تازيون خبرون

مشرف جي ملڪ ڇڏڻ تي ٿيندڙ هل هنگاما: زاهد حسين

مشرف جي پرڏيهه روانگيءَ تي جيڪو هُل هنگامو ٿي رهيو آهي، تنهن تي ڪجهه به ٿيندي نظر نه ٿو اچي. هي هڪ اهڙو معاملو هو، جيڪو شريف سرڪار جي جنرلن سان ڇڪتاڻ جو مکيه ڪارڻ بڻيل هو، تنهن ڪري سندس پرڏيهه روانگي اهڙي سياسي سوديبازي آهي، جنهن جي شريف سرڪار کي جنرلن سان ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ ضرورت هئي. ان سان سول انتظاميا جي هڪ حد به ظاهر ٿي وئي آهي، جيڪا اُها فوج جي هڪ اڳوڻي مضبوط ماڻهوءَ تي بغاوت جو ڪيس هلائي اورانگهي وئي هئي.

پ پ هاڻي ته حڪومت تي دٻاءَ لاءِ هن معاملي کي استعمال ڪري رهي آهي پر ڳچ عرصو اڳ پنهنجي اقتداري دور ۾ جنرل خلاف ههڙي قسم جو ڪيس نه هلائي پ پ ڄڻ ته انهيءَ ڏس ۾ پنهنجي رڪاوٽن ۽ مجبورين جو اعتراف ڪري چڪي آهي. توڙي جو پ پ سرڪار جا فوج سان لاڳاپا ڇڪتاڻ وارا رهيا پر اهڙي سوديبازيءَ جي ڪري ئي اها پنهنجو مدو پورو ڪري سگهي هئي. هاڻي جيئن ته اُها اقتدار ۾ ناهي، تنهن ڪري هن معاملي تي سخت موقف اختيار ڪري رهي آهي. پر اهو ان هُل هنگامي کانسواءِ ڪجهه به ناهي جنهن تي ڪجهه به هڙ حاصل ٿيڻي ناهي.

سندس پرڏيهه روانگيءَ تان پابندي هٽائڻ جو مقصد اهو ناهي ته سندس خلاف سڀ معاملا ختم ٿي ويا آهن. يقيني طور سندس خلاف بغاوت جو ڪيس ته اڳ ئي ماٺو ٿي ويو هو، ۽ لڳي رهيو آهي ته هي معاملو تقريبن دَمُ ٽوڙي چڪو آهي. پر جنرل خلاف جيڪي ٻيا ڪيس داخل آهن، سي ڪيڏانهن به ويندي نظر نه ٿا اچن، سو انهيءَ معاملي تي سرڪار طرفان جيڪا لچڪ ڏيکاري وئي آهي، تنهن سان فوج سان سندس لاڳاپن ۾ تلخي ختم ٿيندي جنهن ڪري کيس اهڙو سياسي موقعو نه اهم ٿيندو جو ٻين اهم قومي معاملن کي منهن ڏئي سگهي.

پر نواز سرڪار جيڪو نئون گسُ ورتو هو، سو ان لاءِ اڙانگو ثابت ٿيو. نواز شريف طرفان جنرل مشرف خلاف بغاوت جو ڪيس هلائڻ وارو فيصلو سندن هاڻوڪي ٽين حڪومتي دور ۾ فوجي قيادت سان سندس ڇڪتاڻ جو سبب بڻيو. اهڙي ڇڪتاڻ جي ڪري ئي انهن افواهن کي هٿي ملي هئي ته اسلام آباد ۾ عمران-قادريءَ وارو جيڪو ڌرڻو آهي تنهن جي پٺيان فوج جو هٿ آهي.

ميان نواز شريف جيتوڻيڪ انهيءَ بحران ۽ لوڏي مان بچي ته ويو هو پر فوج واضح ڪري ڇڏيو هو ته سندس اڳوڻو سربراهه بغاوت واري ڪيس کي منهن نه ڏيندو. 2014ع ۾ خاص عدالت ڏانهن نيندي مشرف کي فوجي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو، جتي هو سخت حفاظتي انتظامن هيٺ رهيو. مشرف بهرحال بعد ۾ ٽربيونل اڳيان اطلاعن موجب فوجي قيادت سان ڊيل تحت ان شرط تي پيش ٿيو ته ڪيس جي ٻڌڻيءَ کانپوءِ کيس پرڏيهه روانگيءَ جي اجازت ڏني ويندي. هڪ خاص جهاز کيس گڏيل عرب امارات کڻي وڃڻ لاءِ تيار هو پر اطلاعن موجب نواز شريف انهيءَ معاهدي تي عمل نه ڪيو.

نواز شريف طرفان معاهدي تي نه بيهڻ سبب ڇڪتاڻ ۾ ويتر واڌ ٿي. جيتوڻيڪ بعد ۾ سندس خلاف ڪيس هلڻ ته شروع ٿيو پر هو ڪڏهن به عدالت اڳيان پيش نه ٿيو. گذريل هڪ سال کان هو فوج جي تحفظ هيٺ پنهنجي ڪراچيءَ واري گهر ۾ رهي رهيو هو. کيس عدالت ۾ حاضرين تي پيش ٿيڻ کان به ڇوٽ ڏني وئي هئي. پر ساڻس فقط هڪڙو مسئلو هو ته کيس پرڏيهه وڃڻ جي اجازت نه ٿي ڏني وئي. وفاقي حڪومت هن معاملي تي عدالت جي پاڇي ۾ لڪندي نظر آئي. پر اهو معاملو به سپريم ڪورٽ جي تازي فيصلي سان ختم ٿي ويو ته کيس مشرف جو نالو ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ وجهڻ جو جواز نظر نه ٿو اچي.مشرف پاڻمرادي جلاوطني ختم ڪري 2013ع ۾ تڏهوڪي فوجي سربراهه جنرل اشفاق پرويز ڪيانيءَ جي مشوري تي ڏيهه وريو هو، جنرل ڪيانيءَ ئي 2008ع ۾ کيس محفوظ رستو ڏيارڻ لاءِ ڊيل ڪرائي هئي. پر هو جيئن ئي ڏيهه وريو ته سندس خلاف قانوني ويڙهه شروع ٿي وئي. پر جنرل ڪياني اهڙي صورتحال مان سندس جند ڇڏائڻ لاءِ مشڪل سان ئي ڪجهه ڪري سگهيو.معاملو ان وقت مَتو جڏهن مشرف خلاف بغاوت جو ڪيس هليو. هي اهو وقت هو جڏهن فوج جي ڪمانڊ تبديل ٿي رهي هئي ۽ جنرل راحيل شريف چارج سنڀالي رهيو هو. نئين فوجي سربراهه ذريعي جنرل جيڪو سخت نياپو وزيراعظم ڏانهن موڪليو، سو ئي سندن ڪاوڙ ۽ ڪروڌ جو چٽو ثبوت هو. لڳ ڀڳ ٻن سالن تائين دٻاءُ برداشت ڪرڻ کانپوءِ وزيراعظم آخرڪار همت هاري ويٺو.

ڊسمبر 2014ع ۾ پشاور ۾ آرمي پبلڪ اسڪول تي حملي کانپوءِ گذريل لڳ ڀڳ هڪ سال کان دهشت گردن خلاف آپريشن شروع ٿيڻ جي ڪري سول-فوجي لاڳاپن ۾ ڪجهه بهتري ضرور آئي. پر بغاوت وارو ڪيس مکيه نقطو رهيو آهي. نواز شريف جيڪڏهن مشرف کي پرڏيهه روانو نه ٿيڻ تي بيٺو رهي ها تڏهن به ان جو ڪيس ڪو گهڻو سياسي فائدو نه ٿئي ها. جنرل راحيل شريف ڪجهه مهينن ۾ ريٽائر ٿي رهيو آهي پر نئين ايندڙ فوجي سربراهه تي به آفيسرن جو دٻاءُ هجي ها ته سندن اڳوڻي سربراهه خلاف بغاوت جو ڪيس هلڻ نه ڏنو وڃي. ٿي سگهي ٿو ته ممتاز قادريءَ کي ڦاهي ۽ پنجاب سرڪار طرفان عورتن جي تحفظ واري منظور ڪيل بل تان ساڄي ڌر وارين مذهبي جماعتن طرفان جيڪا للڪار وڌي رهي هئي، تنهن جي وزيراعظم هن معاملي تي لچڪ ڏيکارڻ تي مجبور ٿيو هجي.

شدت پسنديءَ خلاف ويڙهه جيئن جيئن حتمي مرحلي ۾ داخل ٿيڻ طرف وڃي رهي آهي ته نواز شريف جو دارومدار به فوج تي وڌندو پيو وڃي. قادريءَ کي ڦاهيءَ کانپوءِ لڳي ٿو ته سندس قدامت پسند مذهبي حلقو متاثر ٿيو آهي. جيتوڻيڪ سندس سرڪار ڪافي مضبوط آهي پر تنهن هوندي به ان ۾ جنرلن سان ٽڪر کائڻ جي سگهه ناهي. نواز شريف لاءِ مشرف کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏيڻ فوج لاءِ گنجائش پيدا ڪرڻ جي ضرورت هئي ته جيئن سياسي عمل هلندو رهيو. ايتري قدر جو جيڪي هن معاملي تي هُل هنگامو ڪري رهيا آهن، سي به ان کان چڱي ريت واقف آهي.

مشرف اڃا به ڪنهن وقت به ڏيهه واپس وري سگهي ٿو پر جيتري قدر سندس خلاف بغاوت واري ڪيس جو تعلق آهي ته نه ٿو لڳي ته اُهو توڙ تي پهچندو. بهرحال قانوني ۽ آئيني ڪاررواين لاءِ هر ڪنهن کي جوابده هئڻ گهرجي ۽ اهو ته انصاف ۾ پسند ناپسند نه هئڻ گهرجي. اهي جيڪي مشرف خلاف ڪارروائي چاهن ٿا، سي ماضيءَ ۾ فوجي حڪومت جو حصو رهي چڪا آهن.

سندن ڪردار ۾ به ڪيئي داغ آهن. عدالت فوجي بغاوت کي جائز قرار ڏنو هو ۽ چونڊيل پارليامينٽ فوجي حڪومت جي سمورن قدمن جي توثيق ڪئي هئي. ڇا مشرف 2007ع ۾ هنگامي حالتون لڳائڻ کانپوءِ جسٽس عبدالحميد ڊوگر کي سپريم ڪورٽ جو چفس جسٽس مقرر ڪرڻ سميت، جيڪي فيصلا ڪيا هئا، تن کي پ پ حڪومت جيئن جو تيئن برقرار نه رکيو هو؟

اتفاق سان جيڪڏهن هن اڳوڻي فوجي سربراهه کي سزا اچي به وڃي ٿي، تڏهن به ان سان مستقبل ۾ فوجي بغاوت جي رستا روڪ نه ٿيندي. هن وقت جمهوري ادارن کي مضبوط ڪرڻ ۽ سول ادارن تي عوام جو اعتماد وڌائڻ جي ضرورت آهي، ڇو جو مستقبل ۾ ڪنهن به مهم جوئي کي روڪڻ جو واحد رستو به اهو ئي آهي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *