تازيون خبرون

محترمه جي 9 ورسي جي حوالي سان…، ڊسمبر تون وري آئين شهيد راڻِي جا گهاءُ کڻي….!!!! : غلام مصطفيٰ جمالي

ڊسمبر تون وري آئين..ها ڊسمبر جڏهن به ايندو آهي. ته ڪيتريون تلخ يادون ساڻ کڻي ايندو آهي.جيڪي يادون اندر جي گهاوُن کي هڪ دعفو ٻيهر تازو ڪري ڇڏينديون آهن.ها انهن گهاون مان هڪ گهاءُ اهو به آهي جيڪو27ڊسمبر2007ع اندر لياقت باغ راولپنڊي ۾ سموري ملڪ جي سينن اندر سور بڻجي هميشه لاءِ نه وسرندڙ هڪ اهڙي تاريخ باب لکجي ويو.جنهن تاريخ اندر پاڪستاني قوم پنهنجي هڪ سچي ۽ بهادر ليڊر کان هميشه لاءِ محروم ٿي وئي.اها تاريخ گواه آهي ته سنڌ جي سپوتن هميشه پاڻ ملهائي آهي.پنهنجي جانين جا نظرانا ڏئي.شهادتون ماڻي هميشه لاءِ پنهنجي ملڪ.قوم جو مان ۽ ڳاٽ اونچو ڪيو آهي.اهو به وقت هيو جڏهن پاڪستان ۽ پاڪستاني قوم مٿان آمريت جي ڪارو طوفان هو جيڪو هر طرف ملڪ جي ماحول کي هيسائيندڙ ۽ ڊڄاريندڙ بنايو ٻيٺو هو.عوام کان سندس رهڻ ۽ جيئڻ جا حق کيسا پئي ويا.۽ آمريت قوتون ملڪ جي سموري وسيلن تي قبضو ڪرڻ لاءِ قابض ٿي چڪيون هنيون.۽ ان وقت ڪو به اهڙو ليڊر نه هيو جيڪو انهي آمريت جي طوفان کي روڪي سگهي. ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا سان گڏ انڌيري نگري چرٻٽ راجا واري مثال جيان ان وقت جا حڪمران حڪومتون هلائي رهيا هئا. ۽ عوام ظالم، جابر حڪمرانن جي عتاب هيٺ هيو ته اهڙي بدترين صورتحال۾ سنڌ ۾ هزارين سالن واري تاريخ ۽ تهذيب رکندڙ ڌرتي موئن جو دڙو جي اوٽ ۾ ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ جنم وٺندڙ ذوالفقار علي ڀٽو جي گهر جي لاڏلي ڌي محترمه بينظير ڀٽو هئي جنهن انهي آمريت کي للڪاريو هيو ۽ هو ميدان تي لهي آئي هئي. جيڪا عوام ۽ جمهوريت جي بقا لاءِ وڙهندي وڙهندي تاريخ جي ڪارين راتين ۾ سجاڳي جا سڏ ڏيندي شهادت جو جام نوش ڪري وئي ۽ ايندڙ نسلن لاءِ هڪ مثال بڻجي وئي. جڏهن شهيد ڀٽو جي لاش جي ٺري ويل پيرن تي شهيد راڻي جا ٻرندڙ چپ پيا هيا. ۽ پوءِ شهيد راڻي بينظير ڀٽو به پنهنجي بابا جيان هن قوم مٿان تاريخي قرباني ڏني پر بينظير ڀٽو جا ڪونڌر ڀائر ۽ سوين ڪارڪنن شهادت جو جام نوش ڪري ويا. پر اڄ به ڀٽو جو فڪر مات ناهي کائي سگهيو ۽ دنيا جي نقشي تان آمريت جون پاڙون اکڙي رهيون آهن. جون 1953 ۾ ڪراچي شهر ۾ ڀٽي خاندان جي گهر ۾ جنم وٺندڙ هي شهيد نياڻي جنهن جي باري ۾. قدرت کانسواءِ ڪنهن کي به اندازو نه هو ته هيءَ ٻارڙي هڪ ڏينهن عالمي سياسي مفڪرن ۽ اڳواڻن ۾ هڪ منفرد حيثيت ماڻيندي. ها اهائي ٻارڙي به رڳو قوم جي فڪر ۽ درد رکندي هئي پر هوءَ بهادري جو اعلا مثال هئي. هوءَ عوام کي طاقت جو سرچشمو سمجهندي هئي. هن جو ويساهه سدائين عوام ۽ جمهيوريت ۾ رهيو ۽ ان ئي جمهوريتجي راهه تي هلندي هڪ ڏينهن شهادت ماڻي امر ٿي وئي. هوء جڏهن عوام کان پري ٿيندي هئي ته پاڻ کي ڪنهن قيد ۾ ڀائيندي هئي. 18 آڪٽوبر 2007 جو ڏينهن مون کان نه وسرندو جنهن ڏينهن هوءَ جلاوطني ختم ڪري پنهنجي ملڪ پاڪستان عوام ۾ واپس آئي ۽ تمام گهڻو خوش هئي، سندس خوشي جي اهڙي انتها هئي جو سندس اکين ۾ خوشيءَجا ڳوڙها وهي نڪتا هئا.جنهن جي اچڻ تي ملڪ جون مائرون ۽ ڀينرون به اڇنگارون ڏئي رنيون هنيون. آڪٽوبر 2007ع خميس به هڪ اهڙو ئي ڏينهن هو، جڏهن پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرپرسن محترمه بينظير ڀٽو 8 سالن جي جلاوطني بعد پاڪستان واپس آئي هئي. ساڻس گڏ صحافين کان علاوه 200 پارٽي جا ڪارڪن به ها. سندس ڪراچي آمد جي موقعي تي سندس لکين مداح سموريون رڪاوٽون ٽوڙي پنهنجي هر دل عزيز اڳواڻ جي هڪ جهلڪ ڏسڻ لاءِ ڪراچي ايئرپورٽ پهچي ويا هئا. محترم بينظير ڀٽوشهيد کي اندازو هو ته جمهوريت ۽ سندس دشمن پاڪستان ۾ سندس آمد کي پسند نٿا ڪن ۽ سندس جان کي شديد خطرا ٿي سگهن ٿا. انهن سمورن انديشن باوجود محترمه بينظير ملڪ ۾ جمهوريت جي بحالي عوام جي والهانه محبت ۽ جمهوري ادارن جي استحڪام لاءِ پاڪستان واپس آئي.جڏهن ته شهيد راڻي ۽ سندس زندگيء جو مطالعو ڪيو وڃي ته سڄي جدوجهد هڪ لفظ جي ئي چوڌاري ڦرندي نظر ايندي ۽ اهو لفظ آهي ”جدوجهد،“ آهي.جنهن جي معنى آهي ته هر قدم اڳتي لاءِ وڌي ۽ وک وک تي نئين منزلن کي جنم ڏجي. سندس حياتي شاهه لطيف جي ان بيت جي عڪاسي آهي

سرجيس ته سور، سامايس ته سک ويا

اهي ٻئي پور، مون نماڻيء نصيب ٿيا

هي ڀٽو خاندان آهي جنهن هميشه قربانيون ڏنيون.شهادتون ماڻيون.هن شهيد راڻي ونگر سنڌس والد تاريخ جي شهيد ليڊر ذوالفقار علي ڀثو جنهن کي1979اندر اڊيالا جيل اندر تخته دار تي چاڙهي ڪري.خاموشي سان سندس ميت جي لاڙڪاڻي آڻي ڪري ڪجه ماڻهن جي وچ ۾ سندس جنازي نماز پڙهي ڪري ڳڙهي خدا بخش جي مٽي جي هنج ۾ سمهاريو ويو هو.هن وقت ماڻهو جو اهو ئي چوڻ هو ته ڀٽن جي شهادت جو زمانو شروع ٿي چڪو آهي.۽ اها به حقيقت آهي ته پنهنجي قوم ۽ ملڪ کان ڊگهو پري گذاريندڙ محترمه شهيد راڻي جڏهن پاڪستان پهچي ٿي تي سندسشاندار آجيان ڪيو ٿو وڃي.۽ جڏهن هو. ياقت باغ ۾ جلسو ٿي ڪري ته کيس گولي هڻي شهيد ڪيو ويو. لياقت باغ مان جلسي کي خطاب ڪري هوءَ جيئن ئي واپس موٽي رهي هئي ته فائرنگ ڪري محترمه تي گوليون هلايون ويون ۽ ان کان فوري پوءِ خودڪش بم ڌماڪو ٿيو. ان سانحي ۾ محترمه بينظير ڀٽو سان گڏ 18 کان وڌيڪ ماڻهو شهيد ٿيويا. جڏهن ته لڳ ڀڳ 50 ماڻهو به زخمي ٿي ويا. محترمه بينظير ڀٽو تي ان کان اڳ ۾ 18 آڪٽوبر تي ڪراچيءَ ۾ جلسي دؤران بم حملو ڪيو ويو هو. گذريل ڪيتري ئي وقت کان محترمه بينظير ڀٽو سيڪيورٽي جي خدشن کان آگاهه ڪري رهي هئي ۽ مختلف وقتن تي ان جي سيڪيورٽي انچارج رحمان ملڪ پڻ سيڪيورٽي جي سنگين خطري بابت آگاهيپئي ڏني. ايتري تائين جو محترمه بينظير ڀٽو جي سيڪيورٽي لاءِ جيڪي جيمر ڏنا ويا هئا اُهي پڻ ناڪاره نڪتا.انهن سڀني خدشن باوجود حڪومت محترمه بينظير ڀٽو جي سيڪيورٽي تي ڪو به ڌيان نه ڏنو ۽ ان جو نتيجو جنهن راولپنڊي ۾ هڪ اهڙي سانحي ۽ المئي کي جنم ڏنو، جنهن مان پاڪستان ايندڙ وڏي وقت تائين نڪري نه سگهندو. محترمه بينظير ڀٽو پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرپرسن هئڻ سان گڏ مسلم دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم هئي کيس ملڪي ۽ بين الاقوامي سياست، ثقافت ۽ عالمي تعلقات جي علم تي عبور محترمه بينظير ڀٽو هميشه لاءِ اسانکان وڇڙي وئي. ۽ هوءَ ذوالفقار علي ڀٽو کانپوءِ پاڪستاني عوام جي اڪيلي محبوب اڳواڻ هئي. محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت جي خبر جيتوڻيڪ هيءَ سٽونلکڻ تائين ويساهه ۾ نٿي اچي پر تلخي، غم ۽ قيامت صغريٰ جهڙي رات پوري سنڌ ۾ ڇانئجي وئي هئي ۽ اها رات بلوچستان، سرحد ۽ پنجاب وارا به پنهنجي مٿان طاري ٿيندي محسوس ڪئي وئي هئي. اڄ اسان کي ڪارساز پل وارو سانحو وري اکين اڳيان آهي جنهن ۾ بينظير ڀٽو پنهنجي مٿان ٿيل خودڪش حملي جو ذميوار “ضياءَ جي باقيات” کي قرار ڏنو هو. جنهن اجتماعي ڏک جي اسين ڪيفيت ۾ آهيون ان ۾ اسين ڪنهن کي ياد ڏياريون ته انهن 3 ماڻهن جا نالا جيڪي صدر مشرف کي محترمه بينظير ڀٽو هڪ خطجي ذريعي اماڻيا هئا، انهن جو حساب ڪتاب ڪيئن ٿيندو؟ هيءُ معمولي نقصان ناهي جنهن جو ازالو ٿي سگهي. قومن۾ ڪي ليجنڊز اهڙا ٿيندا آهن جن جو موت هڪ قوم جي اجتماعي شعور، ضمير ۽ هڪ پوري نسل جو الميو بڻجي ويندو آهي ۽ سنڌ سان المئي جي اها تاريخ واري واري سان هڪ اضافي باب سان جوڙي وڃي ٿي.اسين طاقتور رياست آڏو ڪهڙو مطالبو ۽ ڪهڙي التجا رکون؟ ڇو ته ذوالفقار علي ڀٽي، شاهنواز ڀٽي،مير مرتضيٰ ڀٽي جي قتلن متعلق ڇا اسان جو داد فرياد ٻڌو ويو آهي؟ اسان محترمه بينظير ڀٽو واري سانحي کي پاڪستاني تاريخ جو عظيم قضيو سمجهون ٿا ۽ ان قضيي جو فرياد آسمانن واري ڏانهن آهي ۽ فقط آسمانن وارو ئي ان جو ازالو ڪري سگهي ٿو.اوڀر جي نياڻي، سنڌ جي ملير جي مارئي، پ پ چيئرپرسن محترمه بينظير ڀٽو جي 18 آڪٽوبر تي وطن واپسي هاڻي لڳي ٿو ڄڻ شهادت ماڻڻ لاءِ هئي؟! محترمه بينظير ڀٽو جيڪڏهن ڪارساز پل واري سانحي کانپوءِ خوف کائي ماٺ ڪري ويهي ها يا ٻاهرين ملڪي هلي وڃي ها ته هوءَ زنده رهيسگهي پئي پر عوام سان ڪمٽمينٽ ۽ جمهوريت جي راهه۾ هـُـن پنهنجي جان جي به پرواهه نه ڪئي ۽ اهو ڄاڻندي به اُن جي سيڪيورٽي جي حوالي کان ڪهڙا Lapses آهن هوءَ پنهنجي ماڻهن کان پري نه ٿي ۽ عوام جي وچ ۾ هـُـن پنهنجي جان جو نذرانو ڏئي ذوالفقار علي ڀٽي جو ڪال ڪوٺڙيءَ مان سالگرهه جي موقعي تي موڪليل عوام واري تحفي جو ڀرم رکيو ۽ پاڪستان ۽ سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ نه ختم ٿيندڙ الميو ڇڏي وئي

 

 

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *