برابر آهي سنڌ جي نيشنل اسپورٽس ٽريننگ ۽ ڪوچنگ سينٽر ڪراچيءَ ۾ ڊائريڪٽر به گهڻو ڪري غير سنڌي ئي رکيو ويندو آهي.

سنڌ مان راندين جو انوائرمينٽ ئي ختم ڪيو ويو آهي. گرائونڊ اڳ ۾ ئي گهٽ هئا، اتي به قبضا ٿيا ويا. ڄاڻي واڻي بنيادي سهولتون ئي نه پيون ڏنيون وڃن، جو سنڌي نوجوان راندين ۾ اڳتي نڪري سليڪشن وقت ادارن جي روح روان عملدارن جي منهن چڙهن. راندين جو ماحول ختم ٿيڻ ۽ اسپورٽس کان پري وڃڻ سبب سنڌ جي نوجوانن جي جسماني ۽ ذهني حالت به متاثر ٿي آهي. ننڍي عمر ۾ ئي بيمارين جو گهر ٿي وڃن ٿا. ذهني جسماني بيماريون، ڊپريشن سوچ، پريشاني، مٿان وري سگريٽ، گٽڪو ۽ مين پوڙي، ڀنگ، چرس، ٺرو، شراب، تماڪ وارو پان ته پوءِ ان عمر ۾ جتي هڪ بهترين اسپورٽس مين پيدا ٿئي، سنڌ جو نوجوان دواخانن جا چڪر هڻڻ ۾ مصروف هوندو آهي. جڏهن ته رانديون مقابلي ڪرڻ جي سگهه، تندرستي، جذبو، صبر، جوش، هارجڻ کانپوءِ وري کٽڻ جي ڪوشش لاءِ وڌيڪ محنت جو شوق، ولولو، ايمانداري پيدا ڪن ٿيون.

justkashif88@gmail.com

 

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *