تازيون خبرون

معصوميت جو قتلام ڪيستائين ٿيندو رهندو؟ ؛سارا سمون

اڄ واري هي دنيا جيڪي ترقي ڪري وڏي عروج تي پهتي آهي پر پوءِ به الائي ڇو عورت کي اهو درجو نه ملي سگهيو آهي، جيڪو ملڻ گهرجي،  الٽو هتي اڪثر والدين پنهجن پٽن کي وڌيڪ ترجيح ڏين ٿا، ان جي ڄمڻ تي خوشيون به ڪن ٿا ۽ خوشيءَ ۾ ماپن ئي نه ٿا، پر نياڻي جي ڄمڻ تي مڙئي خوش ٿين ٿا انهن جي چهرن کي به آرام سان پڙهي سگهي ٿو، پٽن تي لکين رپيا خرچ ڪري انهن جي هر فرمائش پوري ڪن ٿا ۽ نياڻي کي وڌ ۾ وڌ پرائمري تائين پڙهائڻ کي بهتر سمجهن ٿا، جڏهن ته سڄي معاشري جو عورت سان رويو انتهائي خراب رهندو پيو اچي، جنهن جو ثبوت اسان کي اخبارن مان ملي ٿو، نت نئين ڏينهن اسان وٽ ماڻهپي کي لڄائيندڙ واقعا ٿيندا رهن ٿا.

اسان جي سماج ۾ اھڙن وحشي صفت جوابدارن کي ڇوٽ مليل آھي ته اھي ڪھڙي به ھنڌ ڪنھن به لاچار ۽ بي وس معصوم نينگرين کي ڏسي ڪري پئسي، سون ۽ ڪڌن مفادن خاطر تشدد ۽ وحشيت جو نشانو بڻائين ٿا ڪجهه عرصو اڳ لاڙڪاڻي جي معصوم نينگري سنڌو سومرو سان به وحشي جوابدارن شيطاني ذھن استعمال ڪندي جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻايو ۽ بعد ۾ ان جو ڳلو دٻائي کيس قتل ڪيو هو پر افسوس ته  اسان جي سماج ۾ اھڙن وحشي صفتن جي لاءِ ڪو قانون ئي نه آھي جن وحشين کي ڪا عبرتناڪ سزا ڏني وڃي. تازو ڏهرڪي ڀرسان کينجهو ٿاڻي جي حد ڳوٺ مينهون مهر وٽ رليون کپائڻ لاءِ ويل 42 ورهين جي پورهيت الهوڌائي سولنگي ۽ سندس 12 ورهين جي ڌيءُ شيما کي وحشي جوابدارن اجتماعي لڄالٽ بعد باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ معصوم نينگري شيما سڙي فوت ٿي وئي، سندس امڙ کي مرڻينگ حالت ۾ رحيم يار خان جي اسپتال داخل ڪيو ويو جيڪا اڃا تائين نازڪ حالت ۾ آهي، جڏهن ته اڃا تائين متاثر خاندان سان انصاف ٿي نه سگهيو آهي،

عورت تي ظُلم ۽ سِتم اڄ جي ڳالهه ناهي، پر ان جا آثار تاريخ جي ورقن ۾ پڻ ملن ٿا. ڪالهه جو انسان ايترو باشعور نه هو، تنهنڪري عورت تي ظُلم انهن جي رسمن جي هڪ ڪَڙي هئي، پر اڄ جي جديد دور ۾ عورت تي ٿيندڙ ظُلم انسانيت جي منهن تي چَماٽ آهي، جنهن اسان جي دِلين تي پڻ زَنگ لڳائي ڇڏيو آهي. تاريخ گواهه آهي ته، اهو ئي معاشرو ترقي ۽ خوشحاليءَ طرف گامزن  ٿئي ٿو، جتي عورت ۽  مرد جي حقن کي هڪ ئي سائميءَ ۾ توريو وڃي ٿو. ڀلا اُهو سماج، جنهن منجهه سڀني کي، هڪ ڪاري مرد کان هڪ ڪارِي عورت وڌيڪ ”ڪارِي“ نظر اچي، اُن سماجَ کي برابريءَ وارو سماج ڪيئن ٿو چئي سگهجي؟! اسان ڪھڙي سماج  ۾ رھون ٿا جتي عورتن ۽ معصوم ٻارڙن جي تحفظ جي لاءِ ڪي به قدم نه پيا کنيا وڃن. اسان جي سماج ۾ عورت کي سڀ کان ڪمزور سمجھيو وڃي ٿو. ڪمزور ۽ بي پھچ عورتن کي جيئن وحشي صفت چاھين تيئن استعمال ڪري سگھن ٿا. ڇا اسان وٽ ڪي به ادارا نه آھن جيڪي عورتن ۽ معصوم ٻارڙن سان ٿيندڙ اهڙن واقعن جو ڪيس کڻن آخر ھتي اھڙي قسم جي انسان دوست وارو عمل ڇو نه ٿو ملي؟ اسان جي سماج ۾ انھن وحشي درندن سان مھاڏو اٽڪائڻ لاءِ ڪير ته اڳتي اچي،

اخبارن ۾ هونئن ته هر روز ڪيترا واقعا ڪر کنيو بيٺا هوندا آهن، جن مان هر ڪنهن جي ڪهاڻي پنهنجي هوندي آهي پر جيڪڏهن معصوم ابهم ٻارڙن جي حوالي سان ڪا ڏکوئيندڙ خبر هوندي آهي ته خود به خود معاشري کي ان جي پيڙا محسوس ٿيندي آهي، جيئن اسان جي سماج اندر ٻارڙن سان زيادتين يا انهن جي اغوا ٿيڻ وغيره جي حوالي سان ڪيتريون ئي خبرون ٻڌڻ لاءِ ملنديون آهن، جنهن سان هر ڪنهن جو جيءُ جهري پوندو آهي ۽ يقينن انهن واقعن جو ٻڌي هر ماڻهوءَ ان درد کي چڱيءَ ريت محسوس ٿيندو آهي جيڪو پاڻ اولاد وارو آهي ۽ کيس خبر آهي ته اولاد جي پالنا ڪيڏي نه ڏکي ٿيندي آ

هي. هر ماڻهوءَ جي ڪٽنب ۾ ڪو نه ڪو ٻارڙو ته هوندو ئي آهي ۽ ايئن لڳ ڀڳ هر انسان ٻارڙن جي انهن انگلن کان چڱي ريت واقف هوندو، اهي ٻارڙا ئي ته آهن جيڪي مستقبل جا معمار آهن ۽ پنهنجن مٺڙن ٻولن سان پيا پنهنجا انگلڙا مڃائيندا آهن پر جڏهن انهن ئي معصوم ٻارڙن جا لاش مائرن کي ملندا آهن ته انهن جي اذيت واري ڪيفيت دنيا جو اُهو ڪهڙو قلم آهي جيڪو بيان ڪري سگهي ٿو، شايد نه، ۽ نه ئي وري اهڙو ڪو احساس ئي آهي جيڪو سچ ته ماءُ جي احساس کي سمجهي سگهي، جيڪا پيڙا ڪجهه وقت لاڙڪاڻي ۾ معصوم نياڻي سنڌوءَ جي قتل تي ان بيواهه ماءُ کي محسوس ٿيندي هوندي، يا معصوم شيما جي بد نصيب وارثن کي محسوس ٿيندي هوندي، ڀلا ان کان ڪو واقف آهي، هڪ عورت هئڻ جي ناتي ته شايد آئون يا ڪا به عورت ان پيڙا کي محسوس ڪري سگهي ٿي پر پوءِ به ماءُ جي پيڙا ئي ڪجهه ٻي ٿيندي آهي جنهن کي لفظن ۾ بيان ڪرڻ ايڏو سولو نه آهي.

اڄ معصوم شيما سولنگي جو ڪيس آڏو آيو آھي ته وري سڀاڻي اهڙو ئي ڪيس ٻئي ڪنھن معصوم نينگري يا ڪنھن مظلوم عورت سان پيش اچي سگھي ٿو، سنڌو سومرو، صفيه ڀرٽ ۽ آمنه لاشاري ۽ مقدس کان وٺي وجنتي ٻائي تائين جھڙا ڪيس ته رپورٽ ٿيا آھن جنھن جي ميڊيا تي به ڪوريج اچي چڪي آھي پر ان کانسواءِ ڪيترا ئي اھڙا ڪيس آھن جيڪي رپورٽ ڪونه ٿا ٿي سگھن.اسان کي انھن وحشي درندن خلاف آواز اٿارڻ گھرجي، ڀلي اھي ڪيترا ته ظالم ڇو ھجن ۽ با اثر ڇو نه ھجن، اسان کي ڪٿان به انصاف ملي يا نه ملي پر انھن وحشي صفتن کي بي نقاب ڪرڻو آھي ڇا ڪاڻ ته اسان سڀ  ھن معاشري ۾ رھون ٿا اسان سڀني کي جيئڻ جو پورو پورو حق آھي ۽ اسان کي انھن وحشي صفت درندن سان مقابلو ڪرڻو آھي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *