تازيون خبرون

مذهبي رنگ ۾ رنڱيل سياست: ماهم سنڌي/ميرپورخاص

پاڪستان اندر سياست هميشه مذهب جي ڪنڊ ۾  پناھ وٺي ڪئي وئي آهي  ، تنهنڪري اسان لاء مذهب ۽ سياست ٻه الڳ مضمون هجڻ بدران هڪٻئي جا اهڙا سڳا ڀائر آهن ، جن جي هر ميراث ۾ اڌواڌ ڀاڱيواري آهي . مذهب ۽  سياست جو گڏيل تعلق هر محاذ تي قوم مٿان ڳرو ثابت ٿئي ٿو . سياست عوامي خدمت جو ، ملڪ ۾ مثبت تبديليون پنهنجي ٺاهيل منشور تحت آڻڻ جو نالو آهي . معاشري جي جوڙجڪ ۽ انتظام سان واسطو رکندڙ معاملن جي علم کي سياست سڏبو آهي .  ٻي پاسي مذهب جو واسطو ۽ رابطو ڏسجي ته هر انسان جو پنهنجي عقيدن جي بنياد سان سلهاڙيل انفرادي ۽ ذاتي معامرو آهي .  عام طور تي هر انسان پنهنجي عقيدن ۽ يقين جي بنياد تي ڪنهن نا ڪنهن مذهب جو پوئلڳ هجي ٿو . پر انهي مذهب جو ڪنهن به طرح سان واسطو سياست سان ڪونه ٿو ڳنڍي  سگهجي .  جُملي مسلمانن جي ڪڏهن ڪا قوم ناهي جڙي سگهي . قوميت جو اصل بنياد اتان جي ٻولي ،  ثقافت ،  سماجي ،  اقتصادي ،  معاشي حالتن ۾ هڪجهڙائي توڙي جنم ڀومي سان هوندو آهي . سڄي دنيا ۾ موجود هڙئي مسلمانن کي ميڙي هڪ قوم نٿو ڪوٺي سگهجي . پر هڪ اهڙو هنڌ يا علائقو جتي مسلمان هندو ،  يا ان سان گڏ ٻي مذهب جا ماڻهو گڏ رهن ٿا ، هڪ ئي قسم جي ٻولي جا ٻول ٻولين ٿا ، هڪ ئي ڪلچر ۽ تهذيب جا وارث آهن ته اها هڪ قوم ڪوٺي سگهجي ٿي.

اسانجو اهو وڏو اجتماعي نقصان هيو ته ٻه قومي نظريو ،  ٻه قومن جي پيڙھ جي پٿر تي رکڻ بدران  ٻن مذهبن جي سرن جي آڌار تي رکيو ويو  . هندو مسلم فساد برپا ڪري انهن اندر مذهب جي آڌار تي نفعرتون پيدا  ڪري ،  الڳ رياست کي جوڙڻ جو منصوبو ٺاهيو ويو . پاڪ هند ورهاڱو حقيقتن کي سامهون رکڻ بدران مذهبي جذباتن کي اڀاري ان جي زور تي حاصل ڪيو ويو . الڳ وطن جي گُهر واري سياست کي چمڪائڻ لاء مسجد هجن يا مندر سڀ هٿيار طور استمعال ٿيندا رهيا . مُلن جو فتوائون ۽ پنڊتن جون ڌرمي پوڄائون پڻ سياست ۾ سڌي طرح داخل رهيون . ورهاڱي جي سال 1947ع کان وٺي اڄ تائين هٺ ٺوڪيو رواج وڌو ويو آهي ته ڪنهن سان سياسي مخالفت  توڙي حمايت ،  دوستي يا دشمني  ڪرڻ وقت مذهب کي ڍال طور اڳيان اڳيان رکيو ويندو ، جيڪو پنهنجي جڳھ تي قومن جي تنزلي جو مکيه سبب آهي . ڪيترن ئي وڏن فلاسفرن ، ليکڪن ،  انقلابي ليڊرن ۽ ڏاهن شخصيتن بار بار تنبيهه ڪئي آهي ته جيڪر مذهب سياست سان لهه وچڙ ۾ آيو ته قومن کي صدين تائين وڏا ڪنڊا ڪڍڻا پوندا .  اسان ان جو زنده ثبوت پاڪستان ۾  ڏسون پيا . مذهب جو ئي سهارو وٺي لکن ڌرتي ڌڻين کي ان ڪري ڌڪي ڪڍيو ويو جو اهي ڪنهن ٻي عقيدي جا پوئلڳ هيا . رحيم بدران رام لکڻ ۽ پوڄڻ تي هو ايڏا ڌاريا ٿي ويا جو اباڻن ڪکن تان انهن کي تڙي ڪڍيو ويو .  اهو نه ڏٺو ويو ته اهي هتان جا  اصلي وارث هيا . لکين ڌارين کي پاڪستان آڻي ڌرتي جي اصل رهاڪن جون ملڪيتون ورهائي ڏنيون ويون ، ڇو جو اهي نالي جا مسلمان ۽ ڪلمو پڙهندڙ هيا . انهن کي انهن جا اصلوڪا گهر ، دوست يار ، گهر گهاٽ مذهب جي نالي تي ڦٽا ڪرڻ پيا . تواريخ اڄ به گواھي ڏئي ماتم ڪري ٿي ته پاڪ هند ورهاڱي ۾ ٿيندڙ لڏپلاڻ ۾ لڏي ويندڙ ۽ ايندڙن جي هر اک ۾ سوڳ جا ڳوڙها هيا ، جيڪي ڌرتي ماءُ جذب ته ڪري وئي آهي پر تنهن هوندي به آلاڻ اڃا تائين باقي آهي .  لڏپلاڻ ڪندڙن  کي اها خوشي ڪٿي به نه هئي ته ڪو هو مسلمانن جي ملڪ يا هندن جي ملڪ ۾ رهڻ ٿا وڃن ،  انهن کي اهو ڏک ئي زهر جيان ولوڙڻ لاء ڪافي هو ته جنهن سياست ۽ ليڊرشپ مٿان انهن انڌو اعتماد ڪري جانيون ڏنيون ، انهن سياست ۽ آزادي جي نالي  انهن کان جنم ڀومي تي رهڻ جو حق به کسي ڇڏيو.

پاڪستان اندر روز  سياست کي مذهب ۾ رنگڻ جا مثال اسانجي اکين آڏو  هڪ دفعي نه پر بار بار اچن ٿا . هر ذاتي توڙي اجتماعي مفاد جي حاصلات لاء مذهب جو ٽيڪو لازمي سمجهيو وڃي ٿو. جئين تازو ئي ٻن جاڙن شهرن اسلام آباد ۽ راولپنڊي جي وچ واري علائقي فيض آباد ۾ 8 نومبر کان تحريڪ لبيڪ يا رسول الله طرفان ، سندن اڳواڻ خادم حسين رضوي جي حڪم نامي تي ٻه کان ٽي هفتن تائين ڌرڻو ڏئي احتجاج ڪيو ويو . جنهن ۾ تحريڪ ختم نبوت ، پاڪستان سُني تحريڪ جا ڪارڪن به ٽوڙ ڦوڙ ۾ گڏ گڏ هيا . ڌرڻي  ۾ ظاهر ڪيو ويو ته اليڪشن ايڪٽ 2017 جي آيل ترميمي بل ختم نبوت صه جي قانون ،  جي حلف نامي ۾ آيل غلطي جي ذميوار موجوده ن ليگ جي حڪومت  آهي . تنهنڪري ان معامري کي توهين رسالت جي زمري ۾ آڻي قانون واري زاهد حامد وفاقي وزير کان استعيفا جو مطالبو ڪيو ويو . انهي طرح سان حل طلب موضوع کي غير حل شده ڄاڻائي  ٻه کان ٽن هفتن تائين مذهبي جماعتن  طرفان رياست جي رٽ کي چئيلنج  ان جي مرڪز ۾ ئي ڪيو پئي ويو . هٿ وٺي اهڙا موقعا پئي پيدا ڪيا ويا جئين ملڪ ۾  چونڊيل جهموري حڪومت جو خاتمو اچي ۽ واڳ ڪنهن اهڙي جي هٿ ۾ وڃي ، جيڪو فيض آباد لڳ ڌرڻي تي ويٺلن سان مڪمل سهڪار ڪري . ان ڌرڻي پويان اصل سياست ن ليگ حڪومت کي هٽائڻ انهن لاء مشڪلات پيدا ڪرڻ جي هئي ، پر ان کي جنهن مذهبي رنگ ۾ رنڱيو ويو تنهن پاڪستان جي  اڳ ئي بگڙيل سياسي روپ  کي وڌيڪ خطرناڪ بڻائي ملڪي اميج تي ناڪاري اثر وڌو آهي . ڌرڻي لاء پهتل مذهبي جماعتن جا ڪارڪن پورو  کاڌي پيتي ۽ رهائش جو بندوبست ڪري سامان ٻڌي پوء اچي روڊ بند ڪري ويٺا هئا ۽ پاڻ سان پٿر ۽ ٻيو ويڙھ جو سامان کڻي  آيا هئا .  هو اهو پهه ڪري آيا هيا ته ڀلي به مذاڪراتي عمل لاء حڪومتي وفد اچي ، پر ننڍڙي ۽ نادان ٻار واري ضد قائم رکبي ۽ وفاقي وزير جي استعيفا تائين  روڊ تي گهر ڪري ويهبو ، جئين حڪومت کي ڪمزور ڪري سگهجي . اتان آمدروفت روڪي روزمره جو معاشي نقصان ڪيو ويندو . ان سان اهو ظاهر ڪيو ويو ته مذهب جي نالي تي جائز يا ناجائز گُهر تسليم ڪرڻ حڪومت تي ائين فرض آهي ، جيئن ڪو اسلام جو بنيادي احڪام هجي يا جئين اسلام ۾ داخلا لاء ڪلمو  ضروري ڄاڻايو ويو آهي . انهن جي ڌرڻي کانپوء تحريڪ لبيڪ یا رسول الله جي سڏ تي ڪراچي ۽ لاهور سميت ننڍن وڏن شهرن ۾ ماڻهو مدرسا ڇڏي روڊن تي ويهي رهيا . ان ۾  ايڏي شدت آئي جو  پنجاب ۾ تدريسي عمل ٺپ رهيو ۽ سنڌ ۾ پڻ هڪ ڏينهن جي موڪل ڪئي وئي هئي . ان سان گڏ سماجي رابطن واريون ويب سائيٽس به بند رهيون . فيس بُڪ ،  ٽوئيٽر ، انسٽاگرام ، يوٽيوب مڪمل بلاڪ رهيون ،  گڏوگڏ شهرن ۾ حڪومت طرفان ڪيبل نيٽ ورڪ ۾ نيوز چئينل به بند ڪرايا ويا . حيرت آ ته ان معامري ۾ جڏهن فوج سان رابطو ڪيو ويو تہ  ان به ڪا دلچسپي نه ڏيکاري پنهنجو دامن پاسيرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري  بيان جاري ڪيو ويو ته  انهن ماڻهن کي اٿارڻ لاء ڪا زور زبردستي ، طاقت جو استمعال  نه ڪيو وڃي ۽ نرم رويو رکيو وڃي .  سوشل ميڊيا تي اهي تصويرون به آيون ته مظاهرين کي  اتي ڌرڻي دوران پئسا پڻ لفافن ۾ وجهي ڏنا پئي ويا  . ن ليگ لاء مشڪلاتون پيدا ڪندڙ عمران خان به ان ڌرڻي جو قدم به قدم ساٿاري رهيو ۽ آف ڪيمره پوري مدد ڪندو رهيو  ، بلڪه آف ڪيمره ڇا هو  پنهنجي ڪارڪنن کي به ان ۾ شريڪ ٿيڻ جا سڏ ڏيندو رهيو جئين ان ڌرڻي جي سبب ڪري متان وقت کان اڳ حڪومت ختم ٿي وڃي . ختم نبوت صه جي جنهن قانون تي سڀئي ڌريون متفق آهن ۽ جيڪو آئين جو به حصو آهي،  ان تي وفاقي وزير قانون زاهد حامد سئو ڀيرا وضاحتي بيان ڏنا ته ، “مان ۽ منهنجو خاندان الله ۽ ان جي نبي محمد صه تي ايمان آڻيندڙ آهيون ۽ نبي محمد صه کي آخري پيغمبر تسليم ڪريون ٿا “ . ان هٿ ٺوڪي باھ کي ٺارڻ لاء ان وڊيو پيغام پڻ پريس کي ڏنو ۽ ڳالهين ذريعي معامرو نبيرڻ لاء حڪومت طرفان مختلف ٽيمون موڪليون ويون ، پر مذهبي پارٽين  پاران هڪ ئي هٺي قائم ته استعيفا کان اڳ هتان نه چربو . ڪيترن ئي ڏينهن جي خاموشي بعد اسلام آباد هاء ڪورٽ پڻ ازخود نوٽس ورتو پر اهو نوٽس ائين پئي لڳو جئين ڌرڻو لڳائيندڙن جو ڏهڪاءُ عدالت تائين چڪو آهي .  ججن جي ن ليگ سان هلندڙ مخالفت سبب انهن به انصاف جي تقاضائن کي مڪمل پورو ڪرڻ بدران پاڻ کي هڪ طرفو ظاهر ڪيو . مذهبي جماعتن سان گڏ عمران خان پڻ پنهنجي سياست کي چمڪائڻ لاء مذهب جي استمعال جو طريقو اپنايو . ڇوته مذهب جي نالي ته ماڻهن جي جذبن کي آساني سان ڀڙڪائي سگهجي ٿو . قانون واري وزير نيٺ مذهبي جماعت جي ان ڪيل سازش واري سياست آڏو گوڏا کوڙي استعيفا ڏني . پر پوء به معامري جي پڄاڻي نٿي ۽  لاهور ۾ مُلن جو ڌرڻو جاري رکڻ جو اعلان ڪيو ويو . لاهور ۾ ڌرڻو هڻندڙن سوچيو ته جيڪر فيض آباد وارا پنهنجو ڌرڻو ڪامياب ڪري ڪامياب سياست ڪري  پيا وڃن ته اسان ڇو  خالي هٿين گهر وڃون؟ ڇونه اسين به ساڳيو ئي حربو اپنايون جئين ڪو نالو نڪري پئي ۽ مطالبي جي مڃتا ملي پئي . انهن وري قانون واري صوبائي وزير راڻا ثنا الله کي وزارت تان هٽائڻ جو مطالبو رکيو ۽ هڪ رٽ ٻڌي بيهي رهيا . انهن ڌرڻن جي موضوع تي  ۽ مذهب انتهاپسندي تي آزادانه طريقي سان ڳالهائيندڙ سماجي اڳواڻ رضا خان کي پڻ تازو ئي کنڀيو ويو آهي جيڪو اڃا سوڌي لاپتا آهي .  هڪ ته اڳ ۾ ئي توهين رسالت جي قانون کي ايڏو حساس بڻايو ويو آهي ،  جو ان جي نالي تي مشال خان ،  سلمان تاثير ۽ نه ڄاڻ ٻيا ڪيترا ئي انسان پنهنجيون جانيون قربان ڪري چڪا آهن . پر پوء به ڄاڻي واڻي مذهبي چڻنگ کي سياسي ڦوڪا ڏئي باھ ٻاري پئي وڃي ته جئين ملڪي حالات وڌيڪ سنگين ٿي وڃن.

مولانا ابوالڪلام آزاد چيو هيو ته : “ايشيا ۾ سياست هميشه مذهب جي پاڇي هيٺ رهي آهي . ڪيترن ئي حق پرستن جا خون آهن ، جيڪي سياست جي ڪري انهن تي مذهب جي مقدس چادر وڌي وئي . هتي مفتيءَ جو قلم ، جلاد جي تلوار جي تابع رهيو آهي ۽ جيڪي به حق پرست صداقت جي ڏوهه ۾ شهيد ڪيا ويا  آهن ، تن جي خون ۾ حڪمرانن جي تلوار سان گڏ مفتيءَ جو قلم پڻ ٻڌل رهيو آهي .“  ان جي ڳالھ وانگر هتي سياست ۾ قسمت آزمائڻ لاء به مذهب جي خاص ضرورت پوي ٿي . يا ائين چئجي جنهن مذهب سياست کي الڳ الڳ ڇيڙي تي هڪ ٻي کان بي دخل هئڻ گهرجي ، سي ٻئي هڪ ٻئي لاء لازم ملزوم بڻيون پيون آهن . نواز شريف پڻ 2013ع ۾ حڪومت ملندي ئي مذهبي جماعتن جي حمايت حاصل ڪندي انهن کي اتحادي بڻايو . عمران خان ته هونئن ئي مذهبي جماعتن جو وڏو ساٿاري آهي . عمران خان فيض آباد ڌرڻي جو پردي پويان هدايتڪار هيو ۽ هر طرح سان سهڪار ۾ شامل هيو جئين هن سان مذهبي جماعتن وارا ٺهيل رهن . ان جي ريس ۾ ئي هاڻي ته آصف زرداري به پي پي مٿان آشيرواد طور مذهبي جماعتن جو سايو رکڻ چاهي پيو ، تنهن ڪري مذهبي رنگ هڻڻ لاء علامه طاهر القادري وٽ وڃي رسيو آهي . جئين ان وٽ سياست چمڪائڻ جو مذهبي جواز هجي ۽ مذهبي جماعت طرفان ان جي حق ۾ فتوائون جاري ٿينديون رهن . گڏوگڏ پاڪستان سرزمين پارٽي جي سربراھ مصطفي ڪمال به مُڙڻ مهڻو سمجهي اڳيان وڌي علام طاهر القادري وٽ پيش پيو آهي .  هر سياسي فرد ڏسجي ته سياسي طور هو مذهب جي رنگ ۾ رنگجڻ کي پاڻ مٿان فرض ٿو سمجهي ،  پر اها ڳالهه بنهه نقصانڪار آهي . ڪنهن به ملڪ جي قوم ان جي مذهب جي آڌار تي ناهي ٺهندي ، پر پاڪستان جو جهڙي طرح وجود ئي  الڳ مذهب جي نالي سان ٿيو  تنهن ڪري هتي سياست مذهب جي تابع رهي آهي .  ورهاڱي وقت به ڌرتي ڌڻين جي صرف ۽ صرف  مذهب جي نالي تي  لاڏپلاڻ ٿي . هي اهو وقت هو جڏهن ننڍي کنڊ ۾ مذهبي انتهاپسندي جو ٻج ڇٽجي رهيو هيو . اهو ڇٽيل ٻج اڄ وڌي مظبوط وڻ ٿي چڪو آهي . اڄ انهي جون پاڙون ملڪي زمين جي پستين تائين پکڙيل  ۽ ٽاريون سڄي ملڪ ۾ ڦهليل آهن .  هاڻي نه صرف ملڪي پر غيرملڪي سياست ۾ به پنھنجا   مفاد پاسيرا رکي مذهبي نقطه نظر کي اهميت ڏني وڃي ٿي . اهو نٿو ويچاريو وڃي ته انهي ڪري ملڪي عوام ڪيترو ڀوڳي سگهي ٿو .  ڊڪٽيٽر ضياءالحق جي ڪاري دور ۾ به ڪيترن ئي افغانين کي صرف مسلمان سمجهي جيءُ ۾ جايون ڏنيون ويون ،  جيڪي اڄ جگر جي ڪئنسر جو روپ وٺي چڪا آهن . سعودي عرب ۽ يمن جي ويڙھ ۾ به پاڪستان اڳڀرو ٿي يمن خلاف فوج موڪلڻ لاء تيار ٿي بيٺو .  برما ۾ روهنگيا مسلمانن جي قتل عام تي به پاڪستان انهن کي پناھ ڏيڻ لاء اڳيان اڳيان آهي . پاڪستان جون طاقت ور ڌريون نفعي نقصان کي پاسيرو رکندي مذهب جي آڌار تي سياسي فيصلا ڪرڻ کي ئي ترجيح ڏين ٿيون ، جنهن سان سياست ۽ مذهب ٻنهي جي  اصل صورتن ۾ ايڏو بگاڙ اچي چڪو آهي جنهن کي سنواريندي ورهيه لڳي ويندا.

يورپ کنڊ ۽  مغرب جا ملڪ پڻ سياست ۾ مذهب جي داخلا جا نقصان ڏسي انکان پاسو ڪري ويا آهن . پر ايشيا اندر خاص ڪري پاڪستان هندوستان ۾ اها ڪرت چوٽ تي چڙهيل آهي .  جنهنڪري سياست ۾ جٿي مذهب جو نالو به اچڻ نه گهرجي اتي مذهب جو ڪردار انتهائي اهم بڻيو پيو آهي . ان جي نتيجي ۾  منفي اثرات سياست تائين محدود ناهن  ،  بلڪه ملڪي سلامتي لاء خطرو بڻجي پيا آهن  ۽ ملڪ جي سياسي صورتحال ۾ پڻ وڏو منفي ڦيرو اچي ويو آهي . ايڏي نقصانن ڀوڳڻ بعد هاڻي ته اسانکي سمجهڻ گهرجي ته مذهب ۽ سياست ٻه اهڙيون تلوارون آهن  ،  جيڪي هڪ مياڻ ۾ ڪڏهن ماپي ئي نٿيون سگهجن .  ٻنهي جي الڳ جڳھ آهي جتي انهن کي رکيو وڃي . ان بابت هيٺين سائين جي ايم سيد جي چوڻي حقيقتن سان مڪمل مشابهت رکي ٿي . جنهن مان اڄڪلھ جي سياستدانن کي گهڻو ڪجھ سکڻ جي ضرورت آهي . سائين جي ايم سيد مغرب سميت ٻين ملڪن جي پرک ڪري ، تاريخن جو مطالعو ڪرڻ بعد اهو نتيجو اخذ ڪيو هيو ته “ مذهب کي قومي ۽ سياسي معاملن کان عليحده ڪري ،  آئينده قوم جو وجود وطن ، زبان ،  ڪلچر ، تواريخي روايات ،  سياسي ۽ اقتصادي مفاد تي رکڻ گهرجي نه ڪي مذهب جي بنياد تي . جيڪڏهن مذهب کي سياست سان ڳنڍي هلائڻ جي وڌيڪ ڪوشش ڪئي وئي ته  ، مذهب جي هتان به ائين پاڙ پٽجي ويندي جهڙي ڪميونسٽ ملڪن مان پٽجي وئي آهي .“

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *