تازيون خبرون

مخدوم طالب الموليٰ سائين ادب جي دنيا ۾ به صف اول ۾ آهن…!: غلام مصطفيٰ جمالي

:

مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جن 9 محرم 1338 هجري بمطابق 4 آڪٽوبر 1919 تي  هالا ۾  پيدا ٿيا. خانداني دستور مطابق سندس تعليم خانگي طرح ٿي. پاڻ 25 سالن جي ورهين ۾ 18 ڊسمبر، 1944 تي حضرت غوث الحق مخدوم نوح عليه رحمت جي روحاني سلسلي جا سترهون سجاده نشين ٿيا.هن صاحب سنڌ جي تهذيبي، علمي ۽ ادبي واڌ ويجھه، سوڌ سنوار ۽ نکار ۾ جيڪو ڪردار ادا پئي ڪيو آهي، تنهن کي ڪجھه علمي ۽ ادبي حلقن خاص ڪري ترقي پسند چوائيندڙ ڌرين ۾ اها مڃتا نه ملي آهي، جنهن جو هو حقدار آهي.مخدوم صاحب جن لڳاتار سٺ سال سنڌي ادب جي جهولي ڀري، سن 1946 کان 1993 تائين سندس 25 ڪتاب شايع ٿيا آهن ۽ڪجھه مسودا اڃا اڻ ڇپيل صورت ۾  موجود آهن. ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئجي ته لڳ ڀڳ ٻن سالن ۾ هڪ ڪتاب تخليق ڪيائون.“ ڪجھه سال اڳ تائين سندس 10 نثري ڪتاب ۽ 24 شاعري جا ڪتاب شايع ٿيا آهن.مخدوم صاحب رڳو شاعر ۽ اديب ڪونه هو، پر هڪ زيرڪ سياستدان، ماهر لسانيات، موسيقي ۽ لوڪ ادب جو پارکو پڻ هو. آئون پنهنجي هن مختصر ليک ۾ سندس علم ۽ ادب لاءِ ڪيل خدمتن جو مختصر ورنن ڪرڻ ٿو گهران ته جيئن اڄوڪو نسل سائين جي حقيقي ڪردار کان واقف ٿئي ۽ سندن عظمت جو منجھن احساس پيدا ٿئي.”تذڪره مخدومان هالا“ جناب مخدوم جميل الزمان جو لکيل هن موضوع تي وڏو علمي ڪارنامو آهي. هن مضمون ۾ اسان سروري درگاهه جي 17 هين گادي نشين مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ رح جي خدمتن جي هڪڙي رُخَ يعني سندن ”تصنيفات“ بابت مختصر لفظن ۾ روشني وجهون ٿا. سندن والد صاحب حضرت مخدوم غلام محمد ”مغموم“ 1944ع – 1886 عرف ”گل سائين“ سروري گادي جا سورهون نمبر سجاده نشين هئا.پاڻ ۾ هڪ سٺا شاعر هئا سندن تخلص ”مغموم“ هو.

هن عشق جي اسلام ۾ آباد آئون آهيان.

دلشاد آئون، دلشاد آئون، دلشاد آئون آهيان.

حضرت مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ رح، آڪٽوبر 1919ع – 11 جنوري 1993ع پاڻ 1934ع کان پنهنجي شاعري جو آغاز ڪيائون. سندن لازوال ۽ پربهار شاعري ۾ سلاست ۽ سادگي، سچائي محبت ۽ دعائن جا عمدا عمدا لفظ نظر اچن ٿا.

منهنجو ته وار وار ٿو دمدم دعا ڪري،

ڪوسو لڳي نه واءُ سڄڻ کي، خدا ڪري،

هڪ سِرَ هو، سو ته يار جي قدمن تي مون رکيو،

هن کان وڌيڪ بنده ناچيز، ڇا ڪري؟

هن مقالي ۾ ان حضرت طالب الموليٰ جي تصنيفات جو ذڪر ڪنداسين.
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ لکن ٿا. ”مخدوم صاحب جن لڳاتار سٺ سال سنڌي ادب جي جهولي ڀري، سنه 1967ع کان 1993ع تايئن يعني 47 سالن ۾ سندن 34 ڪتاب شايع ٿيا آهن ۽ ڪجهه مسودا اڃا به اڻ ڇپيل صورت ۾ موجود آهن. ٻين لفظن ۾ ايئن کڻي چئجي ته لڳ ڀڳ ٻن سالن ۾ هڪ ڪتاب تخليق ڪيائون. سندن ڪتابن ۾ شعر، نثر، تصوف ۽ تحقيق ۽ تنقيد جا ڪتاب شامل آهن. ڏسو صفحو7
سندن هڪ ڪتاب”مصري جو تڙون جيڪو 1945ع ۾ شايع ٿيو ان جو انگريزي ۾ ترجمو سن 1998ع ۾ ۽ ڊاڪٽر حبيب الله صديقي ڪيو.مخدوم صاحب جي ڪتابن ۾ ديوان طالب الموليٰ به شامل آهي. جيڪو سنڌي شاعري جي تاريخ ۾ 35 نمبر ديوان آهي.
ناليوارو اسڪالر محقق ۽ نقاد ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو صاحب لکن ٿا ته:
حضرت مخدوم غلام محمد ”گل سائين“ جن جا فرزند مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ ويهين صدي جي عظيم شاعر طور ڄاتا وڃن ٿا.پاڻ شعر سان گڏ نثر ۾ به صاحب طرز رهيا، ان کان سواءِ نو لکي گودڙي جا رهبر توڙي سياسي رهنما رهيا. سائين طالب الموليٰ جن بزم طالب الموليٰ جو بنياد وڌو. ان سلسلي ۾ تصنيف ۽ تاليف ۽ شاعري جو سلسلو اڄ به رڪارڊ تي آهي. رسالي روح ادب، رسالي شاعر ۽ رسالي فردوس جي اشاعت سندن مرهون منت رهي. پاڻ ٻه ڀيرا سنڌي ادبي بورڊ جا چيئرمين رهيا. بزم طالب الموليٰ جي تنظيم کان سواءِ به هن شمع ادب تي پروانا نڇاور ٿيڻ لڳا. متبدي ۽ نوجوان شاعر ته خير پر مولانا گرامي غلام محمد، سرشار عقيلي ۽ احسن الهاشميءَ جهڙا بلند معيار ۽ قادر الڪلام شاعر به سائين جي محفل جا سينگار هئا. بيت ته بيت پر غزل ۽ ڪافي جا به پاڻ بهترين شاعر هئا. ”ديوان طالب الموليٰ“ ۽ ” ڇپر ۾ ڇڙيون، اهڙي شاعري جي ثابتي لاءِ موجود آهن. پاڻ ڪافي جي نئين سر ترويج لاءِ ڪوشان رهيا ۽ اهواثر به گرامي، سرشار، غني، اسدالله بيخود ۽ ٻين تي رهيو. ادبي ڪانفرنسون به منعقد ڪرايائيون، مطلب ته بهترين ادبي ماحول قائم ٿي ويو. برابر سندن رهنما واري دور ۾ ٻيا به استاد شاعر هئا پر طالب الموليٰ سائين جن جو ڌاڪو چؤطرف هو. حقيقت ۾ مجاز جا ترجمان هئا. حقيقت ته تصوف مان ڄاتي وڃي ٿي ۽ مجاز جو رنگ به چوکو آهي. هن مجازي ميدان تي ڪونتل ڪُڏائڻ ۾ سندن مٽ ڪونه ڏٺو ويو.

ڪافين جا هي ٿل ئي اهڙي ساک ڀرين ٿا.

سهڻل جا سينگار واهه واهه دل کي وڻن ٿا.

تو دلڙي يار ڌُتاري، پوءِ ير ڪان ڪيئي پوئواري.

ڪافين جي تال ۽ موسيقي سان واقفيت سبب ان جي مڙني لوازمات کي مڪمل طور ورتائون ۽ سندن حلقي توڙي ٻين ڪافي جي شاعرن سندن پيروي ڪئي. عزل جا به سائين طالب الموليٰ قادر الڪلام شاعر هئا.”ديوان طالب الموليٰ“ جو مطالعو ڪبو ته سندن عزل گوئي جو داد ڏئي سگهبو. غزل جا موضوع هجر و فراق توڙي مڪمل معامله بندي سمجهه ۾ ايندي. مقتل ۽ محفل جو موازنو هيئن ڪن ٿا.

 

” هو محفل ۾ ئي ماري ٿو ته مقتل مان اسان جو ڇا؟

شهيد ناز آهيون تيغ، قاتل سان اسان جو ڇا؟

غزل جي موضوعن ۾ مئخانن جو استعارو عام آهي. سائين طالب الموليٰ وٽ به اهڙا ڪئين مثال آهن، فرمائين ٿا ته:
”ڪياسون وِرَهه وارن جا، وري آباد مئخانا،

پياسن کي پياريِ پرت جا پُر ڪيف پئمانا،

چکي جن سوز جي سرڪي ڇڏيو تن مئي پرستي کي،

شراب شوق مان هڪدم، ٿيا مهمير مستانا.

سندن سمورو ڪلام معنوي خوبين ۽ صنعتن سان مزين آهي.

”خدا جو قسم آ، رڳو درد و غم آ،

رڳو درد و غم آ، خدا جو قسم آ.

نثر ۾ به طالب الموليٰ رح جون تحريرون داد تحسين حاصل ڪري چڪيون آهن ۽ تحقيق ۾ به سائين طالب الموليٰ جا ڪتاب”ڪافي، ياد رفتگان ۽ مقالا بلند معيار جا آهن. نو لکي گودڙي جا مالڪ ۽ عوامي سياست جا شهسوار هجڻ سان گڏ مخدوم طالب الموليٰ سائين ادب جي دنيا ۾ به صف اول ۾ هئا ۽ رهندا.
سندن سوانح حيات ۽ علمي ادبي خدمتن تي اڃا به گهڻو ڪم ڪري سگهجي ٿو.
سندن باري ۾ ادبي ڪانفرنسون ڪجن ۽ مقالا لکائجن تڏهن مس هن ضروري خدمت کان عهده برا ٿي سگهبو (ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو) طالب الموليٰ رح جي ڪتابن جو تفصيل ڪجهه هن طرح آهي:

نثر

اسلامي تصوف: 1951ع ۾ ڇپيو

شيطان، 1951ع ۾ ڇپيو

خود شناسي 1952ع ۾ ڇپيو

امام غزالي جا خط 1953ع ۾ ڇپيو

ڪافي 1958ع ۾ ڇپيو

لغات سنڌي مخففات 1991ع ۾ ڇپيو

چهنڊڙيون 1992ع ۾ ڇپيو

مضامين طالب الموليٰ 1998ع ۾ ڇپيو

ڪچڪول 1955ع ۾ ڇپيو

مرتب پروفيسر محبوب علي چنا
يادرفتگان 2 حصا 1953ع ۾ ڇپيو

نظم

بهار طالب 1946 ۾ ڇپيو

رباعيات طالب 1949ع ۾ ڇپيو

مثنوي عقل و عشق 1955ع ۾ ڇپيو

ڇپر ۾ ڇڙيون 1971ع ۾ ڇپيو

ديوان طالب الموليٰ 1982ع ۾ ڇپيو

بي پير اکيون 1987ع ۾ ڇپيو

شان سروري 1962ع ۾ ڇپيو:

مرتب محبوب سروري
مصري جون تڙون 1965ع ۾ ڇپيو،

انگريزي ترجمو ڊاڪٽر حبيب الله صديقي

1998ع

انتخاب طالب 1993ع: مرتب مخدوم جميل الزمان

دلربا دلربا 1985ع، مرتب مخدوم جميل الزمان
آب حيات 1991ع ۾ ڇپيو

سنڌ جو شڪار اڻ ڇپيل

بياض طالب الموليٰ اڻ ڇپيل

سماع العاشقين اڻ ڇپيل

بهارستان 1994ع ۾ ڇپيو

سنڌي ادبي بورڊ هڪ اهم ترين ادارو آهي، جنهن سنڌي ٻولي ۽ ادب جي ڦهلاءَ ۾ لازوال رول ادا ڪيو آهي. مخدوم صاحب وڏي عرصي تائين ان اداري سان منسلڪ رهيا. پهريان پاڻ ان جي گورنگ باڊي جا رڪن هئا، پوءِ اڳتي هلي ان اداري جا سرواڻ بنيا. سندن سرواڻي وارو دور بورڊ جو سونهري دور ليکيو وڃي ٿو. محترم غلام رباني آگري پنهنجي نامور ڪتاب ”جهڙا گل گلاب جا“ ۾ مخدوم صاحب جي حوالي سان هڪ پروفائيل لکيو آهي. تنهن مان هڪ ٽڪرو ڏجي ٿو:

”مون مخدوم صاحبن کي سنڌي ادبي بورڊ ۾ ڏهه پندرهن ورهيه ويجھڙو ڏٺو. سندس شوق ۽ شغل ٻه هوندا هئا: هڪ ڪتاب ۽ ٻيو راڳ. جوانيءَ جي زماني ۾ به، جڏهن سنڌ جا ڪي پير اٺ ۽ گھوڙا ۽ ڪي وري ڪتا ۽ سوئر پاليندا آهن، اتي مخدوم صاحب اديبن ۽ شاعرن جي پرورش ڪندو هو. رسالا ۽ ڪتاب ڇپائيندو هو. اڳتي هلي، سنڌ جي ممتاز اداري سنڌي ادبي بورڊ جو صدر مقرر ٿيو. بورڊ جي ميٽنگن ۾ ايندو هو ته ٽي اي بل نه وٺندو هو. مخدوم نوح رحه وارو قرآن ڪريم جو تاريخي نسخو بنا ڪنهن اجوري جي، بورڊ کي ڇپڻ لاءِ ڏنائين، پر ٻين چڱن ڀلن بيٺلن ماڻهن ۽ خود بورڊ جي ميمبرن وانگر بورڊ کان معاوضو ڪونه ورتائين. ورندو، پيڪيجز لميٽيڊ لاهور وارن کان بورڊ کي ان ڪم لاءِ ڪجھه مالي امداد وٺي ڏنائين. ان زماني ۾ حيدرآباد ۾ وٽن ٻه گهر هئا، هڪ گاڏي کاتي ۾ ۽ ٻيو سول لائينس ۾. بورڊ کي آفيس لاءِ جاءِ گهربل هئي. مخدوم صاحب سول لائينس وارو بنگلو بورڊ کي ڏنو. اڳتي هلي بورڊ کي معلوم ٿيو ته مخدوم صاحب کي اهو بنگلو وڪڻڻ جو ارادو آهي. بورڊ کيس عرض ڪيو ته بنگلو اسان کي ئي وڪڻو. جنهن قيمت تي پاڻ ٻه چار سال اڳ ورتو هئائين، ان قيمت تي بورڊ کي ڏنائين. اڳتي هلي سندن سياسي مخالفن انهيءَ ڳالهه تي به اعتراض واريو ۽ سندس احسان کي سندس ئي خلاف استعمال ڪيو. مخدوم صاحب ماٺ ڪري بورڊ کي پئسا موٽائي ڏنا ۽ گهر واپس ورتو. پنهنجي مخالفن کي ڪڏهن زبان سان به برو ڀلو ڪونه چيائين. ويهين صديءَ ۾ شاهه عبدالڪريم بلڙي واري جي صبر جي روايتن کي تازو ڪري ڇڏيائين.“ ڪجھه عرصو اڳ سائين سابق ڊين آف سوشل سائنسز ۽ ڪافي ڪتابن جي ليکڪ پروفيسر غلام حسين خاصخيلي صاحب سان ڳالهه ٻولهه ٿي. تنهن صاحب گفتگو دوران هڪ انوکو رايو ڏنو ته جڏهن ورهاڱي جي صورت ۾ علم و ادب ۾ هڪ خال پيدا ٿيو، تڏهن هالا جي اديبن، شاعرن ان خال کي پر ڪرڻ ۾ هڪ ڪردار ادا ڪيو. ان عرصي ۾ يقينن انهن هالا جي اديبن، شاعرن جو سرواڻ سائين طالب الموليٰ ئي هو. ان زماني ۾ سائين جي نگراني توڙي مالي سهائتا سان ڪافي ادبي رسالا شايع ٿيا، جن مان ”شاعر“ ۽ ”فردوس“ انتهائي معروف آهن. گڏو گڏ ڪيترائي ادبي ميڙاڪا، مشاعرا، سگھڙ ڪچهريون، راڳ رنگ جو محفلون منعقد ٿيون، جن جو روح روان مخدوم صاحب جن هوندا هئا.

ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب ڪافي سگهڙ ۽ ظرافت ڪانفرنسون منعقد ڪرايون آهن. ”رهاڻ هيرن کاڻ“ جي ڪافي ليکن ۾ انهن جي  انعقاد ۾ مخدوم صاحب جيڪو ساڻن سهڪار ڪيو، تنهنجو هن برملا اظهار ڪيو آهي.مٿين مذڪور مان پڌرو آهي ته مخدوم صاحب سنڌ جي حقيقي تهذيبي تشخص کي نکارڻ ۾ ڀرپور ڪردار پئي ادا ڪيو آهي. کيس ڀيٽا ڏيڻ لاءِ ضروري آهي ته هن صاحب جي ڏسيل راهه تي رمندو رهجي.هي اعليٰ و ارفع شخص 11 جنوري 1993 تي هن فاني دنيا کي ڇڏي ويو. سندن تدفين 12 جنوري 1993 تي هالا ۾ درگاه شريف ۾ ڪئي ويئي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *